افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
ڪارل ماڪس
ڪارل مارڪس جديد ڪميونزم جو باني آهي . جرمني ۾ پيدا ٿيو . بون ۽ برلن ۾ تعليم حاصل ڪيائين ۽ فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين . شروع ۾هڪ آزاد خيال اخبار جي ادارت ڪيائين ، اخبار ۾ هن جا انقلابي مضمون ڇپندا رهيا جنهن جي ڪري 1843 عيسوي ۾ اخبار بند ڪيو ويو. مارڪس پيرس هليو ويو جٿي هن جي ملاقات چند سوشلسٽ اديبن ۽ ليڊرن سان ٿي جن ۾ اينگلس به شامل هيو جيڪو پاڻ به اشتراڪيت جو وڏو ساراهيندڙ هيو.1845 عيسوي ۾ مارڪس کي پيرس کان به ڪڍيو ويو ته پوءِ هو بيلجيم هليو ويو. پهرين ملاقات ۾ اينگلس سان دوستي جو رشتو ڳنڍجي ويو هيس . هنن ٻنهن ملي ڪري برسلز ۾ ڪم ڪيو ۽ گڏيل منشور (ڪميونسٽ ميني فيسيٽو) شائع ڪيائون. اهو منشور 1848 عيسوي ۾ لنڊن ۾ منعقد ڪميونسٽن جي سالانه اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو. هن منشور ۾ اها دعوى آهي ته سرمائي دار طبقا محنت ڪش طبقن مان ناجائز فائده وٺن ٿا. تنهن ڪري محنت ڪش وارن کي سماجي انقلاب برپا ڪرڻ گهرجي جيئن دولت پيدا ڪرڻ جي سڀنن ذريعن فيڪٽرين ، ڪارخانن ، بينڪ ۽ زمين وغيره قومي ملڪيت بنجي وڃن ۽ رياست جو نظام محنت ڪش جي چونڊيل نمائيندن جي هٿ ۾ اچي وڃي. هن کان پوءِ مارڪس جرمني هليو ويو ۽ هتي انقلابي تحريڪن ۾ حصو ورتائين . مارڪس پنهجي بقيه زندگي لنڊن ۾ ڪميونزم جي پرچار ڪندي گذاري. 1884 عيسوي ۾ مزدورن جي پهرين ڪميونسٽ انٽرنيشنل ( بين الاقوامي انجمن) قائم ڪيائين ۽ گهڻا ڪتاب لکيائين . پنج سالن کان پوءِ جرمني ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي بنائڻ ۾ حصو ورتائين . آخري چند سالن ۾ پنهجي مشهور ڪتاب (داس ڪپتال) جي تصنيف ڪرڻ ۾ گذاريائين . سڄي جمار نهايت تنگدستي ۽ مفلسي ۾ گذاري ڇڏيائين. لنڊن ۾ انتقال ڪيائين ۽ هتي ئي دفن ٿيو.
لينن
روسي انقلابي ، ڪميونسٽ پارٽي جو باني ۽ سوويت يونين جو پهريون حڪمران. سم برسڪ (هاڻوڪو اليافوفسڪ) ۾ پيدا ٿيو. ڪازان يونيورسٽي ۾ قانون ۾ تعليم مڪمل نه ڪري سگهيو ڇو ته هن جو ڀاءُ اليگزنڊر کي زار روس کي اليگزنڊر 3 جي قتل جي سازش ۾ ملوث هجڻ جي پاداش ۾ ڦاسي ڏئي ڇڏي. لينن جلد انقلابي سوشلسٽ تحريڪ جو رڪن بڻجي ويو جنهن جي ڪري ٻه دفعه ملڪ بدر ڪيو ويو.
1900 عيسوي ۾ هن روس کان موڪلائي وڃي سويٽزرلينڊ ۾ رهائش اختيار ڪيائين . 1903 ۾ رشين سوشل ڊيموريٽڪ پارٽي جي لنڊن ۾ ڪانفرنس جي موقعي تي هن کي باشويڪ ڌڙي جو ليڊر چونڊيو ويو . روس چاپان جنگ (1905) جي پڄاڻي تي ، مختصر عرصي لاءِ روس واپس آيو ، پر پنهنجي منصوبي جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿيو. ايندڙ ٿورڙي عرصي جي دوران هن انقلابي جريده اسڪرا (چنڳاري) جي ادارت ڪيائين ڪيترائي نظرياتي ڪتاب تحريڪون ۽ انقلابي مهم جوئن کي منظم ڪيو.
اپريل 1917 عيسوي ۾ روس جي انقلاب کان پهرين مرحلي جي فورن بعد ، جرمني فوجي حاڪمن جي مدد سان روس واپس آيو . جرمنين جو خيال هيو ته روس ۾ هن جي هجڻ سان روس جون جنگي ڪوششن ۾ خلل پوندو. هن روس جي عبوري حڪومت (جنهن جو سربراھ ڪيرنسڪي هيو) جي مخالفت ڪئي ۽ 11 اڪتوبر 1917 عيسوي ۾ هن جو تختو الٽو ڪري سويت حڪومت جي تشڪيل ڪئي جنهن جو هو چيئرمين هيو . هن کان پوءِ يڪدم جرمني سان صلح ڪري ڇڏيائين.
هن وقت سڄي يورپ ۾ بد نظمي ڦهليل هئي. انقلاب جي دشمنن ٻائيتال مچائي رکيو ۽ مغربي طاقتن روس جي ناڪه بندي ڪري ڇڏي هئي. نيٺ لينن سڀنن مشڪلاتن تي قابو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ هن جي فوج مخالفن کي ڪچلي ڇڏيو . 1919 عيسوي ۾ هن ڪامنٽرن جي تشڪيل ڪئي ۽ ايندڙ ٿورڙي عرصي ۾ نئي سوييت جمهوريه کي مستحڪم ڪيو. لڳاتار ڪم ڪرڻ جي ڪري هن جي صحت جواب ڏئي ڇڏيو . هن جو مقبرو ماسڪو جي ڳاڙهي چونڪ ۾ آهي جتي لکين ماڻهو هن جي شيشي جي تابوت ۾ بند پيل لاش جي ديدار لاءِ ايندا آهن.
اسٽالن
روس جو سياسي ليڊر ، اصل نالو جوزف وينار يونو زخگاس وِلي. اسٽالن (مرد مجاهد) هن جو لقب هيو . موچي جو پٽ ، سوييت جمهوريه جارجيا ڳوٺ گوري ۾ پيدا ٿيو . طفلس (جارجيا) جو هڪ ديني مدرسي ۾ داخله ورتائين پر مارڪسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جي ڪري ڪڍيو ويو.1880 عيسوي ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ ٻن حصن ۾ ورهائي جي وئي ته بالشويڪ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين . ڪيترائي ڀيرا سائيبريا جلا وطن ڪيو ويو. 1913 عيسوي قيد ڪيو ويو . فيبروري 1917 عيسوي آزاد ٿيو ۽ لينن جو ويجهڙو ساٿي بڻيو .آڪٽوبر 1917 عيسوي جي انقلاب ۾ سرگرمي سان حصو ورتائين ۽ انقلاب کان پوءِ اقليتن جو وزير مقرر ٿيو . 1920 عيسوي کان 1923 عيسوي تائين انقلابي ڪونسل جو رڪن رهيو . 1922 عيسوي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل منتخب ٿيو .1924 عيسوي لينن جي وفات کان پوءِ ٽراسڪي ۽ زيونوويف سان گڏ حڪومت ۾ شريڪ رهيو 1941 عيسوي ۾ سوييت يونين جو وزير اعظم بڻيو. هن جي دور ۾ پنج سالن جو منصوبو جي هيٺان سوييت يونين زراعت ۽ صنعت ۾ بي پناھ ترقي ڪئي . فوجي طاقت ۾ به گهڻن يورپي ملڪن جي هيسي جيسي ٿي ويو .1941 عيسوي نازي جرمني سوييت يونين تي حملو ڪيو ته هن سپريم ڪمانڊر جي حيثيت سان روسي فوج جي قيادت ڪئي.
ڪاسترو
ڪيوبا جو انقلابي رهنما . شروعاتي تعليم سانتياگو ۾ حاصل ڪيائين . 1942 عيسوي ۾ هانا ويو . 1950 عيسوي ۾ هانا يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري ورتائين . هن ئي دوران ٻن سون انقلاب پسند طالب علمن جو هڪ گوريلا منظم ڪيو ۽ 26 جولائي 1053 عيسوي سانيتاگو جي فوجي بيرڪن ۾ حملو ڪري گهڻن فوجين کي هلاڪ ڪري ڇڏيائين . وڏي ويڙھ کان پوءِ هن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيوبا جي آمر حڪمران باتستا جي حڪم تي 15 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي. 1956 عيسوي ۾ ڪيوبا جي پارليمنٽ سياسي قيدين جي معافي جو قانون منظور ڪيو ته ڪاسترو ۽ هن جا ساٿي به آزاد ڪيا ويا . آزاديء کان پوءِ ميڪسيڪو ۽ باتسا حڪومت جي خلاف ڇاپه مار جنگ جي لاءِ ڪيوبا جي نوجوانن جي هڪ ننڍڙي فوج ٺاهي. 2 ڊسمبر 1956 عيسوي ۾ اها فوج ڪاسترو جي زير ڪمان هيٺ ڪيوبا جي صوبي ۽ ٽينٽ جي ساحل تي لٿي . ڪيوبا جي هزارين نوجوان هن فوج ۾ شامل ٿي ويا ۽ 1958 عيسوي جي پڄائي تائين گوريلا جنگ باقائده جنگ جي صورت اختيار ڪري ورتي . جنوري 1959 عيسوي ۾ باتسا فرار ٿي ويو ۽ ڪيوبا ۾ ڪيميونسٽن جو قبضو ٿي ويو.
ڊاڪٽر ڪاسترو نهايت هوشياري سان پنهجن سياسي نظرياتن کي ڳجهيو رکيو . امريڪي سي آئي آي آخري گهڙي تائين هنن کي ڪميونسٽ انقلابي سمجهڻ جي ابتڙ قوم پرست انقلابي سمجهندي رهي . هن ڪري امريڪه اهو فيصلو نه ڪري سگهيو ته هن خانه جنگي ۾ ڪنهن جوساٿ ڏئي. فيبروري 1959 عيسوي ۾ڪاسترو جمهوريه ڪيوبا جو وزير اعظم ٿيو .1963 عيسوي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو چئيرمين منتخب ٿيو . 1961 عيسوي ۾ لينن جو امن انعام مليو .1963 ۾ هيرو آف دي سوييت يونين ۽ 1972 عيسوي ۾ آرڊر آف لينن جو اعزاز حاصل ڪيائين.
سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ
مڪالمه بين المذاهب
دائره المعارف الاسلامية
المنجد في اللغة والاعلام
العلمانية/ سفر بن عبدالرحمان الحوالي
نظاماالبشريةالدميقراطية الشيوعية/ت وديع سعيد
مارڪسية القرن العشرين ? لروحية عارودي
ماذا خسر العالم بانحطاط المسلمين/الندوي
Encyclopedia Britancia (1972
مڪالمه بين المذاهب
دائره المعارف الاسلامية
المنجد في اللغة والاعلام
العلمانية/ سفر بن عبدالرحمان الحوالي
نظاماالبشريةالدميقراطية الشيوعية/ت وديع سعيد
مارڪسية القرن العشرين ? لروحية عارودي
ماذا خسر العالم بانحطاط المسلمين/الندوي
Encyclopedia Britancia (1972