• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گذارش رکجي ٿي ته انتظاميه متوجه ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
سائين محترم مان وارا عبدالرشيد صاحب ادا علي علي صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب نثار ناز صاحب آئون اوهان کي هن ليک ذريعي متوجه ڪرڻ ٿو چاهيان ته مهرباني ڪري هن فورم جي دوستن کي فورم جي قائدن ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻ تي متوجه ڪرائن ۔ ڪجه ڏينهن کان ادا نثار ابڙو صاحب لڪيل نموني ۽ کٿي برملا مضمونن ۾ استهزا ڪري رهيو آهي جنهن جو ڪارڻ سائين جي غلط فهمي ۽ پنهنجي فڪري سوچ آهي ۔ منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته اهڙين ڳالهين کي در گذر ڪجي پر کٿي کٿي جواب ڏيڻ لا ڳالھ کي طول ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۔ جنهن ڪري مجبورن جواب ڏيڻو ٿو پوي ۔ اڄ وري ادي رمضان منڌري جي مضمون “نٿو جو سنڌ لڙي نٿو جو جيجل لئه ڪري” ۾ سائين پنهجي انداز کي ورجائيندي لکي پيو ته


“دوستو هي گيت مونکي به تمام گهڻو پسند آهي ۽ ڪروڙين سنڌين کي پسند آهي، پر پو به هن وقت به اسانجي وچ ۾ ئي اسانجا سنڌي سٻاجهڙا سنڌ کي سنڌ چوڻ لا به تيار ناهن ۽ سنڌ کي هڪ علائقو سمجهن ٿا ۽ بس ۔۔۔ ۽ جيڪڏهن انهن کي چئجي ٿو ته منهنجا ڀا هي سنڌ آهي هزارن سالن کان هڪ ملڪ رهيو آهي، سنڌي هڪ قوم آهي ۽ تاريخ ۾ ابد کان موجود آهي، هن جي هڪ پياري ٻولي آهي جيڪا اوهان پاڻ ڳالهايو ٿا، هن جي هڪ ثقافت آهي جنهنجو اجرڪ اوڙهي ۽ ٽوپي پائي فخر محسوس ڪريو ٿا ۔۔۔ سنڌ کي پنهنجا مالي وسائل آهن، سنڌ کي درياهه آهي، سنڌ کي سمنڊ آهي ۔۔۔ وغيره وغيره

پر عجب جي ڳالهه آهي جو جڏهن اسان اها ڳالهه پنهنجن ئي سنڌين کي چئون ٿا ته چون ٿا اوهين پاڪستان جي خلاف آهيو، اوهين ننڌڙو ذهن رکو ٿا، علائقي پرست آهيو ۽ نسل پرست آهيو ۽ ڪاوڙجي وڃن ٿا ۔۔۔ وڙهڻ جي حد تائين ۔۔!!! دوستو آهي نه عجب ڳالهه ۔۔۔!!!

اوهان پاڻ انصاف ڪريو ته ڪير غلط آهي ڪير سهي ۔۔۔


ڏسو هاڻي وري صحيح غلط واري ڳالھ پيش ڪري دوستن کي الاهي ڪاٿي وٺي وڃڻ ٿو چاهي

آخر ۾ مان ٻيهر منتظمينن کي گذارش ڪندم ته منهجي ڳالھ کي رڪارڊ ۾ آڻي هن مسئلي جو حل ڳولهيو وڃي جئين هن مسئلي جو سدباب ٿئي مهرباني
 
جواب: گذارش رکجي ٿي ته انتظاميه متوجه ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔

محترم دوست افتخار احمد۔۔۔۔ توهان جي ڳالهه سائين نثار ابڙو جن تائين پهچائي وئي آهي۔۔۔ اميد ته توهان پڻ اهڙين ڳالهين کي درگزر ڪندو۔۔۔ جيئن محبت جو ميڙاڪو متل ۽ جاري رهي۔۔۔
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top