تيونس ۾ آيل انقلاب جي اصل ڪهاڻي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تيونس ۾ آيل انقلاب جي اصل ڪهاڻي

    وسعت الله خان

    [justify]محمد ال بو عزيزي ۾ ڪا به خاص ڳالهه ئي ته نه هئي، سن اُڻويهه سئو چوراسي ۾ هن هڪ ڳوٺ سدي بوزيد جي هڪ معمولي گهراڻي ۾ جنم ورتو هو. اهو ته بهتر ٿيو جو سيڪنڊري تائين معياري ۽ مفت تعليم جي سهولت هئي نه ته عزيزي ٿي سگهي ٿو ته ننڍ پن ۾ ئي ڀاڄيءَ جو ريڙهو لڳائي ها. پوءِ هو ڪاليج ۾ داخل ٿي ويو هن ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽر ڪئي پر روزگار ڪٿي ٿو ملي، هن جهڙا لکين نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي جتيون گسائيندا پيا وتن، عزيزي سدي بوزيد جي بازار ۾ ڀاڄيءَ جو ريڙهو هنيو هو، هڪ ڏينهن پوليس وارو پهچي ويو ۽ عزيزي کان ريڙهي جي پرمٽ گهري پرمٽ نه هئي تکا مٺا ٿيڻ کان پوءِ پوليس واري عزيزي کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي ۽ ڀاڄيءَ جو ريڙهو اونڌو ڪري ۽ ضبط به ڪري ڇڏيو. عزيزي بلديه جي آفيس پهتو اهلڪارن کي منٿون ڪرڻ لڳو ته هن جي گهر ۾ والدين سميت 8 ڄڻا آهن مهرباني ڪري ريڙهو ڇڏرائڻ ۾ مدد ڪريو ۽ پرمٽ به ٺاهي ڏيو. بلديه اهلڪارن هن سڃي عزيزي تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، عزيزي هڪ پڙهيل لکيل نوجوان هو، انهيءَ کي گهرجي ها ته ريڙهو هڻڻ کان اڳ بلديه مان پرمٽ وٺي پر عزيزي آخر پرمٽ ڇو وٺي ها؟

    ڇا ملڪ ۾ 23 سالن تائين صدارتي منصب تي قابض رهندڙ قبضو ڪرڻ کان پهريان ڪنهن کان پرمٽ ورتي هئي، صدر جي زال هر هفتي جنيوا، ميلان ۽ پيرس وڃي شاپنگ ڪندي هئي، انهيءَ کي ڪنهن سرڪاري بوئنگ مفت استعمال ڪرڻ جي پرمٽ ڏني هئي، ٺيڪ آهي اها ته صدر جي زال آهي پر انهيءَ جي ڏهن ڀائرن ۽ انهن جي اولادن ۽ نياڻن جي باري ۾ وڪي ليڪس ۾ ڇو آيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ يا پرڏيهي کي ان ملڪ ۾ مفت، زراعت، ماهيگيري، ٽيليڪميونيڪيشن ميڊيا، بئنڪاري، امپورٽ، ايڪسپورٽ مطلب ته ڪو به ڪاروبار ڪرڻو هجي ته انهيءَ کي صدر جي پهرين زال يا ٻي زال يا هن ڪٽنب مان ڪنهن نه ڪنهن کي ضرور ڀاڱي ڀائيوار بڻائڻو پوندو. صدر جي زال جي ٻن ڀاڻيجن هڪ فرانسيسي سيڙپ ڪار جي آرامده ٻيڙي ڪهڙيءَ پرمٽ تي ڦري وري جيڪڏهن پرمٽ هجي ها ته انٽر پول انهن ٻنهي جا وارنٽ ڇو ڪڍي ها، سرڪاري بئنڪن مان ڪروڙين ڊالرن جا قرض صدر جا ويجها ماڻهو ڪهڙيءَ پرمٽ جي تحت ڳهي ويا، ڇا صدر 5 ارب ڊالرن جون ملڪيتون ڪنهن کان پرمٽ وٺي ٺاهيون هيون، جيڪڏهن اهي اهڙا چڱا آهن ته پوءِ اخبارن ۾ صرف سرڪاري خابرو ادارن جون خبرون ڇو ٿيون شايع ٿين، صدارتي چونڊن جي دوران پرڏيهي مبصرن کي اچڻ کان ڇو روڪيو ويندو آهي، انٽر نيٽ جي هر ويب سائيٽ فلٽر ڇو ٿيندي آهي؟ عزيزي جي اڳيان ٻه ئي رستا هئا يا ته ڪمپيوٽر سائنس جي ڊگري هٿ ۾ کڻي بي روزگاري برداشت ڪندو رهي يا ڪنهن طاقت واري مشين کي نه سڃاڻڻ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي هزارين مايوس نوجوانن وانگر ڪنهن اسمگلنگ ايجنٽ جي ٻيڙي ۾ لڪي سمنڊ پار ڪري فرانس، اٽلي يا يونان جي ڪنارن تي لهي وڃي پر هو ته اتي ئي رهڻ چاهي ٿو پوءِ ڇو نه ڀاڄي کپائڻي پوي پر هي ته اهو ملڪ آهي جتي غبن جائز آهي پر ريڙهو هڻڻ غير قانوني آهي.

    محمد ال بو عزيزي جي سمجهه ۾ هڪ ڳالهه آئي ته هن فيس بڪ تي پنهنجي ماءُ جي لاءِ الوداعي پيغام ڇڏيو هو ۽ 17 ڊسمبر تي بلديه جي آفيس جي سامهون تيل هاري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي پر باهه جا شعلا عزيزيءَ جي صرف جسم تائين بيهي نه سگهيا پر سڄي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، عمر ۽ جنس جا لکين عزيزي پنهنجي سينن ۾ سانڍيل ورهين جي باهه کڻي رستن تي اچي ويا، صدر مملڪت پاڻ هلي عزيزي ريڙهي واري وٽ صحت بابت پڇڻ لاءِ اسپتال هلي آيو، ان کان پوءِ جناب صدر پبلڪ ۾ نظر نه آيو، هڪ ڏينهن بس اها خبر آئي ته هو پنهنجي زال ۽ ڏيڍ ٽن سون سميت جدي ۾ لهي چڪو هو، محمد ال بو عزيزي ان حڪومت جو ريڙهو اونڌو ڪندڙن کي ڏسي نه سگهيو، جن انهن جو ريڙهو اونڌو ڪيو هو، 10 ڏينهن اڳ ئي چوٿين جنوري تي اسپتال ۾ مري ويو، جڏهن پنهنجي پونئيرن ۾ هڪ ڪروڙ پنج لک آزاد تيونسي ڇڏي ويو هو.[/justify]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تيونس ۾ آيل انقلاب جي اصل ڪهاڻي

    محمد ال بو عزيزي کي سلام جو هن پاڻ ته ساڙي جان نثار ڪئي پر ڪروڙن جي قوم مٿان انڌيرن جي پوڄاري حڪمرانن جي مليا ميٽ ڪري ويو ۔۔۔ پر هاڻ ڏسجي ته عوام ته پنهنجي سگهه تي انقلاب جا رستا هموار ڪري ڇڏيا پر جيئن ته ڪو نالي وارو اڳواڻ يا رهنما نه هجڻ سبب اڃان، حالتون قابوءَ کان ٻاهر آهن ۔۔۔ اڃان اٺ چڱيءِ طرح سان ويٺو ناهي، ڏسجي ته عوام دوست ٿا اچن يا وري سامراج پنهنجي ڪنهن ٻي مڪروهه چهري سان ظاهر ٿو ٿئي ۔۔۔؟

    اسانجون دعائون تيونس جي عوام سان آهن ۽ دعا آهي ته سنڌ جو عوام به ان انقلاب مان ڪجه پرائي وٺي ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: تيونس ۾ آيل انقلاب جي اصل ڪهاڻي

    يقين نه ٿو اچي ته هڪ ماڻهون 23 سالن کان قابض حڪومت کي ڪيرائي سگهي ٿو۔۔۔۔ سو به فيس بوڪ ذريعي ۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تيونس ۾ آيل انقلاب جي اصل ڪهاڻي

    ادا بهترين.
     
  5. عبدالرحمان شر

    عبدالرحمان شر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تيونس ۾ آيل انقلاب جي اصل ڪهاڻي

    ڀاء زبردست۔ ان مان معلوم ٿيو ته اصل الله جي ذات آهي جيڪا جن کي چاهي بادشاهت ڏي ۽ جن کان چاهي کسي وٺي
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: تيونس ۾ آيل انقلاب جي اصل ڪهاڻي

    بهترين سائين تمام سٺِي ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو