اچو ته لفظ اندرون سنڌ کي ختم ڪريون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اچو ته لفظ اندرون سنڌ کي ختم ڪريون​
    ۔

    [​IMG]
    ۔ سنڌ جي نالي لاء سنڌ جي عالمن اديبن ۽ محققن جا مختلف رايه آهن ۽ اڪثر عالمن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو نالو ”سنڌو درياءَ“ تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ان نالي مختلف وقتن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ “سنڌو” جون مختلف آوازي شڪليون آھن.
    اتر ۾ ھي صوبو پنجاب، اوڀر ۾ ٿر۽ اولھ ۾ بلوچستان سان ڳنڍيل آھي. جڏھن ته ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ڪڇ جو رڻ واقع اٿس. ھيءُ صوبو پاڪستان جي جملي ايراضيءَ مان 140،914 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي.
    سنڌ جي ابتدائي سياسي تاريخ تي اڃان تائين پردو پيل آھي. موھن جي دڙي جي کوٽائي ۽ اتان لڌل شين مان 2500 سال ق م جي سنڌ ۽ ان جي مھذب ۽ شھري زندگيءَ جو پتو پوي ٿوآريا ھڪ تمام وڏي علائقي ۾ آباد ھئا، جيڪو اويستا واري زماني ۾ سورھن پرڳڻن اندر ھو. هو ھڪ ٻئي کي اباڻن ۽ قبائلي نالن سان سڏڻ کان سواءِ ساڻيھن جي نالن پويان پڻ ضرور سڏيندا ھوندا. ان ڪري ئي اسين ڏسون ٿا ته اڍائي ھزار ورھيه اڳ جي سکامني بادشاھن پنھنجن ٺُلھن جي ڪتبن ۾ سورھن آريائي پرڳڻن جا ڪي ٽيھ نالا ڄاڻايا آھن. انھن ۾ اسان کي ھندو ( سِنڌو) ۽، ان جي صفت، ھندويه ( سنڌي) ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    اھو پھريون ڀيرو ھو جو ماٿريءَ جي رھواسين کي نالي ڏيڻ لاءِ سنڌي لفظ لکيت ۾ ڪم آندو ويو. (Jafarey, 1982:110-111) .ھن مان اھو نتيجو به ڪڍي سگھجي ٿو ته ان ئي دور ۾ ھن علائقي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ کي به سنڌي سڏيو ويو ھوندو۔ اسان کي سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت جو پهريون وڏو نقصان سنڌ جي شهرن تي ڌارين جي قبضي جي صورت ۾ ٿيو۽ انهن سنڌ جي شانتي امن ۽ سڪون کي تباهه ۽ برباد ڪري شهرن ۾ دهشتگردي جو راڄ پيدا ڪيو آهي جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي ۽ سنڌ جي شهرن جي ننڌڻڪائيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي جو اسان قومي طور انهن جي مالڪي نه ڪري سگھيا آهيون ان ڪري هئڙا هاڃان پيا ٿين جڏهن ته سنڌ سموري سنڌ ئي آهي، پر هت ڪراچي جا خاص ڪري غير سنڌي ماڻهون سنڌ جي ٻين شهرن لاء الفاظ اندرون سنڌ استعمال ڪندا آهن ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ کان الڳ ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ اهيو الفاظ خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لفظ اندرونِ استعمال ٿو ڪيو وڃي جڏهن ته اسان وٽ سموري سنڌ جي علائقن لئه انهن جي بيهڪ مطابق نالا مخصوص آهن. جيئن لاڙ، اتر، ڪاڇو ٿر وغيره. پوءِ اندرونِ سنڌ ڇو؟ ۽ ڇا ڪراچي يا حيدرآباد بيرونِ سنڌ آهن سو ان لاء اسان کي اهيا ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان لفظ اندرون سنڌ استعمال نه ڪيون ۽ سنڌ جي هر شهر جو نالو وٺي ڪري سڏيون، ۽ انهن غير سنڌين جي ان چالاڪي ۽ نيت جي خلل کي منهن ڏئي منهن ڏيون۔

    http://www.youtube.com/watch?v=jMIzEFtVrbQ
    http://www.youtube.com/watch?v=UtUox-3I8jA
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اچو ته لفظ اندرون سنڌ کي ختم ڪريون

    ادا ممتاز سهڻي ليک لاء قرب

    ادا اوهان جي ڳاله سان بلڪل متفق آهيان۔ اوهان ته ڌارين جي ڳاله ٿا ڪيو هتي ته پنهنجا يار ، دوست ، سنڌي ڏاها، سنڌي بيوروڪريٽ ۽ ويندي سنڌي سياستدان سڀ ان لفظ اندرون سنڌ جو رينگٽ لايو ويٺا آهن۔

    دعا ڪيو ته پهريان پاڻ صحيح ڳالهايون پوء ڌارين کي به سمجهايون۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اچو ته لفظ اندرون سنڌ کي ختم ڪريون

    [justify]ادا ممتاز، سهڻا ممتاز، دل جا دلبر ممتاز، من جا ٺار ممتاز ۔۔۔۔ رب توکي وڏي ۽ صحتمند حياتي ڏي ۔۔۔

    ڳالهه ته تنهنجي سان 100 به نه 200 گهمرا متفق ٿيندس، پر ان کان وڏي خوشي ان ڳالهه جي ته يار! ڪو ته آهي جو منهنجي زبان به ڳالهائي ٿو، هن اڱڻ تي جڏهن آ سنڌ ۽ سنڌ چوندو رهندو آهيان ته منهنجا عزيز دوست به ناراض ٿي ويندا آهن ۽ چوندا آهن ته نثار چريو آهي يا ۔۔۔۔ خئير اها ڳالهه پنهنجي جا تي سچ چوندي يار رسن يا رسي وڃي جڳ سارو پر قوم جي ڳالهه يا وطن جي ڳالهه ڪندو رهندس ۔۔۔

    سنڌ هڪ ملڪ، هڪ قوم، هڪ تاريخ، هڪ ثقافت، هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو جڳن کان قائم آهي، دعا آهي ته هميشه قائم رهندو، ڇاڪاڻ نقل هميشه ختم ٿيڻو هوندو آهي پر اصل ختم ناهي ٿيندو ۔۔۔ اهو منهنجو ايمان آهي، فطرت آهي ۔۔۔

    پر دوستو! هن دفعي اسين هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿا آهيون، جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿي رهڻ لا قوم انڪري راضي آهي جو ان ۾ لفظ اسلام استعمال ٿيل آهي، اسانکي خوشي ٿي ها جي ان نالي تي قائم ٿيل هي ملڪ ان جي لڄ رکي ها ۔۔۔ اسانکي خوشي ٿي ها جو اسين پنهنجن مسلمان ڀائرن سان ان ڌٻڻ ۾ رضا خوشي سان تباهه ٿي وڃون هان جيڪڏهن اهي مسلمان ڀائر ايمان وارا هجن ها، اسين انهن مسلمان ڀائرن تن بيشڪ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪيون هان پر جيڪڏهن اهي جائي ۾ اسانکي به مسلمان سمجهي اسانجي گهرن جو اسانجي ملڪيتين جو ۽ اسانجي ٻولي ۽ ثقافت جو قدر ڪن ها ۔۔۔ ۽ اسانکي ڀائرن واري عزت افزائي ڏني وڃي ها ۔۔۔۔

    پر افسوس جو ائين نه ٿيو ۔۔۔۔ سنڌ جا شهر، سنڌ جون ٻنيون ٻارا، سنڌ جو درياهه، سنڌ جو سمنڊ ۽ سنڌ جي معدنيات تي قبضو ڪري ويا پر جڏهن اسانجو وارو اچي ٿو ته ڪاري وارا ڪک ۔۔۔۔


    رب العالمين اسانجي قوم کي حضرت علي ڪرم الله وجهه جي هن قول کي سمجهڻ جي سگهه عطا ڪري ته؛ ”جيترو جلد ظلم کي سڃاڻي وٺندا اوترو جلد نقصان کان بچي ويندا” ۔۔۔ ظلم ۽ نانصافي جي خلاف رب اسانکي سگهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين

    لک ٿورا دوست ممتاز ۔۔۔۔ الله تنهنجي آل و اولاد ۾ برڪت وجهي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اچو ته لفظ اندرون سنڌ کي ختم ڪريون

    سائين سنڌ سان ته پنهنجي جند جڙيل آهي، ۽ سنڌ جي ته پن، پن سان محبت آهي، مان ته اهيو چوندس ته اگر جنهن کي سنڌ سان محبت نه آهي ، سو منهنجي نظر ۾ اهو سنڌ جو غدار آ۔ ۽ ان کي سنڌ ۾ رهڻ جو ڪو به حق ڪونهي، بقول ابراهيم منشي ته جيڪو سنڌ لاء نه ٿو لڙي سو سنڌ مان لڏي وڃي۔
    http://www.youtube.com/watch?v=m-hFaMyeqgI
     
  5. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: اچو ته لفظ اندرون سنڌ کي ختم ڪريون

    ادا ممتاز الله اوهان جي فڪر کي اڃا وڌائي توهان هڪ بهترين نقطي ڏانهن اشارو ڪيو آهي اندرون سنڌ چوڻ خود سنڌين جي طاقت کي ٽڪرا ڪرڻ جي برابر آهي الله اسان جي سنڌ وطن کي پنهنجي وسيع ۽ ڪشادين وادين سان سلامت رکي شاه لطيف وطن ڀلائڻ وارن کي ننديندي چيو آهي (سڄڻ ۽ ساڻيه ڪنهن اڻاسي وسري حيف تنين کي هو وطن جن وساريو)
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اچو ته لفظ اندرون سنڌ کي ختم ڪريون

    ادا توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي فڪر کي سمجهو ۽ ان کي پسند ڪري اڳتي وڌايو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو