ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
اچو ته لفظ اندرون سنڌ کي ختم ڪريون

اتر ۾ ھي صوبو پنجاب، اوڀر ۾ ٿر۽ اولھ ۾ بلوچستان سان ڳنڍيل آھي. جڏھن ته ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ڪڇ جو رڻ واقع اٿس. ھيءُ صوبو پاڪستان جي جملي ايراضيءَ مان 140،914 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي.
سنڌ جي ابتدائي سياسي تاريخ تي اڃان تائين پردو پيل آھي. موھن جي دڙي جي کوٽائي ۽ اتان لڌل شين مان 2500 سال ق م جي سنڌ ۽ ان جي مھذب ۽ شھري زندگيءَ جو پتو پوي ٿوآريا ھڪ تمام وڏي علائقي ۾ آباد ھئا، جيڪو اويستا واري زماني ۾ سورھن پرڳڻن اندر ھو. هو ھڪ ٻئي کي اباڻن ۽ قبائلي نالن سان سڏڻ کان سواءِ ساڻيھن جي نالن پويان پڻ ضرور سڏيندا ھوندا. ان ڪري ئي اسين ڏسون ٿا ته اڍائي ھزار ورھيه اڳ جي سکامني بادشاھن پنھنجن ٺُلھن جي ڪتبن ۾ سورھن آريائي پرڳڻن جا ڪي ٽيھ نالا ڄاڻايا آھن. انھن ۾ اسان کي ھندو ( سِنڌو) ۽، ان جي صفت، ھندويه ( سنڌي) ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
اھو پھريون ڀيرو ھو جو ماٿريءَ جي رھواسين کي نالي ڏيڻ لاءِ سنڌي لفظ لکيت ۾ ڪم آندو ويو. (Jafarey, 1982:110-111) .ھن مان اھو نتيجو به ڪڍي سگھجي ٿو ته ان ئي دور ۾ ھن علائقي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ کي به سنڌي سڏيو ويو ھوندو۔ اسان کي سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت جو پهريون وڏو نقصان سنڌ جي شهرن تي ڌارين جي قبضي جي صورت ۾ ٿيو۽ انهن سنڌ جي شانتي امن ۽ سڪون کي تباهه ۽ برباد ڪري شهرن ۾ دهشتگردي جو راڄ پيدا ڪيو آهي جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي ۽ سنڌ جي شهرن جي ننڌڻڪائيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي جو اسان قومي طور انهن جي مالڪي نه ڪري سگھيا آهيون ان ڪري هئڙا هاڃان پيا ٿين جڏهن ته سنڌ سموري سنڌ ئي آهي، پر هت ڪراچي جا خاص ڪري غير سنڌي ماڻهون سنڌ جي ٻين شهرن لاء الفاظ اندرون سنڌ استعمال ڪندا آهن ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ کان الڳ ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ اهيو الفاظ خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لفظ اندرونِ استعمال ٿو ڪيو وڃي جڏهن ته اسان وٽ سموري سنڌ جي علائقن لئه انهن جي بيهڪ مطابق نالا مخصوص آهن. جيئن لاڙ، اتر، ڪاڇو ٿر وغيره. پوءِ اندرونِ سنڌ ڇو؟ ۽ ڇا ڪراچي يا حيدرآباد بيرونِ سنڌ آهن سو ان لاء اسان کي اهيا ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان لفظ اندرون سنڌ استعمال نه ڪيون ۽ سنڌ جي هر شهر جو نالو وٺي ڪري سڏيون، ۽ انهن غير سنڌين جي ان چالاڪي ۽ نيت جي خلل کي منهن ڏئي منهن ڏيون۔
http://www.youtube.com/watch?v=jMIzEFtVrbQ
http://www.youtube.com/watch?v=UtUox-3I8jA