ڏکايل پاڪستان ماٺ نٿو رهي سگهي... فاطمه ڀٽو اسان وٽ رواج آهي ته فوتگي کانپوءِ 40 ڏينهن سوڳ ڪبو آهي، انهن ڏينهن ۾ خوشي جي ڪا تقريب ته هڪڙي پاسي عام رواجي زندگي جو معمول پڻ متاثر رهندو آهي ۽ گذاري ويل جي لاءِ دعائون ۽ سندس ساروڻيون ئي سرجنديون رهنديون آهن. جي هر موت کانپوءِ چاليهه ڏينهن جو سوڳ ملهائجي ته پاڪستاني هڪ اهڙي قوم هوندي جنهن جي زندگي جو هر ڏينهن غم ۽ ڏک جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندو. پاڪستان 64 سالن ۾ تمام گهڻو رتوڇاڻ ڏٺو آهي ۽ نئين سال جي شروعات به اهڙي ئي هڪ ڊرون حملي سان ٿي. پهرين جنوري تي امريڪا جي ڊرون حملي ۾ 19 انسان حياتي وڃائي ويٺا. اهڙن ئي حملن جي نتيجي ۾ سال 2010 دوران 110 بيگناهه مارجي ويا هئا جن جو نه ڪوئي نالو هيو نه ئي شناخت پر اسان کي ٻڌايو اهو ئي ويو ته اهي دهشتگرد هئا. ڪراچي ۾ 3 ۽ 4 جنوري تي ماڻهو مارجي ويا ۽ اهو سلسلو هينئر تائين جاري آهي جنهن ۾ ڪيترائي بيگناهه شهري گولين جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. پاڪستان جي چوٿين وڏي سياسي پارٽي ايم ڪيو ايم جو هڪ سياستدان پڻ ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻجي ويو. جيتوڻيڪ انهيءَ پارٽي جي دامن تي تشدد جا ڪيترائي داغ لڳل آهن پر اها مختلف معاملن تي لبرل موقف رکي ٿي. ٽارگيٽ ڪلنگ جي انهيءَ واقعي کانپوءِ ٿيل وڳوڙ وڌيڪ جانيون ڳڙڪائي ويا. جنوري جي پنجين ڏينهن وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پنجاب جو گورنر سلمان تاثير ڏينهن ڏٺي پنهنجي ئي محافظ هٿان مارجي ويو. ساڳي ئي ڏينهن ٽن گم ٿيل بلوچ نوجوانن جا گولين سان پروڻ ٿيل لاش مليا جن ۾ 24 سالن جو قمبر چاڪر پڻ شامل هيو جنهن اڪنامڪس ۾ ايم اي ڪئي هئي ۽ نهايت نالي ۽ مان وارو شاگرد رهنما رهيو هو، پر اهي سڀ واقعا اخبارن ۽ چئنلن جي شهه سرخي نه بڻجي سگهيا، ڇو ته پرڏيهي صحافي ۽ ٽي وي پنڊت تاثير جي موت کي لبرل پاڪستان جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو قرار ڏيئي رهيا هئا. انهن اها راءِ ڏاڍي تڪڙ ۾ قائم ڪئي. انساني حقن بابت هڪ مقامي گروپ موجب دهشتگردي خلاف جنگ جي ڏهن سالن اندر گيس، سون، پتل ۽ ٻين قدرتي وسيلن جي دولت سان مالا مال صوبي بلوچستان مان 10 هزارن جي لڳ ڀڳ ماڻهو گم ٿي چڪا آهن. چاڪر جهڙي کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ سيڪيولر ڪارڪنن جي گمشدگي پوئين ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي پر ڪنهن به انهيءَ عمل کي وچٿري ۽ سمجهه رکندڙ پاڪستاني معاشري لاءِ خطرو نه سمجهيو آهي. بدقسمتي سان ملڪ جي تاريخ قتل جي اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، جنهن ۾ قانون کان مٿانهون ٿي ۽ ڳالهه ٻولهه کي پاسيرو رکي رت جي ايتري راند کيڏي ويئي جو سمورو پاڪستان رتورت لڳو پيو آهي. اهو ڪو نئون لاڙو ناهي سرگرم سياسي ڪارڪن ۽ اڳوڻو ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر مبشر حسن ملڪ جي اعلى طبقي کي هندن جي ديوي ”ڪالي ماتا“ سان تشبيهه ڏئي ٿو، جيڪا هڪ ئي وقت تخليق ۽ تباهي جي طاقت رکي ٿي. پنهنجي هٿن سان زندگي بخشي انهن ٻچن کي ڳڙڪايو وڃي. پاڪستان جي آزادي جي چوٿين سال 1951ع کان اهو سلسلو ائين ئي هلندو اچي جڏهن پاڪستان جو پهريون وزيراعظم راولپنڊي ۾ هڪ عام جلسي ۾ گولي جو نشانو بڻجي ويو. انهيءَ سموري صورتحال جي باوجود پاڪستان جي فطري روشن خيالي ڏاڍي سخت جان ۽ مشڪل ثابت ٿي ۽ انتهائي جبر ۽ ڏاڍ وارين آمراڻين حڪومتن ۾ به انهيءَ پنهنجو وجود قائم رکيو. يارنهن سالن تائين پاڪستان کي ڏاڍ ۽ ڏمر جي چنبي ۾ رکندڙ آمر ضياءَ الحق ناموس رسالت جي ان قانون جو ذميدار آهي، جيڪو مبينه طور تاثير جي قتل جو سبب بڻيو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ حدود جا قانون پڻ انهيءَ آمر ڏنا جن هيٺ زنا جي سزا موت آهي پر سعودي عرب ۽ طالبان واري افغانستان جي برعڪس جتي انهيءَ سزا تي سرعام عمل ٿيندو آهي، پاڪستان ۾ ڪو هڪ ڊاڪٽر به انهيءَ سزا تي عمل ڪرائڻ لاءِ دستياب نه ٿي سگهيو هيو ۽ انهيءَ قانون جي مزاحمت ڪئي وئي. جنرل ضياءَ اهڙين ڪيترين ئي ڪاررواين جو ذميدار هيو جن ۾ مخالفن ۽ بيگناهن جي زندگي جو ڏيئو اجهايو ويو. انهن ۾ منهنجو ڏاڏو ۽ عوام جو هر دلعزيز رهبر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ چاچو شاهنواز ڀٽو پڻ شامل هيو پر اهو ڏاڍ ۽ جبر پاڪستان جي روشن خيال، وچٿري ۽ برداشت واري مزاج ۽ ترقي پسند سوچ کي ختم نه ڪري سگهيو نه جنرل ضياءَ ائين ڪري سگهيو نه ئي ڪو ٻيو ائين ڪري سگهي ٿو. ويجهڙ ۾ جڏهن هڪ ٻي آمر جنرل پرويز مشرف سڌ سماءَ جي روايتي ذريعي کي ڏاڍ سان ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي ته صحافين پنهنجي مٿان سينسر جي پابندين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ انٽرنيٽ تي بلاگس، فيس بڪ، يو ٽيوب ۽ ايس ايم ايس جي ذريعي پنهنجي ڳالهه پکيڙيندا رهيا. جنرل مشرف پاران ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سڄي ڪراچي جي ڀتين تي هڪ ئي نعرو لکيل هو ”هر آمر خلاف هڪ بغاوت“ روشن خيالي جو هڪ ٻيو مثال گذريل مهيني ڪراچي جي روڊن تي ان وقت نظر آيو، جڏهن ٻن نارين جي اغوا ۽ انهن منجهان هڪ سان ڏاڍائي واري واقعي ۾ حڪومتي پارٽي سان تعلق رکندڙ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار شرميلا فاروقي جي مداخلت کانپوءِ ڪجهه عورتن احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنرل ضياءَ جي انهيءَ قانون جيڪو ڏاڍ ڪندڙ بدران ڏاڍائي جي شڪار ٿيل کي سزا جو نشانو بڻائي ٿو، جي باوجود اهي عورتون ڪراچي جهڙي خطرناڪ شهر جي رستن تي گڏ ٿيون ۽ اصولن خاطر مظاهرو ڪيو. انهن پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪيو ته ”دنيا ۾ ٻه طاقتون آهن هڪ تلوار ۽ ٻي قلم. انهن ٻنهي جي وچ ۾ زبردست مقابلو آهي پر هڪ ٽين قوت ٻنهي کان وڌيڪ سگهاري آهي ۽ اها آهي عورت.“ پاڪستانين کي هاڻي روشن خيالي جي انتهائي فطري اتحادين جن ۾ عورتون ۽ پريس سڀ کان سگهارا آهن، جي بچاءَ لاءِ ڪوششن تي توجهه رکڻي پوندي ڇو ته اها صرف ۽ صرف اسان جي بقا جي جنگ آهي. ملڪي معاملن ۾ پرڏيهي مداخلت ۽ امريڪي ڊرون، ملڪ ۾ صرف ويڇا ئي وجهي سگهن ٿا. بيحس قيادت ۽ وڌندڙ انتهاپسندي جي باوجود اسان جو روشن خيال ورثو سلامت ۽ مضبوط آهي . اها حقيقت آهي ته وحشياڻي رتوڇاڻ جي تازن واقعن پاڪستان کي رنج و الم جي وڌيڪ اونهي گهرائين ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ هر موت ۽ تشدد جي واقعي جي پهچايل ڏک جو ڪو پورائو نظر نه ٿو اچي پر پاڪستان سان سلهاڙيل تحمل، برداشت، اعتدال ۽ بهادري جا جذبا اڄ به اسان سان موجود آهن جن کي استعمال ڪندي سڀني مظلوم ماڻهن کي گڏ ٿي هڪ نئين صبح لاءِ موثر ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي جنهن جي ذريعي ئي آجپو حاصل ڪري سگهجي ٿو. Fatima.bhutto@gmail.com