ادا آئون ڪاله نئون پي سي وٺي آيو آهيان جيڪو hp d530 sff پارٽ جو آهي پر ادا هن ۾ 2۔3 جو پراسيسر لڳرايو آهي هاڻ هي مسئلو ڪري رهيو آهي ۽ اسٽارٽنگ ۾ f1 کي دٻائڻو ٿو پوي ۔ ٻيو ته وري هن جو فين اصل 100 تي ڪانٽو اچيو وڃيس ادا هن جو ڪو حل ٻڌائيندا يا ڪا لنڪ ڏيندا بايوز جي جنهن تان هن جو پراسيسر جو مسئلو حل ڪريان ، ٿورو جلدي جواب ڏيندا انتظار ڪري رهيو آهيان اوهان جي جواب جو،
جواب: هن مسئلي جو حل ڇا آهي اسٽارٽ اپ ۾ f1 گهرڻ جا ڪئي سبب ٿي سگهن ٿا۔۔۔ مهرباني فرمائي اهڙي بٽڻ گهرڻ کان مٿان ايندڙ ايرر جي وضاحت ڪندا۔۔۔
جواب: هن مسئلي جو حل ڇا آهي بلڪل ادا ان جا ڪافي سبب هوندا آهن توهان ان ايرر جي وضاحت ڪندا ته جيئن ڪو مستقل ڏس پتو ڏئي سگهجي سدائين گڏ
جواب: هن مسئلي جو حل ڇا آهي بلڪل ادا هي اسڪرين شاٽ آهي ڏسو، ۽ مدد ڪندا، وڌيڪ ڊٽيل هي آهي Micorcode updates Error: Missing or invalid processor microcode update. Please contact Hewlett-Packard Company for a new microcode update to support the new processor stepping. هي ڪمپليٽ ايرر ٿو ٻڌائي f1 ڌٻائڻ لا هي آپشن ٿو اچي هاڻ توهان ٻڌايو مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي مون نئون پراسيسر لڳرايو آهي 2۔3 جو،
جواب: هن مسئلي جو حل ڇا آهي جيتوڻيڪ توهان پنهنجي سسٽم بابت محدود معلومات ڏني آهي۔۔۔ جنهن ۾ مڌر بورڊ کان علاوه ميموري به نه ٻڌائي آهي پر توهان جي آندل ايرر واري تصوير مان ڪافي ڄاڻڪاري ملي وئي۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان جي پروسيسر کي ڏسي ايڇ پي سسٽم جي ڪامبينيشن کي ڪافي ڳولا ڪيم۔۔۔ ايڇ پي جي سپورٽنگ سائيٽ پنهنجي سائيٽ تان ڪافي صفحا هٽائي ڇڏيا آهن جنهن ڪري معلومات ڳولڻ عام حالتن ۾ مشڪل آهي پر مون کي هڪ پنو هٿ اچي ئي ويو ۔۔۔ جنهن ۾ سسٽم جو هارڊويئر ڪامبينيش، سافٽويئر ۽ ڊرائيورس ڪامبينيشن واضح لکيل آهي۔۔۔ جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ صاف اندازو لڳو ته توهان پنهنجي سسٽم جو پروسيسر ته تبديل ڪيو آهي پر پروسيسر سان ميچ ٿيندڙ بورڊ تبديل نه ڪيو آهي۔۔۔ ۽ ڪنهن دڪاندار پنهنجي قابليت جهاڙيندي توهان کي صرف پنهنجو پروسيسر وڪڻيو آهي۔۔۔ پنهنجي سسٽم لاءِ درست ڪامبينيشن معلوم ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري معلوماتي پنو کوليو ۔۔۔ ڪنهن ڳالهه نه سمجهه ۾ اچڻ جي صورت ۾ ٻيهر رابطو ڪريو۔۔۔۔