سوشل ازم (socialosm) سوشل ازم هن دور جو معاشي ۽ سياسي نظريو آهي ، جنهن جي دعوى آهي ته سرمايه دارانه نظام پنهنجي افاديت وڃائي چڪو آهي ۽ هن جي ڪارڻ دولت (ناڻي) جي پيداوار ۽ مناسب تقسيم ۾ رڪاوٽ ٿي بڻجي ڇو ته دولت پيدا ڪندڙ بنيادي زريعا ؛ زمين ، ٻيلا ، بينڪ ، معدنيات ، وڏا ڪارخانه ۽ فيڪٽريون وغيره چند ماڻهن جي ذاتي ملڪيت آهن ۽ اهي هن شين کان گهڻي کان گهڻو نفعو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ۾ آڻيندا آهن نه ڪي فلاح ۽ بهبود جي خاطر ،حالانڪه دولت پيدا ڪندڙ وارا محنت ڪش عوام ئي هوندا آهن جنهن کي هنن جي محنت جو صلو ملي ئي ڪون ٿو .هنن خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙوئي رستو آهي ته دولت پيدا ڪرڻ وارن سڀنن بنيادي ذريعن کي قوم جي مشترڪه ملڪيت قرار ڏنو وڃي جئين دولت جي پيداوار ۽ تقسيم قومي مفاد جي هيٺ ٿئي. سوشل ازم بنيادي طور تي ڪميونزم جو مترادف آهي . بعض حضرات اسلامي سوشل ازم جو نعرو به لڳائيندا آهن . اهو ڪم سماجي انقلاب جي ذريعي ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو محنت ڪش عوام جي رهنمائي ۾ برپا ٿيندو ۽ اهي ئي اشتراڪي رياست جي تنظيم ڪندا . سوشل ازم جي نظرين کي ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس پنهجن تصنيفن ۾ پيش ڪيو آهي. چنانچه هن ئي نظرياتن جي مطابق روس پوءِ چين ۽ مشرقي يورپ ۾ سوشل ازم جو نظام نافذ ٿيو . هاڻوڪو اشتراڪي فلسفو چار گروهن ۾ تقسيم ٿيل آهي اهي چار ئي گروه هن ڳالھ تي متفق آهن ته جئين ته سڀني معاشرتي بيمارين ۽ مسئلن جي جڙ شخصي ملڪيت آهي ، تهنڪري پيدائشي وسيلن کي شخصي ملڪيت مان ختم ڪرڻ گهرجي . اختلاف رڳو هن ڳالھ تي آهي ته اهڙو معاشرو ۽ اهڙي رياست ڇا جي لاءِ معرض وجود ۾ آندي وڃي . (1) . . . پهريون گروھ : مارڪسي سوشل ازم جو آهي . . . جنهن جو بيان ”ڪميونزم ڇا آهي“ ۾ گذري چڪو آهي (2) . . . ڪنهن اشتراڪيت (syndicalism) انقلابي ۽ ضرورت پوڻ وقت تشدد واريون تدبيرون اختيار ڪرڻ کي جائز سمجهندي آهي ، هن ۾ اصول اهو هوندو آهي ته صنعت ۽ ٻين پيدائشي ذريعن کي ٽريڊ يونين جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي جئين سرمايه دارن جو وجود باقي نه رهي ، ڪنهن به اشتراڪيت جي مطابق دولت پيدا ڪندڙ مزدور دولت جا مالڪ آهن ، هن تحريڪ جو فرانس ۾ 1899 عيسوي ۽ 1937 عيسوي جي وچين عرصي ۾ وڏو عروج ماڻيو هيو. (3) . . . اشتراڪيت جي انگلستاني شاخ ۽ مڪتب فڪر کي فيبين (fabian) چيو ويندو آهي . فيبين سوسائٽي جي بنياد 1884 عيسوي ۾ رکي وئي . سوسائٽي جو نالو قوم جي جنريل fabius جي نالي تي رکيو ويو جنهن دشمن جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ تيز رفتار ۽ انقلابي طريقه اختيار ڪيا هئا سوسائٽي ۾ جارج برناڊ شاھ ، سڊني ۽ بيٽرائس ويب ۽ هن وقت جا ٻيا ممتاز مفڪر شريڪ هئا ، فيبين اشتراڪيت پارليماني حڪمت عملي جي حق ۾ آهي. (4) . . . گلڊ اشتراڪيت (guild socialism) اها به انگريزن جي پيداوار آهي ۽ ويھين صدي جي منڍ ۾ شروع ٿي ، مارڪسي اشتراڪيت جو وچيون رستو آهي ڪنهن به اشتراڪيت ته هن ڳالھ تي اتفاق نٿي رکي ته انقلابي ۽ تشدد آميز طريقي سان گهرڀل معاشرتي تبديلي پيدا ڪري سگهجي ٿي . ٻئي طرف مارڪسي اشتراڪيت سان هن جو اختلاف اهو آهي ته رڳو سياسي هوريان هوريان تدبيرون اختيار ڪرڻ ڪافي ناهن ، هنن جي ويجهي معاشي تدبيرون اختيار ڪرڻ ضروري آهن ۽ هن جون ٻه صورتون آهن هڪ ته سرمايه دارن جي پاليسي ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ بين مزدورن کي هنن جو حق ڏيارڻ ، صنعت ۽ ڪمائي ۾ سرمايه دارن ، مزدورن ۽ آخر ۾ صارفين کي هڪجهڙو ئي اختيار حاصل هجڻ گهرجي . سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ مڪالمه بين المذاهب اسلام اور جديد معاشيت و تجارت/ مفتي تقي عثماني اسلامي بينڪاري ڪي بنيادين / مفتي تقي عثماني العلمانة / سفر بن عبدالرحمان الحويلي 305-289 دائره المعارف الاسلامي المنجد في اللغة الاعلام اشتاڪيتهم واسلامنا/ بشير العوارف
جواب: سوشل ازم ڇا آهي؟ محترم دوست چوهاڻ صاحب، اوهانجا ٽئي مضمون در اصل هڪ ئي مضمون جون ٽي ڪڙيون اهن، جن کي ملائڻ سان ڪميونزم تي سرسري ۽ سٺي ڄاڻ ملي وڃي ٿي ۔۔۔ در اصل هي نظريا آهن اڄ جي هن اقتصادي تبديليءَ جي پئداوار جا، جنهنکي اسين صنعتي دور چئون ٿا ۔۔۔ هن دور ۾ زراعت کي ڇڏي ڪري دنيا ۾ جڏهن صنعت جي واڌ ٿي ته هڪ طبقو پئدا ٿيو جنهنکي مزدور چئجي ٿو ۔۔۔ مزدور جيئن ته شهري زندگي سان لاڳاپجي ٿو ۽ تعليم ۽ تربيت ملي ٿي انڪري ذهني طور تي هاريءِ کان ذهني ڦڙت ٿئي ٿو، جڏهن ان طبقي ڏٺو ته ڪروڙين ڊالر اسين پئدا ڪريون ٿا ۽ ڪروڙن جي ماليت جون شيون تيار ڪريونٿا پر سرمائيدار سڀ کڻي اسانکي صرف کائڻ ۽ جيئري رهڻ جيترو ڏين ٿا ته بغاوت پئدا ٿي ۽ انجي ضد ۾ هي نظريا پئدا ٿيا ۔۔۔۔ جيتوڻيڪ اڃان انهن نظرين جو اثر ڏيکارجي ٿو پر هر غير فطري شئي جيان انهن جي ترقيءَ جو آخري ڏاڪو ئي سندن تنزليءَ جو پهريون ڏاڪو ثابت ٿيندو آهي ۔۔۔ انڪري ائين چئجي ته انقلاب فرانس کانپوءِ ۽ آمريڪا ۾ مزدورن جي ويڙهه کانپوءِ، روس، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ انتها تي اچڻ کانپوءِ هن نظرئي موٽ کاڌي آهي ۔۔۔۔ رب جي ذات جا رنگ هزار آهن ۔۔۔۔ انسان رب جي خليفي جو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري ته هي ننڍ وڏائيءَ واريون سڀ ريتون ۽ خام خياليون ختم ٿي وڃن ۔۔۔ پر ڇا ڪجي ابليس به ته آزاد آهي ۔۔۔ مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾، اڀا ايئن چون، متان پاند پسائين۔ لک ٿورا ڄاڻائتا مضمون ونڊ ڪيا اٿوَ ۔۔۔۔
جواب: سوشل ازم ڇا آهي؟ سائين چوهاڻ صاهب اوهان جي مهرباني نظرياتي فلسفن جي ڪڙيء جو هي هڪ ٻيو بهترين ليک آهي۔ اوهان کي شاباسون هجن جو سهڻي انداز ۾ ترجمو ڪري دوستن سان ونڊ ڪندا رهو ٿا۔ انسان جي ارتقا جي سفر ۾ اڻ کُٽ نظرين جنم ورتو آهي ڪي مري ويا ته ڪي هلن پيا۔ سوشلزم تي اوهان جي هن ليک اسان جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪيو آهي۔ اوهان جي اهڙي ليک جو انتظار رهندو آهي۔
جواب: سوشل ازم ڇا آهي؟ جيتوڻيڪه نظريه قائم ڪنهن سٺي شي جي حاصلات لا ئي ڄڙندا پيا آيا آهن پر ادا حقيقت اها ئي ڳالھ آهي ته جيڪونظريو اسان کي اسلام ڏنو آهي هن ۾ ئي انسان جو مڪمل نظام حيات جون تمام خوبيون سمايل آهن تنهن ڪري هن کي ڇڏي ٻيا نظريات فقط وقتي طور ڪامياب ٿيا آهن ۽ ڏٺو وڃي ته هن فڪر جو صحيح نمونو اسلام چوڏنهن سو سال اڳ ۾ ئي پيش ڪري چڪو آهي ۽ صحابن رضوان الله عليهم اجمعين عملي طرح ڪري به ڏکاريو آهي ۔ اڄ ڪل جا انگريز مفڪر اسلام مان ئي جزئيات ڪڍي ڪري نظريه ٺاهي هنن کي مخصوص دائري ۾ بند ڪندا پيا اچن ، جنهنن ۾ مستشرقين سر فهرست آهن ۔ انشاء الله مستشرقينن ۽ ٻيا ڪي فڪرن تي مضمون وقت سر ونڊ ڪبا۔ اوهان اسان جي ڪوشس کي مان ڏنو هن لا آئون اوهان جو ٿورائتو آهيان ۔ اميد ڪجي ٿي هن ئي نموني ٻين مضمونن تي پڻ پنهنجا تاثرات ونڊ ڪندا رهندا۔ مهرباني ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
جواب: سوشل ازم ڇا آهي؟ ادا سليمان بس اسان ڇا اسان جون ڪوششون ڇا اهو سڀ اوهان جا قرب ۽ پيار جا نتيجه آهن جو هي حقير وقت ڪڍي ڪجه لکي اوهان سان ونڊ ڪندو آهي۔ اسان جون اهي ادنا ڪوششون دراصل اوهان جو پيار جو ئي ثمر آهي جيڪو اسان کي لکڻ تي آماده ڪري ٿو۔انشاء الله سلسلي کي جيترو ٿي سگهيو هلائيبو۔ آميد آهي ته اهو سلسلو اوهان دوستن جي معيار تي پورو لهندا۔ مهرباني
جواب: سوشل ازم ڇا آهي؟ حقيقت اها ئي آهي ته جيڪونظريو اسان کي اسلام ڏنو آهي هن ۾ ئي انسان جو مڪمل نظام حيات جون تمام خوبيون سمايل آهن تنهن ڪري هن کي ڇڏي ٻيا نظريات فقط وقتي طور ڪامياب ٿيا آهن ۽ ڏٺو وڃي ته هن فڪر جو صحيح نمونو اسلام چوڏنهن سو سال اڳ ۾ ئي پيش ڪري چڪو آهي ۽ صحابن رضوان الله عليهم اجمعين عملي طرح ڪري به ڏکاريو آهي ۔ بلڪل سائين صرف انهي ۾ ئي دنياوي ۽ اخروي ڪاميابي جي ضمانت آهي ۔ پياري ونڊ پيش ڪرڻ تي مباڪباد جا مستحق آهيو ۔
جواب: سوشل ازم ڇا آهي؟ جي ادا اسان جي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي اصلاح سان گڏ ٻين ديني ڀائرن جي به اصلاح لا فڪر ڪجي۔ شل الله تعالى اها ٽٽل ڦٽل سعي قبول فرما ۔ جزاڪ الله