افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
سوشل ازم (socialosm)
سوشل ازم هن دور جو معاشي ۽ سياسي نظريو آهي ، جنهن جي دعوى آهي ته سرمايه دارانه نظام پنهنجي افاديت وڃائي چڪو آهي ۽ هن جي ڪارڻ دولت (ناڻي) جي پيداوار ۽ مناسب تقسيم ۾ رڪاوٽ ٿي بڻجي ڇو ته دولت پيدا ڪندڙ بنيادي زريعا ؛ زمين ، ٻيلا ، بينڪ ، معدنيات ، وڏا ڪارخانه ۽ فيڪٽريون وغيره چند ماڻهن جي ذاتي ملڪيت آهن ۽ اهي هن شين کان گهڻي کان گهڻو نفعو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ۾ آڻيندا آهن نه ڪي فلاح ۽ بهبود جي خاطر ،حالانڪه دولت پيدا ڪندڙ وارا محنت ڪش عوام ئي هوندا آهن جنهن کي هنن جي محنت جو صلو ملي ئي ڪون ٿو .هنن خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙوئي رستو آهي ته دولت پيدا ڪرڻ وارن سڀنن بنيادي ذريعن کي قوم جي مشترڪه ملڪيت قرار ڏنو وڃي جئين دولت جي پيداوار ۽ تقسيم قومي مفاد جي هيٺ ٿئي. سوشل ازم بنيادي طور تي ڪميونزم جو مترادف آهي . بعض حضرات اسلامي سوشل ازم جو نعرو به لڳائيندا آهن .
اهو ڪم سماجي انقلاب جي ذريعي ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو محنت ڪش عوام جي رهنمائي ۾ برپا ٿيندو ۽ اهي ئي اشتراڪي رياست جي تنظيم ڪندا . سوشل ازم جي نظرين کي ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس پنهجن تصنيفن ۾ پيش ڪيو آهي. چنانچه هن ئي نظرياتن جي مطابق روس پوءِ چين ۽ مشرقي يورپ ۾ سوشل ازم جو نظام نافذ ٿيو .
هاڻوڪو اشتراڪي فلسفو چار گروهن ۾ تقسيم ٿيل آهي اهي چار ئي گروه هن ڳالھ تي متفق آهن ته جئين ته سڀني معاشرتي بيمارين ۽ مسئلن جي جڙ شخصي ملڪيت آهي ، تهنڪري پيدائشي وسيلن کي شخصي ملڪيت مان ختم ڪرڻ گهرجي . اختلاف رڳو هن ڳالھ تي آهي ته اهڙو معاشرو ۽ اهڙي رياست ڇا جي لاءِ معرض وجود ۾ آندي وڃي .
(1) . . . پهريون گروھ : مارڪسي سوشل ازم جو آهي . . . جنهن جو بيان ”[URL="http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=9868"]ڪميونزم ڇا آهي[/URL]“ ۾ گذري چڪو آهي
(2) . . . ڪنهن اشتراڪيت (syndicalism) انقلابي ۽ ضرورت پوڻ وقت تشدد واريون تدبيرون اختيار ڪرڻ کي جائز سمجهندي آهي ، هن ۾ اصول اهو هوندو آهي ته صنعت ۽ ٻين پيدائشي ذريعن کي ٽريڊ يونين جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي جئين سرمايه دارن جو وجود باقي نه رهي ، ڪنهن به اشتراڪيت جي مطابق دولت پيدا ڪندڙ مزدور دولت جا مالڪ آهن ، هن تحريڪ جو فرانس ۾ 1899 عيسوي ۽ 1937 عيسوي جي وچين عرصي ۾ وڏو عروج ماڻيو هيو.
(3) . . . اشتراڪيت جي انگلستاني شاخ ۽ مڪتب فڪر کي فيبين (fabian) چيو ويندو آهي . فيبين سوسائٽي جي بنياد 1884 عيسوي ۾ رکي وئي . سوسائٽي جو نالو قوم جي جنريل fabius جي نالي تي رکيو ويو جنهن دشمن جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ تيز رفتار ۽ انقلابي طريقه اختيار ڪيا هئا سوسائٽي ۾ جارج برناڊ شاھ ، سڊني ۽ بيٽرائس ويب ۽ هن وقت جا ٻيا ممتاز مفڪر شريڪ هئا ، فيبين اشتراڪيت پارليماني حڪمت عملي جي حق ۾ آهي.
(4) . . . گلڊ اشتراڪيت (guild socialism) اها به انگريزن جي پيداوار آهي ۽ ويھين صدي جي منڍ ۾ شروع ٿي ، مارڪسي اشتراڪيت جو وچيون رستو آهي ڪنهن به اشتراڪيت ته هن ڳالھ تي اتفاق نٿي رکي ته انقلابي ۽ تشدد آميز طريقي سان گهرڀل معاشرتي تبديلي پيدا ڪري سگهجي ٿي . ٻئي طرف مارڪسي اشتراڪيت سان هن جو اختلاف اهو آهي ته رڳو سياسي هوريان هوريان تدبيرون اختيار ڪرڻ ڪافي ناهن ، هنن جي ويجهي معاشي تدبيرون اختيار ڪرڻ ضروري آهن ۽ هن جون ٻه صورتون آهن هڪ ته سرمايه دارن جي پاليسي ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ بين مزدورن کي هنن جو حق ڏيارڻ ، صنعت ۽ ڪمائي ۾ سرمايه دارن ، مزدورن ۽ آخر ۾ صارفين کي هڪجهڙو ئي اختيار حاصل هجڻ گهرجي .
سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ
مڪالمه بين المذاهب
اسلام اور جديد معاشيت و تجارت/ مفتي تقي عثماني
اسلامي بينڪاري ڪي بنيادين / مفتي تقي عثماني
العلمانة / سفر بن عبدالرحمان الحويلي 305-289
دائره المعارف الاسلامي
المنجد في اللغة الاعلام
اشتاڪيتهم واسلامنا/ بشير العوارف