ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
سپر هاءِ وي تي ٽريفڪ جا حادثا اتفاقي به هوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن ڊرائيورن جي غلطين سبب پڻ المناڪ حادثا رونما ٿين ٿا، جو اهي گاڏين کي ٽريفڪ جي اصولن مطابق هلائڻ ۾ ڪنهن حد تائين لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪن ٿا، پر افسوس ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کان سموري ملڪ ڏانهن سفر جون سهولتون فراهم ڪندڙ اهم شاهراهه سپر هاءِ وي تي حادثن جي صورتحال جي ڳنڀيرتا کي ڪڏهن به ڄڻ ته محسوس ئي نه ڪيو ويو آهي. سپر هاءِ وي تي نوري آباد ڀرسان جيڪو آئل ٽينڪر ۽ ڪوچ جو ٽڪر ٿيو، ان ۾ ٻنهي گاڏين کي باهه وڪوڙي ورتو ۽ افسوس جو نوري آباد جهڙي اهم صنعتي علائقي ۾ صرف هڪ فائر برگيڊ گاڏي آهي. توڙي جو سپر هاءِ وي تي هزارين خطرناڪ حادثا رونما ٿي چڪا آهن پر افسوس جو نوري آباد جي صنعتي علائقي مان روزانو اربين رپيا ڪمائيندڙ صنعتڪارن کي ايتري به توفيق نٿي ٿئي جو هو هڪ بدران ٻه چار فائر برگيڊ گاڏين جو انتظام ڪري سگهن ها ته اها باهه شايد وقت سر وسامي وڃي ها ۽ ڪيتريون ئي قيمتي حياتيون ضايع ٿيڻ کان بچي وڃن ها، جيڪي هن حادثي ۾ صرف ان ڪري باهه جي نذر ٿي ويون، جو اها باهه وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ جون گاڏيون ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان گهرايون ويون هيون ۽ جيستائين اهي گاڏيون پهچن ئي پهچن، تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. وزير اعليٰ سنڌ کي گذارش آهي ته سپر هاءِ وي تي ڪراچي کان حيدرآباد تائين گهٽ ۾ گهٽ چئن هنڌن تي جديد سهولتن سان آراسته فائر برگيڊ اسٽيشنز ۽ اتفاقي حادثن جا ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيا وڃن ته جيئن اتفاقي حادثن جي صورت ۾ فائر برگيڊ جون گاڏيون ترت پهچي سگهن ۽ ساڳيون سهولتون سنڌ جي سمورين اهم شاهراهن تي پڻ فراهم ڪيون وڃن.
ذوالفقار
حيدرآباد