جي دوستو توهان اڪثر پنهنجي ڪمپيوٽر تان يوٽيوب جون وڊيوز ڏسندا هوندا۔۔۔ ۽ وقت گذرڻ سان توهان کي ٻيهر ساڳي وڊيو ڏسڻ جي ضرورت پوندي ته اڪثر توهان يوٽيوب تي سرچ جو اختيار استعمال ڪندا آهيو۔۔۔ پر جيئن ته توهان کي وڊيو جو درست نالو يا يو آر ايل ياد نه هوندو آهي ته ساڳي وڊيو جانچيندي ڏکيائي ۽ وقت وڃائڻو پوندو آهي پر اڄ مان توهان جي لاءِ هڪ يوٽيوب ٽپ کڻي آيو آهيان۔۔۔ توهان يوٽيوب جي هسٽري کولي ڪجهه ڏينهن اڳ يا مهيني تائين اڳ ڏٺل وڊيوز معلوم ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ اهڙي نموني توهان پنهنجي ڪمپيوٽر تي نه صرف توهان جون ڏٺل وڊيوز پر توهان جي غير موجودگي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ماڻهون يوٽيوب جون وڊيوز ڏٺيون هونديون ته هسٽري ۾ اهي به ظاهر ٿي وينديون۔۔۔ يوٽيوب جي هسٽري ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو جنهن جو لنڪ ايڊرس ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔ http://www.youtube.com/my_history
جواب: يوٽيوب تي ڏٺل وڊيوز کي ٻيهر ڳوليو۔۔۔ يوٽيوب ٽپ ادا رشيد مهرباني بهترين ٽپ آهي۔ ڪجه ڏينهن اڳ مون سچل جو ڪلام صنم ماروي جي آواز م ڏٺو هيو جيڪو هاڻي ڪونه پيو ملي۔ اوهان جي ڏسيل طريقي ذريعي ڳولڻ جي ڪوشش ڪبي۔
جواب: يوٽيوب تي ڏٺل وڊيوز کي ٻيهر ڳوليو۔۔۔ يوٽيوب ٽپ تمام بهترين ٽپ آهي ادا ان نموني سان اسان پنهنجون ڏٺل ويڊيوز آرام سان ڳولهي سگهون ٿا پر يار مون کي ته وري هي ڊائريشن پئي ملي There are no Videos in your History ان ڊائريڪشن مان خبر پئي ٿئي ته مان يوٽيوب تي ويڊيو ڏسندو ئي نه آهيان ها ها ها سدائين گڏ
جواب: يوٽيوب تي ڏٺل وڊيوز کي ٻيهر ڳوليو۔۔۔ يوٽيوب ٽپ ان کي چئبو آهي جادو اهو جيڪي سر تي چڙهي ڳالهائي، ڏسو واقعي ۾ جادوگر رشيد سمون جو جادو سر تي چڙهي ڳالهائي پيو يا نه۔ زبردست، پر جادوگر ڪنهن اهڙي جادو جو چلو پچائي جو يو ٽيوب جا وڊيو جيڪي غلطي سان ڊيليٽ ٿي ويا هُجن انهن کي وري هٿ ڪري وٺجي۔ ڏي خبر ان سلسلي ۾ تنهنجو جادو ڇا ٿو چئي۔
جواب: يوٽيوب تي ڏٺل وڊيوز کي ٻيهر ڳوليو۔۔۔ يوٽيوب ٽپ سائين اهو ممڪن ئي ناهي ته ايڪسيڊينٽلي ڊيليٽ ڪيل وڊيوز واپس اچي سگهن ۔۔۔ ان بابت يوٽيوب وارا ئي جواب ڏئي ڇڏين ٿا۔۔۔ هن همراه کي ئي ڏسو لڳ ڀڳ 550 وڊيوز يوٽيوب تي اپلوڊ ڪيو اٿائين ۽ غلطي سان 20 ڊيليٽ ڪري ويٺو پر ريڪور نه ڪري سگهيو ۔۔۔ سندس روئڻ پٽڻ سندس جي ئي آواز ۾ ٻڌو۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=i3VmyIp_YYk
جواب: يوٽيوب تي ڏٺل وڊيوز کي ٻيهر ڳوليو۔۔۔ يوٽيوب ٽپ بلڪل ادا جادوگر او ائين ئي منهنجا بلڪل 20 يو ٽيوب وارا وڊيو مونکان به غلطي سان ڊيليٽ ٿي ويا آهن، سي به سنڌ سلامت جي پنهنجي پراپرٽي وارا، هن وڊيو واري همراهه ته وري به ٻيهر اهو وڊيو اپ لوڊ ڪيا جو ان وٽ انهن وڊيوز جو بيڪ اپ هو پر ڀائو منهنجي انهي انتهائي قيمتي وڊيوز جو ڪو بيڪ اپ ئي ڪونه هو الاڙي۔