ڪهاڻي سرد موسم ( رشيد زهراڻي )

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪهاڻي سرد موسم ( رشيد زهراڻي ) ​


    ڪچي جي ڪنڌيءَ تي گذاريل کل ڀوڳ ۽ خوشيءَ سان همڪنار اهي ڏينهن ڪيڏا نه وڻندڙ هئا. مهراڻ جي موجن جي عروج وارن ڏهاڙن جي اکين ڏٺي گواه هئي هوءَ. هن کي ياد آهن اڄ به اهي ڏينهن، جڏهن هوءَ پنهجي هم عمر ساهيڙين سان گڏجي درياه جي لاٿ کانپوءِ ڪنارن سان سنڌوءَ جي پيٽ مان ڦٽي نڪتل پلي، ساڳ ۽ هرٻي جون ڇٻيون ڀري ايندي هئي. شام جا اهي پهر ڪنهن شهنشاه جي جوڙايل مهانگي تخت کان هزارين ڀيرا وڌيڪ قيمتي ۽ املھ هوندا هئا. مهراڻ جي پيٽ مان لهندڙ سج کي ڏسندي، ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪنهن سوناري جي هٿن مان موتين سان ڀريل وڏو سونو ٿالھ ڇڏائجي ويو هجي. شام جي وقت سنڌو ماتا جي هنج ۾ ٽٻي هڻندڙ سڄ جي منظر پسڻ لاءِ هوءَ ديواني هوندي هئي. هوءَ ڊوڙي وڃي درياه بادشاه جي ڀڪ تي بيهندي هئي. ’اڇان ڌيءُ پاڻيءَ کان پري ٿيءُ. گھڻا دفعا جھليو ٿمائين ته درياه جي ڀڪ ڏي نه ويندي ڪر.‘ ماڻس هن کي تارون تار درياه جي ويجھو وڃڻ کان روڪيندي هئي.
    لهندڙ سج کي درياه بادشاه جي گرڀ ۾ ٻڏندو ڏسڻ لاءِ هوءَ جڏهن ميرانجھڙي پاڻيءَ ڏانهن ڊوڙ ڀريندي هئي ته ماڻس هڪل ڪري روڪي وٺندي هئس. ان دور جي سنڌوءَ ۾ تمام وڏي هلچل ۽ هيبت هوندي هئي. ڪنن جا ڪڙڪاٽ ۽ ڇولين جون مستيون هونديون هيون. سانوڻيءَ جي وقت ته سنڌو مست ها ٿيءَ جيان رانڀاٽ ۽ رڙيون ڪندي عربي سمنڊ ڏانهن تيز رفتار سان ڊوڙندو ويندو هو. ٿاريلي عورتن جيان الهڙ ۽ ڇڙواڳ. هن کي ياد آهي ته ان وقت جو سنڌو پاڻ سان گڏ وڏي مقدار ۾ رائو، جيئرا ٻٻر، ٽالهيون ۽ نمون لوڙهي کڻي ايندو هو. ٿوريءَ لاٿ کانپوءِ ڪپرن جي ڪنارن سان ڪاٺ جا ڍڳ ڦاسي بيهندا هئا ۽ هوءَ گھر جي ٻارڻ لاءِ ڀريون ٻڌي کڻي ايندي هئي. انهيءَ دوران اهي پاڻ ۾ سهرا ۽ ڳيچ ڳائينديون هيون، جھمريون ۽ ناچ پائينديون هيون، مسخري ۽ مذاق اڏائينديون هيون. هوءَ سرتين جو سرتاج هئي. هن جي آواز ۾ ڪوئل جو سوز هو. قدرت هن ۾ خوبين جون کاڻيون ڀريون هيون. صفا واندڪائيءَ ۾ ويهي ٺاهيو هئائين. ها، هوءَ قدرت جو چرندڙ پرندڙ شاهڪار هئي. مگر ڌرتيءَ جي جنهن حصي ۾ هن جنم ورتو هو اتي قدرت جي بخشش جا قدردان ڪٿي هئا. هوءَ ان ديس ۾ پيدا ٿي هئي، جتان جي رهواسين جي دلين ۾ پٿر جون دليون پيوست ٿيل هيون. اهي موت جا واپاري هئا. هو پاڻ کي بظاهر ته سونهن ۽ سوڀيا جو رکوالو سڏائيندا هئا، پر حقيقت ۾ اهي اندر ئي اندر ۾ ڪارا زهريلا نانگ هئا . قاتل هئا، رهزن ۽ ڌاڙيل صفت حيوان هئا. هوءَ ته گلاب جو گل هئي، پر جنهن باغيچي مان ڦٽي نڪتي هئي، اتان جو مالهي خوشبوءَ جو قاتل هو. هوءَ ته ڪوئلي جي کاڻ مان نڪتل رنگين هيرو هئي. انهن ماڻهن جي ٻانهن ۾ لڳل هٿ، انساني هٿ نه هئا، ڄڻ ته تکيون ڪاتيون ۽ ڪٽاريون هيون، جيڪي قديم دور جا وحشي قبيلا معصوم ۽ امن پسند ماڻهن جي قتل عام لاءِ ڪتب آڻيندا هئا.
    مري ويو هو ان ڏينهن سندس فطرت سان بي تحاشا محبت وارو اهو جذبو. سنڌوءَ سان سندس پيار. اجڙي وئي هئي، ڪچي جي اها سونهن. مهراڻ جي تباهيءَ جي شروعات ته اڃان ڪجھ وقت اڳ ۾ ٿي هئي، پر هن ايئين ڀانيو هو، ڄڻ هوءَ صدين کان ايئن اندران ئي اندران کاڄي ويل ڪو ڀڙڀانگ صحرا هجي. ڀانءِ ته سڪي ويل وڻ جو ڪو ڇوڏو هجي. قيامت جو انتظار ئي ڇڏي ڏنو هئائين، جو ان کان وڌيڪ ٻي ڪا قيامت هن کي سجھي ئي نه ٿي آئي. پاڻ کي ڪوٺي ۾ ويٺل رنڊي محسوس ڪيو هئائين. خدا تان اعتماد ئي کڄي ويو هوس. گھڻو ئي ٻاڏايو هئائين پر هن جون صدائون، آهون، دانهون، ڪيهون ۽ پڪارون ڪچي جي فضائن ۾ دٻجي ويون هيون. هن جي عبادت نه ڏئي سگھي هئي هن کي تحفظ ۽ امان. جھڪي پئي هئي پنهنجي مٿان مظلوميت جي لٽڪيل تلوار اڳيان. وقت جي ڏاڍ ۽ دهشت اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا هئائين. بس محسوس ڪندي رهندي هئي بار بار ان حقيقت کي ته هاڻي صرف هوءَ هئي ۽ هن جو ڀورو جسم جيڪو ڪنهن وحشيءَ کي ڪنهن جي جيئدان عيوض پيش ڪيو ويو هو. هن جي ڪلهن تي زندگيءَ جو وزني صليب رکيو ويو هو، جيڪو تاحيات هن کي کڻي هلڻو هو. ڪا ننهن نه ڪرڻي هئي، ڪا آھ نه ڀرڻي هئي، ڪا دانهن ڪوڪ نه ڪرڻي هئي، نه ته هن تي واضع ڪيو ويو هو ته ان جي انجام ۾ هن کي زنده لاش جهڙي ان حيات تان به هٿ کڻڻو پوندو. جيتوڻيڪ هن طئي به ڪري ورتو هو ته هن جي نجات صرف ۽ صرف موت جي ذريعي ئي ممڪن هئي، پر هوءَ ڏاڍي هيڻي ٿي پئي هئي. هزارين ڀيرا سوچڻ جي باوجود به هن جا ارادا پنهجي ارڏائپ وڃائي ويٺا هئا. پاڻ کي مارڻ به هن جي وس ۾ نه رهيو هو. هر وقت هن جي مٿان پهريداري هوندي هئي. هن جا هٿ پير ٻڌل هئا. قبر تائين پهچڻ وارو هن جو خواب ساڀيان جو روپ نه وٺي سگھيو هو. جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ ٻڪريون چارڻ ويندي هئي ته رستي تان گذرندي، پنهجي اباڻي قبرستان ڏانهن گھوري نهاريندي هئي. هن جي نظرن جو مرڪز ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويل سندس ٻن ڀينرن جي قبرن ڏانهن هوندو هو. ۽ پوءِ هوءَ وڏيءَ حسرت منجھان وڏو ٿڌو شوڪارو ڀري صرف ايترو چئي سگھندي هئي، ”’الله سائين“ ۽ بس ان کان وڌيڪ هوءَ ڪجھ به نه چئي سگھندي هئي. بس دل ئي دل ۾ ايترو ويچاريندي هئي، ”ڪيڏو نه خوشنصيب هيون منهنجون اهي ٻئي ڀينرون جيڪي پيٽان ئي مئل ڄايون هيون. چڱو جومري ويون، نه ته اهي به هتان جي ريتن ۽ رسمن جي زينت بڻجي وڃن ها.“ رڙيون ۽ دانهون ڪندي آسمان مٿي تي کڻي ڏنو هئائين، ماءُ جي سيني سان چنبڙي پئي هئي، ”امڙ مونسان ايڏو ويل نه وهاءِ، مونکي هن ظلم مان بچاءِ، مان اڃا سامائي به مس آهيان. تون مونسان ايڏي وڏي ويڌن ڇو ٿي ڪرين.“ ماڻس هن جي آه و زاريءَ جي نتيجي ۾ هن کي ڳل ۾ ڳراٽڙيون پائي روئي رهي هئي. آخر هوءَ به ته عورت هئي نه، هڪ لاچار ۽ مجبور عورت. هن کي پنهنجو پٽ ڪنهن به صورت ۾ بچائڻو هو. نه ته هو ان کي ماري ڇڏين ها. ”امان منهنجي امان روءِ نه، قبول ڪر، نه ته هو تنهنجي ڀاءُ کي ماري ڇڏيندا. اهڙن ڏکين وقتن ۾ ڀينرون ڀائرن تان قربان ٿينديون آهن. هتي صدين کان ايئين ئي ٿيندو پيو اچي. توکي رب جي رضا جي اڳيان جھڪڻو ئي پوندو. آڻ مڃڻي پوندي برادريءَ جو فيصلو ايئن ٿو چوي. نيٺ اسان کي به ته هتي ئي جيئڻو ۽ مرڻو آهي نه. هو ظالم آهن نه مڙندا. ڏس نه اسان ڪيترو ڀڳاسين، ڪيترو لڪاسين پر، پر پوءِ به انهن اسان کي ڳولي هٿ ڪيو. چون ٿا ته هنن پنهنجي ڇوڪريءَ کي ماري ڇڏيو آهي. هاڻي ڀائراڻي فيصلي مطابق، حساب برابر ڪرڻ لاءِ هنن منهنجي اڳيان ٻه ڳالهيون رکيون آهن يا ته مان پنهنجو پٽ هنن جي حوالي ڪيان يا وري تنهنجو سڱ چٽيءَ ۾ ڏئي هن جي جان بخشش ڪرايان. تون چڙه ڏاگھ تي منهنجي ڌيءُ مان توکي پيرين ٿي پوان، ميڙون منٿون ٿي ڪيان، منهنجي هيءَ پوتي ميڙٿي قبول ڪر.“ ماڻس هن کي راضي ڪرڻ لاءِ حيلا هلائي رهي هئي. ۽ هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئي رهي هئي. ڀاڻس تي ڪارنهن جو الزام آيل هو. الزام ڇا جنهن گھر ۾ گھڙيو هو، ان جي ڀاءُ جي مٿس نظر پئجي وئي هئس. هن ٿڏي تي پنهنجي ڀيڻ کي ڪهاڙين سان چٿي ڇڏيو هو. پر هو وڏيءَ چالاڪيءَ سان جان بچائي ڀڄي نڪتو هو ۽ راتو رات پنهنجي گھر وارن کي ساڻ ڪري ڳوٺ مان فرار ٿي ويو هو. پنهنجون رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيو مال متاع به اتي ئي ڇڏي ڏنو هئائين. هو ڪچي مان نڪري تعلقي اسپتال کان هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي پراڻي قبرستان ڀرسان پنهنجا خيما کوڙي ويٺا هئا. هن جي روپوشي کانپوءِ هنن جا ڇڏيل ڇاڙتا ڪتن جيان هنن کي ڳولي هٿ ڪرڻ لاءِ نوس نوس ڪري رهيا هئا، جن آخرڪار هنڌان هنڌان پڇائون ڳاڇائون ڪندي ڪندي هنن کي نيٺ ڳولي لڌو هو. ۽ پوءِ هو هڪ وڏي منصوبي مطابق سوزوڪي ڀري پنهنجي راڄ جي چئن چڱن کي ساڻ ڪري مٿن اچي ڪڙڪيا هئا. هو مڪمل تياريءَ سان آيا هئا. هنن سان گڏ هڪڙو ڪارو متارو دانگيءَ جهڙو ملان به ساڻ هو. ٽي عدد کک پوڙهيون پڻ هنن سان گڏ هيون. پاڻ سان گڏ هو هٿيار پڻ کڻي آيا هئا، صرف ان لاءِ ته جيڪڏهن هن جي ماءُ سندن مطالبو نه مڃيو ته هو، سندس پٽ کي هن جي اکين آڏو ليٽائيندا ۽ اهڙيءَ طرح حساب برابر ٿي ويندو. اڇان جو ڀاءُ هنن کي پري کان ايندو ڏسي هڪ دفعو ٻيهر فرار ٿي ويو ۽ هو پنهنجي ماءُ ۽ ٻن ننڍن ڀائرن سان گڏ گھر ۾ اڪيلي رهجي وئي ۽ هو نادرشاهي ڪٽڪ جيان اچڻ ساعت ئي هنن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ويا. سندس ننڍڙا معصوم ڀائر اهڙي صورتحال جي ڏر کان ڪيهاٽ ڪرڻ لڳا. چڱي مڙس اچڻ ساعت هن جي ماءُ جي اڳيان ٻه شرط رکيا يعني، يا ته پنهنجي پٽ جو سر حاضر ڪر، يا وري اڇان جو سڱ هينئر جو هينئر ڏي ته جيئن هو مقتولا جي ڀاءُ سان هن جو هاڻي جو هاڻي پرڻو ڪري، معاملوحل ڪري سندن جان آجي ڪن. سندس ماءُ هنن جي اڳيان گھڻيون ئي ميڙون ۽ منٿون ڪيون، ته جيئن اهي مٿن ڪا چٽي وغيره ڀرائڻ لاءِ راضي ٿي وڃن، پر هنن هن جي هڪ به نه مڃي ۽ پنهنجي هٺ تان هڪ انچ به چرڻ لاءِ تيار نه هئا. هنن پنهنجي ڏاڍ جي انتها ڏيکاريندي هن جي مٿان صاف واضح ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن هن سندن ڳالھ نه مڃي ته هو زبردستي اڇان کي کنڀي کڻي ويندا. جڏهن ماڻس کي پوروپورو يقين ٿي ويو ته هو ڪنهن به صورت ۾ تر جيترو به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهن ته، هن اڇان کي قربانيءَ جي ٻڪري طور هنن اڳيان پيش ڪري ڇڏيو. هوءَ آخر گھڙيءَ تائين ماءَ جي اڳيان گڙگڙائيندي رهي، انهيءَ سکڻيءَ اميد جي آسري ۾ ته متان هن جي ماءَ ۽ چڱي مڙس جي دل ۾ ڪو لهر ۽ لوڏو پيدا ٿي به پئي، پر هن جي انهن آهُن ۽ دانهن جوڪنهن جي دل تي ڪوبه اثر ڪون ٿيو. ٻه اڌڙوٽ عمر جون عورتون هن کي ٻانهن کان پڪڙيندي سندس ڪکائين جھوپڙيءَ ڏانهن گهلي ويون ۽ هن کي فرش تي وڇايل ٽپڙيءَ جي ٽڪڙن تي ويهاري هن جي مٿان ڪنوار وارو ڳاڙهو رئو اوڙهي ڇڏيائون. هوءَ پنهنجي بيوسي ۽ لاچاريءَ تي مسلسل روئندي رهي. ٻاهر آيل وحشي ڪتن جو ڪٽڪ سائي ڇٻر مٿان ويهي رهيو، وڏيءَ ڄمار جي ڏامر جهڙي ڪاري رڏي همراه جنهن پاڻکي مقتولا جو ڀاءُ پئي سڏايو کي هڪڙي ماڻهوءَ موڙ ۽ ڳانا ٻڌا ۽ پوءِ ڪاري متڪي قاريءَ هن جو وڪيلن جي رسمي شهادت بنا نڪاح پڙهڻ شروع ڪري ڏنو ۽ پوءِ جيئن ئي نڪاح پڙهجي ويو ته هو ان کي پنهجي طرفان واڌايون ڏيڻ لڳا ۽ هن کي جھوپڙيءَ ۾ سڏڪندڙ بيوس ۽ لاچار ۽ روئي روئي بيحال ٿي ويل اڇان ڏانهن نيئي ويا. هڪ عورت هنن جا ٽڪر هڻايا ۽ پوءِ هو اڇان کي کنڀي ڪئنال ڏانهن وٺي ويا جتي هو سوزوڪي بيهاري آيا هئا. سندس ٻه ننڍڙا ڀائر هن جي هٿن کي پڪڙي هن کي زوريءَ روڪي بيهي رهيا، ”منهنجي جيجيءَ کي ڇڏي ڏيو.“ ننڍڙو اربيلو ته هن لاءِ صفا چريو ٿي پيو ۽ روئندي روئندي هن جي پيرن کي پڪڙي بيهي رهيو. پر ان پيٽي ملان هن کي پيٽ واري لت وهائي ڪڍي ۽ هو منهن ڀر وڃي ڪانڊيرن مٿان ڪريو ۽ هن جي وات مان رت اچڻ لڳو. سندس ماءُ پنهنجي ڪکائين جھوپڙيءَ وٽ ئي بيٺل رهي هن جون اکيون پنهنجيءَ ڌيءَ ڏانهن ڏسندي ڏسندي هڪ جاءِ تي ٽڪ هڻي بيهي ويون.ِ صبح جوسوير سياري جي سرديءَ هن جا لڱ ٺاري ڇڏيا هئا. سوزوڪيءَ تائين پهچندي پھچندي هوءَ صفا مرڻينگ ٿي چڪي هئي. ان قسم جي صورتحال کي ڏسندي ڀر واري ڳوٺ جا ٻار ۽ ٻڍا هيڪاندا ٿي ويا. اهي سڀ پٿر جي مورتين جيان خاموشيءَ سان سمورو منظر ڏسندا رهيا. سندس ڪاري متڪي، وڏين شهپرن واري مڙس هن کي ڀاڪر ۾ ڀري سوزوڪيءَ ۾ ڦٽو ڪيو. هوءَ شايد بيهوش ٿي چڪي هئي ۽ پوءِ ڊرائيور سوزوڪيءَ اسٽارٽ ڪري کن پل ۾ منظر کان اوجھل ٿي ويو. آخرڪار ظالمن جو ڪٽڪ هن کي واپس ڪچي ڏانهن کنڀي کڻي ويو.
    هڪ معصوم نياڻي وقت جي بيرحم ريتن ۽ رسمن جو ماڻهن جي اڳيان کاڄ ٿيندي رهي ۽ ڪير ڪجھ به نه ڪري سگھيو. ڪو قاعدو ۽ قانون نه هو جيڪوسندس معصوميت خلاف ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي اڳيان ڍال بڻجي بيهي رهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪهاڻي سرد موسم ( رشيد زهراڻي )

    ادا ممتاز مهرباني

    ڪجه ڏينهن اڳ 23 ڊسمبر 2010 تي ادا رشيد الله زهراڻي صاحب پاڻ به ساڳي ڪهاڻي ونڊ ڪئي هئي۔ پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو