هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

'شمشير الحيدري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل
    دروازو کليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
    سڀ لوڪ سمهيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
    چنڊ رات چٽي آهي ، ڪڪريون به وسي هليون
    هر بات بڻيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
    پن کڙڪيو هوا تي ڪو ، يا سانت ڀريو سڏڪو
    ڪو روح رليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
    دل خام خياليء ۾ ، اکين کي ڌتاري پئي
    هيء ان تي هريل آهي، ، من ڪوئي اچي نڪري
    هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جو
    باقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
    هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي
    ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    واه ادا سليمان بهتيرن ونڊ آه۔آخري لائن ته صفا بهترين عڪاسي ڪري ٿي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    مهرباني ادا نويد

    شمشير هيڏي وڏي عمر ۽ ضعيف العمريء باوجود گذريل آچر تي سچل ڳوٺ ۾ شيخ اياز تي ٿيل پروگرام جي صدارت ڪئي هئي جنهن ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار کهڙو صاحب پڻ شرڪت ڪئي هئي۔ سائين شمشير سان گڏ هدايت بلوچ به هو ۽ ڪجه گهڙيون ڪچهري به ٿي هئي۔

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]

    سندس شاعري به بهترين رهي آهي

    تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
    ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو


    يا وري


    ابليس کي چئي ڇڏيو ، سجدي جي تياري ڪر
    دنيا تي “ انا الحق ” جا اسرار کُلن شايد !

    سوريء تي سڏڻ وارا ! هڪ ڳاله ته سوچي ڇڏ
    مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد !

    بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجي
    آئنده بهارن جا پيغام هجن شايد !
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )


    سليمان ادا تنهنجي موڪليل سائين شمشير جي هن شاعري ته اصل منهنجا ڇيهه ڇڏائي ڇڏيا، ابليس کي ڪير چئي سائين هُن (ابليس) خالق ڪائنات جي چوڻ تي ئي سجدو ڪونه ڪيو، باقي اسان جي چوڻ تي ڀلا ڪاٿئون سجدو ڪندو، بابا اهو ڀُنڊ ڳرو آهي، اناالحق جو نعرو ان وقت ڀلي نگيٽو سهي ان وقت به ابليس ئي هنيو هو، جو صفا لعنتي لال ٿِي ويو، ته وري انا الحق جو نعرو منصور هلاج هنيو ڀلي پازيٽو سهي جو سورِي سزاوار ٿيو۔ جيستائين ، سائين شمشير الحيدري جي شاندار شاعري جو تعلق آهي ان ۾ وڏو راز سمايل آهي، الله سائين اسان جي سائين شمشير الحيدري صاحب کي وڏي حيات ڏي انهي شاعري جي انهي بند جي تشريح جيڪڏهن موقعو مليو ته ضرور ذاتي طور تي سچل ڳوٺ مان اچي وٺبي في الحال هي جهونو انهي شاعري جي بند ۾ ايڏو ته مَحُو ٿي ويو آهي۔جو
    جنهن دل پيتا عشق دا جام
    وه دل مست و مست مدام
    حق موجود سدا موجود
    انا الحق ڪلام حق موجود سدا موجود۔​

    ادا سليمان مهربانيون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )


    ابليس کي چئي ڇڏيو ، سجدي جي تياري ڪر،
    دنيـــا تي “ انـــا الــــحق ” جا اســـرار کُلـــن شايد !

    سوريء تي سڏڻ وارا ! هڪ ڳاله ته سوچي ڇڏ،
    مقتـــل ۾ اچــــڻ وارا منصــــور هجـــن شايــــد !

    بلبـــــل جي بيــــانن تي برهــــم نه ٿيڻ گهرجي،
    آئنــــده بهـــــارن جــــــا پيغـــــام هجــن شايـــد !

    سائين محترم شمشير الحيدريءَ تي ڳالهائيندي ۽ هي مٿيون نظم پڙهي اکيون آليون ٿي ويون آهن، ۽ اندر جو سور اچي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو آهي ۔۔۔ انڪري وڌيڪ لفظ چوڻ جهڙو ناهيان ۔۔۔ ۽ پردا سڀ ڌنڌلا ٿي ويا آهن ۔۔۔

    رب العالمين سنڌ جي سڄڻن کي وڏي حياتي ڏي ۔۔۔۔ آمين
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    ادا تمام بهترين شاعري ۽ اوهانجا ڏنل رنگ
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    عاشق جي پسند به عاشقن واري ۔۔۔ مطلب ته عاشقن جا دروازا کليل هوندا آهن ان آس تي ته من اچي ڪو نڪري ۔۔۔

    عاشقن جي بادشاهي جو خئير ۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    سائين نثار ناز مهرباني

    سائين شمشير جي شاعري سنڌ جي اعلا پايي جي شاعري آهي۔ يقينن اسان جهڙا جهڙا ماڻهو سندس ان شعر جي وضاحت پنهنجي ناقص علم مطابق ئي ڪندا۔ باقي يقينن سائين شمشير کان پڇي وٺنداسون۔

    بلبـــــل جي بيــــانن تي برهــــم نه ٿيڻ گهرجي،
    آئنــــده بهـــــارن جــــــا پيغـــــام هجــن شايـــد !


    الله کين همت ڏني آهي جو اڃان تائين محفلن جو شان بڻجي ويهن ٿا۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    سائين نثار سلام

    الله وڏي ڄمار عطا ڪري شمشير کي جنهن سهڻا شعر خلقيا آهن۔ پاڻ سدائين سچل ڳوٺ جي مهفلن جا مور هوندا آهن ۽ ڀيرو ڀڃندا رهندا آهن ۔ اوهان جو شمشير لاء پيار ڪيترو آهي ان جو اندازو مان لڳائي سگهان ٿو جو اوهان عقيدت جي حد تائين سندن عزت به ڪندا آهيو۔ شمشير چوي ٿو :

    اسين اوهان جي اکين ۾ آهيون،
    وري نهاري ڇڏيو ته وه وا!

    گهري ٿو ’شمشير‘ حق جئڻ جو،
    انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وه وا!

    وري هڪ هنڌ چيو اٿس

    شب و روز ’شمشير‘ ڳرندو وڃين،
    لڳي وئي زماني جي توکي نظر​


    شمشير جي شاعري ۽ سندس موجودگي محفل جو شان هوندي آهي۔ پاڻ ئي پيو چوي ته :

    ’شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’ شمشير‘ ڪٿي آهي؟
    محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد

    يا وري هي شعر

    شب و روز ’شمشير‘ ڳرندو وڃين،
    لڳي وئي زماني جي توکي نظر


    ڪڏهن ڪڏهن دوستن لاء به ڳاله ڪري ٿو :

    جن گهري ورتي هئي دل، ياد جو تحفو ڪري،
    سي به اڄ ’شمشير‘ جي خاطر خبر ڀلجي ويا



    تنهنجا اي ’شمشير‘ هي نغما،
    ڄڻ ته ڇڄي پيئي ڪا تار!


    ڪٿي آهي ’شمشير‘، جو چنگ چوري،
    زمانو ته ڀلجي ويو ” چارڻ“ جون ڳالهيون.
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    ادا عاشق مهرباني

    عاشقن لاء اهڙي شاعري ڳولي کڻي پهتا آهيون۔ شمشير سنڌ جو عاشق ۽ سندس شاعري به مجازي عشق سان سرشار آهي
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    عاشق ته آهي ئي عاشق

    سو شمشير جي عاشق مزاج شاعري سندس لاء ئي ونڊ ڪئي آهي۔
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )


    مهرباني ادا سليمان

    جو توهان اسان کي سائين شمشير الحيدري جي شاعري ونڊ ڪئي

    بهترين

    سدائين گڏ
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    ادا پسند ڪرڻ لاء مهرباني

    اڳي چوندا هئاسين يارن سان ڪهڙا ليکا هاڻي چئون ٿا فقيرن سان ڪهڙا ليکا۔
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    سائين بهترين ونڊ آهي .
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    ادا مهرباني
     
  16. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    واهه ادا واهه تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    اد رياض گلال لڳي ٿو اوهان کي شمشير جي شاعري ايترو گهڻو وڻي آهي جو بار بار واه واه پيا ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  18. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    انتهائي خوبصورت تخيل سائين شمشيرالحيدري صاحب جن جو ونڊ ڪيوء ان لاء مهرباني ادا سليمان۔ باقي ان ۾ ڪو شق نه آهي ته واقعي سائين شمشيرالحيدري صاحب سنڌي ادب جو سرمايو آهي
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    ادا مهرباني

    سائين شمشير جي شاعري لازوال ۽ سدا حيات

    [justify]اسين اوهان جي اکين ۾ آهيون،
    وري نهاري ڇڏيو ته وه وا!

    گهري ٿو ’شمشير‘ حق جئڻ جو،
    انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وه وا![/justify]
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ( شمشير الحيدري )

    محترم وساڻ معاف ڪجو هن ڌاڳي ۾ منهنجي پيار سائين محترم شمشير الحيدري جو هي نظم هجڻ به جڳائي ٿو ۔۔۔ ونڊ ڪرڻ مناسب سمجهانٿو ۔۔۔ معاف ڪجو ۔۔۔

    نظــــر جـــي ڳالهه زبان سان ڪــجي ته ڪئين ڪجي،
    اها ئـــــي ڳالهه جهــــان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
    هـــي ظلـــم آهه اســان ســان اوهــــان جــــي مـحفــل ۾،
    اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪئين ڪـجي،


    [​IMG]
    .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو