• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ونڊوز سيون ۾ ڪورل ڊرا ۾ سنڌي صحيح نه ٿي اچي۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
دوستن کي گذارش آهي ته مون ڪالهه ونڊوز سيون انسٽال ڪئي آهي جنهن ۾ پهريون دفعو ڪورل ڊرا انسٽال ڪري سنڌي لکڻ شروع ڪيم ته خبر پئي ته ڪجهه الفاظ مسئلو ٿا ڪن جيئن ”ڪ“ ”ر“ وغيره۔۔ اهي الڳ ٿا ٿي بيهن يعني لفظ ٽُٽي پون ٿا، ان ڪري توهان مان ماهر دوستن کي گذارش آهي ته مسئلي جو حل ٻڌايو۔۔۔
اهڙي طرح ايڪس پي ونڊوز ۾ ادا ابوواصف مائڪروسافٽ ورڊ مان پرنٽ ٽو فائل واري طريقي ذريعي هڪ پي آر اين فائل ٺاهي ڪورل ڊرا ۾‌امپورٽ ڪرڻ‌جو طريقو ٻڌايو هو اهو به ونڊوز سيون ۾ ڪم نه ٿو ڪري ڇو ته هن ونڊوز ۾ ليزر ماسٽر ڪمپني جا پرنٽر موجود نه آهن۔۔۔

مهرباني ڪري جلدي ڪو حل ٻڌائيندا۔۔۔۔
 
جواب: ونڊوز سيون ۾ ڪورل ڊرا ۾ سنڌي صحيح نه ٿي اچي۔۔

ليزر ماسٽر کان سوا ٻيا به کوڙ سارا پرنٽر آهن، جن ۾ 1200 ڊي پي آئي موجود هجي۔ جن مان پي آر اين ٺاهي سگهجي ٿي۔۔۔ هينئر انهن پرنٽرز جا نالا منهنجي ذهن ۾ نٿا اچن۔ ايڪروبيٽ 9 پروفيشنل کي استعمال ڪريو۔ هن ۾ پڻ فونٽن کي ايمبڊ ڪرڻ جي سهولت موجود آهي۔ آزمائي ڏسو، مسئلو حل ٿي وڃي ته بهتر۔

ايڪروبيٽ 9 ۾ فونٽن کي ايمبڊ ڪرڻ جو طريقو ڪار بعد ۾ ٻڌائيندس۔
 
Generic ڪمپني جو MS Publisher Imagesetter انسٽال ڪريو۔ هي پڻ ليزر ماسٽر پرنٽر وانگر ڪم ڪري ٿو۔
 
جواب: ونڊوز سيون ۾ ڪورل ڊرا ۾ سنڌي صحيح نه ٿي اچي۔۔

ادا ابوزين prn فائل ته مان ٻين پرنٽرن سان ۽‌ ٻين طريقن سان به ٺاهي پر ونڊوز سيون جي اندر ڪورل ڊرا 14 ۾ اها فائل امپورٽ نه ٿي ٿئي، انويلڊ فارميٽ جو آپشن پيو اچي۔۔۔۔۔​
 
امپورٽ ڪرڻ وقت ٽائيپ مان prn ٽائيپ کي سليڪٽ ڪري، پو امپورٽ ڪري ڏسو۔ All Types تي پي آر اين جو فائل امپورٽ ناهي ٿيندو۔
 
Back
Top