سڄي ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ ذميوار ڪير؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2011۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    سڄي ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ ذميوار ڪير؟

    روشنين جي شهر، سنڌ پرڳڻي جي گادي جي هنڌ، صنعتن جي شهر، هڪ ڪروڙ کان مٿي پڙهيل لکيل ماڻهن جي شهر، پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکندڙ ۽ ”اڌ پاڪستان“ سڏجندڙ شهر”ڪراچي“ ۾ ناحق رت وهائڻ جي راندکي هڪ هفتو، مهينو ۽ سال نه پر هڪ وڏو عرصو ٿيوآهي. ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف ڌرين مان جڏهن به ڪنهن ڌر سندن خلاف ڪا اڻ وڻندڙ خبر ٻڌي ته ان ڌر پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ ڪلاشنڪوف، ٽي ٽي پسٽل ، رپيٽر ۽ مائوزر جا ميگزين گولين سان ڀري منهن تي ٻٽ ٻڌي گهٽين ۽ وسندين جو رخ پئي ڪيو آهي. بنان ڪنهن قياس ۽ رحم جي جيئرن ماڻهن جي مٿان گولين جو مينهن وسائي واپس پئي وريا آهن. انهن قاتلن ۽ دهشتگردن کي ماڻهن جو ڀڄڻ، دانهون ڪرڻ، لڪڻ، زخمي ٿيڻ، تڙپڻ، مدد لاءِ پڪارڻ، رت ڳاڙڻ ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڌڻي حوالي ڪرڻ وارو دردناڪ منظرشايد سٺولڳي ٿو جنهن ڪري اهي رکي رکي اهڙا ڪارناما سرانجام ڏيندا رهن ٿا. ماڻهن جي رَت سان پنهنجي اڃ اجهائيندڙ ماڻهو. ماڻهن کي سنڌي، مهاجر، پنجابي، پٺاڻ، بلوچ ۽ پنهنجو سياسي ۽ مذهبي لحاظ کان مخالف سمجهي ڪڏهن چونڊي چونڊي مارين ٿا. ته ڪڏهن بنا ڪنهن مت ڀيد جي ماريو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪرائي جا قاتل ۽ ڌارين جا پگهاردار سندن وڏڙن جي چرچ ۽ بڇ تي موقعي جو فائدو وٺي ابهم انسان مارين ٿا. ڪراچي ۾ خاص طور تي ماڻهو مارڻ ساڄي هٿ جي راند آهي جيڪا ڳڀرو به رهن پيا.

    سنڌ اسيمبلي جا 168 چونڊيل ميمبر آهن جن مان مختلف جماعتن سان تعلق رکندڙ 43 وزير باتدبير آهن. اڻ چونڊيل ۽ من پسند ماڻهن مان هڪ وڏو انگ مشيرن ۽ صلاحڪارن جو به آهي، قومي اسيمبلي ۾ سنڌپرڳڻي مان چونڊيل نمائندن جو وڏو تعداد 61 آهي. سينيٽ ۾ سنڌ جا 14 نمائندا موجود آهن. حڪومت سنڌ جي خرچ تي پلجندڙ رينجرس ۽ پوليس جي هڪ وڏي انگ جي هوندي اهوسڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي جنهن کي اکيون ڏسي ۽ ڪن ٻڌي رهيا آهن. ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي صوبي سنڌ توڙي مرڪز ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، ان حڪومت سان سنڌ جي ٻن وڏن شهرن ۾ وڏي پذيرائي رکندڙ سياسي جماعت حڪومت وقت جي سهڪاري ۽ کائڻ وارن ڏهٽن ۾ شامل آهي. ايترن سارن موقعن ۽ وسيلن جي باوجود ڪراچي ۾ رت جي راند جاري آهي ۽ امن سواليه نشان بنجي ويو آهي.

    جڏهن به ڪو دنگو ۽ فساد ٿئي ٿو ۽ ناحق رت ريلا ڪري وهي ٿوته اقتدار جي محفوظ ۽ سينگاريل ايوانن مان بيان جاري ٿين ٿاته ”وڳوڙين کي قانون جي لوهي هٿن کان ڪير بچائي ڪو نه سگهندو، شرپسندن کي عدالتن جي ڪٽهڙن ۾ ضرور آندو ويندو، ڏوهارين خلاف بنان ڪنهن سياسي فرق جي ڪاروائي ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ هر قيمت تي امن قائم ڪيو ويندو، ڪراچي جو استحڪام ۽ امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بنايو ويندو، مجرمن کي سندن جرم سميت چٿيو ويندو، اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڪابه ڌُر قانون کان مٿانهين نه آهي. عوام جي جان ۽ مال سان کيڏڻ وارن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو، ڏوهارين جي سرپرستن کي به پڪڙ ۾ آندو ويندو، وغيره وغيره.“

    ايترن سخت بيانن جي اچڻ باوجود وڳوڙين جي ڪن تي جونءَ به ڪانه سُري، جڏهن، جتي ۽ جيڪي ڪجهه چاهيائون اهو ڪري گذريا آهن، دهشتگردن جي سينه زوري ڏسوته انهن دهشتگردي ڪرڻ لاءِ حڪومت کان ذره برابر به موڪل ڪا نه ورتي. کلم کلا قتلام جي ڪارواين هلندي امن امان کي قائم رکندڙ ادارن کي مدد ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو پر ڪنهن به مظلومن سان مدد ڪرڻ لاءِ وٽن پهچڻ جي هام نه هنئي . ائين کڻي چئجي ته دهشتگردن غنڊن ۽ ڏوهارين کي خوني ڪارواين ڪري وري واپس وڃڻ لاءِ مهلت ڏني ويئي ته ان ۾ ڪو وڌاءَ نه ٿيندو.

    1980 ع کان وٺي هن وقت تائين اندازا 30 سالن جي عرصي ۾ هن شهر ۽ ان ۾ رهڻ وارن جيڪي سور سٺا ۽ درد ڏٺا آهن تن جو ڪو ڪاٿو نه آهي . پنهنجي سياسي ۽ مذهبي مخالفن کي کڻڻ، ايذائڻ، سندن جسم ۾ ڊرل مشين ذريعي سوراخ ڪڍڻ، ڦٽن ۾ مرچ ۽ نڪ ۾ چُن جو پاڻي وجهڻ، اکيون ڪڍڻ، سندن معصوم پٽن کي سندن اڳيان ڪهڻ ۽ سندن نيا ڻين جي عزت لٽڻ وغيره جهڙا ڪلور عرب جي جاهليت واري دور جي ياد تازه ڪن ٿا.

    ”زيور وڪڻي ۽ پيٽ تي پٿر ٻڌي هٿيار خريد ڪريو“ جو درس ڏيندڙ اڄ انهن واقعن تي مانگرمڇ وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن. سندن ئي صلاح تي ڪراچي اڄ بارود جو اڻ ڏٺو ڍير بنجي ويو آهي. گهر ۾ ڀلي ويلو پوندڙ هجي پر موتمار هٿيار ضرور رکڻو آهي وارو ذهن رکندڙ وقتا فوقتا انهن هٿيارن جي نمائش ڪندا رهن ٿا. پهنجي نشاني کي صحيح رکڻ ۽ هٿيارن جي استعمال کي يقيني بنائڻ خاطر طبع آزمائي ٿيندي رهي ٿي. ماڻهن جي سمنڊ جي حيثيت رکندڙ هن شهر جي خوشحالي، امن، رونق ۽ سونهن کي ملياميٽ ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳجهيون طاقتون شهر اندر موجود آهن. اهي موقعي جي تاڙ ۾ هونديون آهن. جيئن ئي کين موافق ماحول مليو انهن پنهنجا دل گهريا نتيجا حاصل ڪري ورتا. تعليم يافته هئڻ ڪري شهر جو ماڻهو مهذب ۽ متمدن هوندو آهي ان جو هٿيار سان ڪهڙو تعلق؟ جنهن شهر ۾ رهڻ ۽ صاف سٿري زندگي گهارڻ لاءِ وچولو طبقو ٻه ٻه ذميداريون ادا ڪندو هجي ان کي ڪٿي ٿو وقت ملي جو اهو هٿيارن جي ٻولي ڳالهائي پر جن کي ڏنڊي جي زور تي جيئڻو، ڪمائڻو ۽ کٽڻوآهي اهي ئي ان قسم جون ڪريل حرڪتون ڪن ٿا. جهڙي طرح هڪ علم واري شخصيت ۽ باعمل ۽ باڪردار هستي پنهنجي علائقي جي اندر ڄاتل سڃاتل هوندي آهي تهڙي طرح هڪ بدڪردار، لوفر، ڀتا وصول ڪندڙ، رهزن، چور ۽ ڪمينو شخص به پنهنجي علائقي ۾ چڱي طرح سڃا تو وڃي ٿو. پوليس، رينجرس ۽ ڳجهين قوتن کي خبرنه آهي ته لياري، چاڪي واڙه، شيرشاه، گوليمار، مليرسٽي، بلديه ٽائون، گلشن اقبال، شاه لطيف ٽائون، ناظم آباد ، ايف بي ايريا ۽ سهراب ڳوٺ وغيره جي علائقن ۾ ڪهڙا دهشتگرد ۽ شرپسند آهن ۽ ڪٿي ڪٿي هٿيار آساني سان ملي سگهي ٿو. ههڙي سڌريل شهر ۾ مسلمانن جا لاش گهٽين ۾ پيا هجن، زخمي تڙپندا هجن ۽ انهن جا وارث ٻه ٻه ڳوڙها گڏ ڳاڙي رهيا هجن اهو سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ٿو ته هتي جهنگ جو قانون هلي ٿو.

    ڪراچي هڪ شهر نه پر ڄڻ ته اڌ پاڪستان آهي. ڪراچي روزگار ڪمائڻ ۽ وسيلا ڪتب ۾ آڻڻ جو شهر آهي. ملڪ جي مختلف علائقن کان سواءِ ٻاهرين ملڪن جا ڪيترائي ماڻهو هن شهر ۾ ٻچن جي پيٽ قوت ڪمائڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هي شهر سوڙ جي هوندي به انهن کي سندن حيثيت آهر جاءِ ڏئي ٿو. ان شهر جو نيمڪ کائي ان شهر کي ڦٽائڻ ۽ ان شهر جي رهڻ وارن کي ڦرڻ، لٽڻ ۽ مارڻ قوم ۽ ملڪ جي ڪهڙي خدمت آهي؟ جن جا لال ريٽي رت ۾ وهنجي سندن وارثن اڳيان پهچن ۽ انهن ڪمائي کارائيندڙن جا چچريل لاش سندن پوڙها پيئر، جهونيون مائرون، وٺندا هوندا تڏهن انهن جي اکين، دل، دماغ ۽ هٿن سان ڇا وهندو واپرندو هوندو!

    ملڪ جي وهنوار کي هلائيندڙن ۽ اڇي ۽ ڪاري جي مالڪن جا اخباري بيان پڙهون ٿا ته حيرانگي ۾ وٺجي وڃون ٿا ته انهن جي دلين ۾ سندن رعيت لاءِ ڪيترو احساس موجود آهي. ايتري رتو ڇاڻ ۽ بي حساب معاشي نقصان جي باوجود به ” مفاهمت جي پاليسي جاري رکبي “ جهڙا بيان اچن ٿا. جمهوريت جي لڄ رکڻ خاطر فوج کي ڪونه گهرائبو.
    حقيقت هي آهي ته هي عوام خود ان جمهوري نظام جي حامي آهي. نچي ٽپي تاڙ يون وڄائي انهن پنهنجن اڳواڻن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ انهن کي کٽائڻ لاءِ ڪوڙا ووٽ ڏياريا ۽ انهن جون وڪالتون ڪيون. الله تعاليٰ جي موڪليل شرعي نظام کي قوم بلڪل پسند نه ڪيو. پارٽي جي بنياد تي ووٽ ڏنو پوءِ اميدوار ڀلي مشرڪ، بدعتي، بي نمازي، شرابي، زاني، ٺڳ، ڪوڙو ۽ حرام کائيندڙ ڇونه هجي. پوءِ انهن سڀني غلطين ۽ ڪوتاهين جو ڪيتو لوڙي رهيا آهيون. جيستائين توحيد ۽ سنت مطابق زندگي گذارڻ تي راضي نه ٿينداسون تيسيتا ئين امن، سڪون ۽ خوشحالي جو خواب ساڀيان نه ٿيندو. (ليکڪ : پروفيسر محمد جمن ڪنڀر۔ ماهوار دعوت اهلحديث حيدرآباد جي شڪريه سان )
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سڄي ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ ذميوار ڪير؟

    آءُ هن ليک ته نه ڳالهائيندس، بلڪل به نه ڳالهائيندس، پاڪستان جي ڳالهه آهي انڌير ننگري چرٻٽ راجا آهي ۽ آءُ نه ڳالهائيندس، قوم جي بدنصيبي آهي آءُ نه ڳالهائيندس ۔۔۔ پنهنجو ئي چنبو آهي پنهنجو ئي منهن آهي، آءُ نه ڳالهائيندس ۔۔۔

    سنڌ جي ڪهڙن انڌيرن تي ڳالهائجي ۔۔۔ هڪ هجي ته ڳالهائجي، هزار آهن ڪنهن ڪنهن جو ذڪر ڪجي ۔۔۔

    رب رحم ڪري ۔۔۔
     
  3. عبدالرحمان شر

    عبدالرحمان شر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سڄي ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ ذميوار ڪير؟

    ماشاء الله زبر دست مضمون آهي
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سڄي ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ ذميوار ڪير؟



    “جيستائين توحيد ۽ سنت مطابق زندگي گذارڻ تي راضي نه ٿينداسون تيسيتا ئين امن، سڪون ۽ خوشحالي جو خواب ساڀيان نه ٿيندو”[/

    COLOR]

    بيشڪ ادا اوهان جي ڳالھ سو فيصد درست آهي۔الله تعالا کان دعا آهي ته اسان کي صحيح واٽ تي هلڻ جي توفيق عطا فرما  اسان جون غلطين کي درگذر فرماء ۽ اهي ڪم ڪرائي جنهن ۾ اسان جا ٻئي جهان سرخرو ٿين۔
    مهرباني ادا اهڙي قيمتي ونڊ لا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو