• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دلچسپ حقيقتون؛

نثارابڙو

نائب منتظم

.

دلچسپ حقيقتون؛
*رت جي ڳاڙهن جزن کي پوري جسم مان گهمي اچڻ ۾ صرف 20 سيڪنڊ لڳندا آهن.

*اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته کلڻ سان ماڻهن ۾ الرجي جي اثرات کي گهٽائي سگهجي ٿو.

*کلڻ سان جسم ۾ ٿڪاوٽ وارا جزا گهٽبا آهن ۽ دفاع وارا جزا وڌندا آهن.

*ڇهن سالن جو ٻار ڏينهن ۾ 300 گهمرا کلي ٿو، جڏهن ته بالغ انسان ڏينهن ۾ 15 کان 100 ڀيرا کلي ٿو.

*انسان جي دل ۾ رت جو دٻاءُ ايترو ٿئي ٿو جو انکي ڪڍجي ته رت 30 فوٽن تائين اڇل کائيندي.

* 1865 عيسوي جي فيبروري مهيني ۾ پورو چنڊ نه اڀريو هو

*ٽماٽو ڪيچ اپ کي آمريڪا ۾ دوا جي طور استعمال ڪيو ويندو هو

*جڏهن انسان جذبات ۾ يا شرم کان تپي ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ته سندس پيٽ ۾ مادي جون رڳون پڻ ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن.

* 1600عيسوي ۾ ٿرماميٽر ۾ پاري جي بجاءِ برانڊي شراب وڌو ويندو هو.

*اسانجي واچن ۾ ڪوارٽز ڪرسٽل هڪ سيڪنڊ ۾ 23768 دفعا لڏندو آهي.

* 1885 ۾ بوٽن جا معياري ماپا برطانيا ۾ ايجاد ڪيا ويا

*هڪ عام ماڻهونءَ جي اک هڪ ڏينهن ۾ 30 منٽ بند ٿيندي آهي، اکين ڇنڀڻ جي سبب، پر عورت جي اک مرد کان ٻيڻي ڇڀجندي آهي.

* روزانه لڳ ڀڳ 200 ملين جوڙا پيار ڪنٿا، 4 لک ٻار پئدا ٿين ٿا ۽ 1 لک 50 هزار ماڻهون مرن ٿا

* عورت جي گرڀ ۾ ٻار جي چوڌاري جمع ٿيل پاڻياٺ هر 3 ڪلاڪن کانپوءِ بدلبي رهندي آهي.

* ٻي جنگ عظيم ۾ ايترا جهازن جا پائلٽ نه مئا هئا جيترا ان جنگ جي تدريب (ٽريننگ ) ۾ مئا هئا. لڳ ڀڳ ٻيڻان ويڙهاڪ پائلٽ مئا هئا

* Dead Sea مئل سمنڊ ۾ ڪو به ماڻهون ٻڏندو ناهي، ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ ۾ 25 فيصد لوڻ آهي، جنهن سبب پاڻي تمام ڳرو ٿئي ٿو

* هلڪي گرم پاڻيءَ سان ٻوٽا وڌيڪ وڌندا آهن بجاءِ ٿڌي پاڻيءَ جي.

* زمين تي موجود سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ست ملين ٽن سون مليل يا ڳريل آهي

* اهڙا ٻار جن ماءُ جو ٿڃ پيتو هوندو آهي انهن جي ذهانت، انهن ٻارن کان ست نقطا وڌيڪ هوندي آهي جن ٻارن ماءُ جو کير نه پيتو هوندو آهي.

[* انسان جون اکيون هميشه هڪ ئي ماپي جون هونديون آهن پر ڪن ۽ نڪ هميشه وڌندو رهندو آهي .

* : ‘The quick brown fox jumps over the lazy dog’ انگريزيءَ جي هن جملي ۾ انگريزي ٻوليءَ جي پوري الفابيٽ شامل آهي.

* ٻليءَ جي هر هڪ ڪن ۾ 32 لوٿڙا (muscles) هوندا آهن

* گولڊ فش (سونهري مڇي) کي 3 سيڪنڊن جي ياداشت هوندي آهي

* مڇين جي نسل ۾ صرف شارڪ مڇي ٻئي اکيون ڇنڀي سگهندي آهي.

* A snail سپي ٽن سالن تائين ننڊ ڪري سگهي ٿو.

* شتر مرغ جي اک سندس دماغ کان وڏي هوندي آهي

* ڄاول ٻارن جي گوڏن جي ڍڪڻي نه هوندي آهي، اها 2 کان 6 سالن جي عمر اندر ٺهندي آهي

* گذريل 4000 سالن کان انسان ڪو نئون جانور گهريلو نه ڪري سگهيو آهي.

* چائنا جا ماڻهون قطار ڪري ڪلهو ڪلهي سان ملائي اوهانجي سامهون هلڻ شروع ڪن ته ڪڏهن به اها لائين نه کٽندي ، ڇاڪاڻ ته پويان نوان ٻار ڄمندا رهندا ۽ قطار هلندي رهندي.

* عام ماڻهونءَ جو کاٻو هٿ 56 فيصد ٽائيپ ڪندو آهي.

* 1932 جي سياري جو آمريڪا ۾ ايتري ٿڌ ٿي هئي جو آمريڪا جو مشهور نياگارا ڦال مڪمل برف ٿي ڄمي ويو هو.

* دنيا ۾ انسانن کان وڌيڪ ڪڪڙيون آهن.

* دنيا جي مشهور ڊڪٽيٽر ونسٽن چرچل جو ڄم سندس ماءُ جي نچڻ دوران ٿيو.

 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

*هڪ عام ماڻهونءَ جي اک هڪ ڏينهن ۾ 30 منٽ بند ٿيندي آهي، اکين ڇنڀڻ جي سبب، پر عورت جي اک مرد کان ٻيڻي ڇڀجندي آهي.

سائين تمام بهترين۔۔۔پر اهو اکين ڇڀڻ جو سبب ڇا آهي۔؟؟؟​
 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

سائين عاشق عورتون شرم ڪنديون آهن ۽ عاشق مجبور گهٽ۔۔۔۔
 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

* روزانه لڳ ڀڳ 200 ملين جوڙا پيار ڪنٿا، 4 لک ٻار پئدا ٿين ٿا ۽ 1 لک 50 هزار ماڻهون مرن ٿا

سائين نثار قرب

تمام ڪارائتي معلومات
 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

زمين تي موجود سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ست ملين ٽن سون مليل يا ڳريل آهي

سائين تمام بهترين معلومات آهي پر جيڪڏهن سون ڪٿي ملندو يا ڪٿي ڳريل ئي پيل آهي ان جي باري ۾ ڪا معلومات هجو ته ضرور ونڊ ڪجو $-)

لاجواب ونڊ آهي سائين

سدائين گڏ
 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

ادا بلڪل حقيقت تي ٻڌل دلچسپ ڳالهيون تمام پياريون بيان ڪيون اٿو۔ مهرباني۔
 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

سڀني دوستن جا لک ٿورا جن هن ليک کي پسند ڪيو ۔۔۔ پر اڃان هڪ دلچسپ معلومات آهي جيڪا آ سڀ کان آخر ۾ ٻڌائيندس، سو انتظار ڪريو ۔۔۔ ؟

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

سڀني دوستن جا لک ٿورا جن هن ليک کي پسند ڪيو ۔۔۔ پر اڃان هڪ دلچسپ معلومات آهي جيڪا آ سڀ کان آخر ۾ ٻڌائيندس، سو انتظار ڪريو ۔۔۔ ؟

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

دلچسپ معلومات لاء آخر ڪڏهن ٿيندي آهي اها ڳاله ته اوهان ئي ٻڌائي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔ آخر مان مقصد الائي ڪهڙو آهي اوهان جو ۔۔۔۔۔۔ موضوع جي آخر يا راين جي آخر ۔۔۔۔۔
 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

دلچسپ معلومات لاء آخر ڪڏهن ٿيندي آهي اها ڳاله ته اوهان ئي ٻڌائي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔ آخر مان مقصد الائي ڪهڙو آهي اوهان جو ۔۔۔۔۔۔ موضوع جي آخر يا راين جي آخر ۔۔۔۔۔

يار وساڻ! اها دلچسپ ڳالهه ته آ آخر ۾ ٻڌائيندس، ۽ آخرت جي خبر ته ڪنهن کي به ناهي ۔۔۔؟ پر ها اڄ جي دلچسپ معلومات اها آهي ته ؛

* فبروري 2011 ۾ شروع ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش جي ڍاڪا شهر جي سڀني فقيرن کي 3 مهينن لا روزانه هر هڪ فقير کي اڍائي ڊالر حڪومت ڏيندي ته جيئن هو روڊن تي پنڻ لا نه نڪرن ۔۔۔!!!

آهي نه دلچسپ معلومات ۔۔۔
 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

تمام زبردست معلومات آهي۔۔۔ سڀني جي ڪم جي معلومات آهي، عاشق، سليمان وساڻ ۽ فقير جي راين مان ان جي خبر پئجي وئي۔۔۔۔ ها ها ها
 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

يار وساڻ! اها دلچسپ ڳالهه ته آ آخر ۾ ٻڌائيندس، ۽ آخرت جي خبر ته ڪنهن کي به ناهي ۔۔۔؟ پر ها اڄ جي دلچسپ معلومات اها آهي ته ؛

* فبروري 2011 ۾ شروع ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش جي ڍاڪا شهر جي سڀني فقيرن کي 3 مهينن لا روزانه هر هڪ فقير کي اڍائي ڊالر حڪومت ڏيندي ته جيئن هو روڊن تي پنڻ لا نه نڪرن ۔۔۔!!!

آهي نه دلچسپ معلومات ۔۔۔

ابووووو۔۔۔۔ فقير سائين ذري تان گُسي ويو۔۔۔ جيڪڏهن پاڪستان مان ورلڊ‌ڪپ جون ميچون شفٽ نه ٿين ها ته اسان واري لوڪل فقير جو به وارو لڳي وڃي ها۔۔۔ پر خير۔۔۔ فقير جو نيٽورڪ ته وسيع آهي، انتظار ڪريون ٿا متان انڊيا ۾ اها آفر شروع ٿئي، ڇو ته اتي فقير جو هڪ مُک همراهه ويٺل آهي۔۔۔۔​
 
جواب: دلچسپ حقيقتون؛

يار وساڻ! اها دلچسپ ڳالهه ته آ آخر ۾ ٻڌائيندس، ۽ آخرت جي خبر ته ڪنهن کي به ناهي ۔۔۔؟ پر ها اڄ جي دلچسپ معلومات اها آهي ته ؛

* فبروري 2011 ۾ شروع ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش جي ڍاڪا شهر جي سڀني فقيرن کي 3 مهينن لا روزانه هر هڪ فقير کي اڍائي ڊالر حڪومت ڏيندي ته جيئن هو روڊن تي پنڻ لا نه نڪرن ۔۔۔!!!

آهي نه دلچسپ معلومات ۔۔۔

واه سائين واه ۔۔۔۔۔

اها صرف دلچسپ ئي نه پر تمام دلچسپ خبر آهي۔
 
Back
Top