صوفيء صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو! ( سسئي پليجو )

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صوفيء صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو!

    تحرير : سسئي پليجو

    [​IMG]

    [JUSTIFY]اکيون بيشڪ ڳالهائينديون آهن، اکين ۾ انتظار به هوندا آهن، اکين ۾ پيار به پسبو آهي ته اکين ۾ خمار به هوندا آهن. پر ان وقت جيڪي اکيون مون ڏٺيون، انهن ۾ موسيقي هئي، انهن ۾ خواب هئا ۽ چمڪ هئي، بلڪه آڳ (Fire) هئي. عجيب آڳ، ڪنهن کي ساڙڻ واري آڳ نه، پر روشني واري آڳ، روشن خيالي واريون سنڌ جون هزارين هزارين روشن اکيون. مون کي ڪيتري عرصي کانپوءِ لڳو ته سنڌ جون اکيون نه فقط سجاڳ آهن، پر سجاڳي ۾ خواب پيون لهن ۽ انهن خوابن جي تعبير ماڻڻ لاءِ هاڻ رستا، ڳولين پيون ۽ ان لاءِ هر ڪاري رات سان وڙهڻ لاءِ تيار آهن. شاهه سائين صحيح چيو آهي ته ”اکين کي آهن وڏا وجهه وڙهڻ جا.“ سچ پچ مون کي تمام گهڻو مزو آيو، گهڻي عرصي کانپوءِ. ماڻهو چوندا آهن ته درگاهن، مزارن تي دلي سڪون ملندو آهي، پر لطيف جي مزار چوڻ ۾ ته هن جي آخري آرامگاهه آهي، پر اصل ۾ سجاڳي جو سامان آهي. ائين ئي جيئن سندس هوشربا محبت سان ٽمٽار شاعري، جنهن ۾ ڳالهه ئي آهي، ”ستا اٿي جاڳ“ واري يا ”تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ واري سمجهاڻي. هتي ته سڪون کان وڌيڪ ولولو هلي ٿو. اها عام درگاهه ناهي. سڀ ڪجهه بي انتها خوبصورت هو، پر ان وقت ته نظارو ويتر حسين بنجي ويو، جڏهن چوڏهين جو چنڊ اهو وڏو ويڪرو روشن چنڊ ڪراڙ جي بنهه سامهون ٿي بيٺو ۽ لطيف جي ڀٽ ڪنهن جادوئي نگري جو ڏيک ڏئي رهي هئي. چئوطرف طلسم ئي طلسم ٿي محسوس ٿيو. مون کي ان وقت اهي سڀ افسانا، ڪهاڻيون، شاعريون ۽ تمثيلون ياد اچي ويون، جيڪي مون هيستائين پڙهيون هيون، پر اهي افسانا هئا ۽ هي افساني جهڙو حقيقي نظارو.

    سامهون ڪراڙ پنهنجي چوڌاري لڳل لائيٽن کان وڌيڪ ان چوڏهين جي چنڊ جي سوجهري ۾ شاندار ۽ ڪمال ٿي لڳي. سامهون لطيف سائين جي درگاهه به پنهنجي آب و تاب سان چمڪي پئي ۽ پاسي ۾ سنڌ جي بي حد سريلن آوازن جون صدائون هيون. سسئي، مومل، مارئي، سورٺ جون صدائون، محبت، انتظار، بي چيني، بي قراري، جستجو ۽ ميلاپ جون صدائون، جن جنوري جي ٿڌ ۾ به ڀٽ کي گرمائي وڌو. منهنجا ته سارا ٿڪ لهي ويا، روح جي آزادي جي عجيب ڪيفيت هئي. ڪا هڪڙي گهڙي اهڙي نه هئي، جنهن ۾ سوچ ۽ خيال ڪنهن قيد ۾ محسوس ٿيو هجي. هر اکر، هر لفظ، هر صدا ۽ سُر عجيب روشن خيالي جي گونج هئي، جو ان ۾ ڪا به فتوا گيري جو نه هئي.

    صوفيء صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
    تنهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

    مون کي ان وقت شدت سان احساس ٿيو ته سنڌ جو اصل روح، سڃاڻپ ۽ ڪهاڻي اهو ئي صوفي وارو آلاپ آهي. هر جنونيت، ڏهڪاءُ ۽ دهشت کان پاڪ ۽ پري. احساس ٿيو ته فقط جسم رقص ناهن ڪندا، دل به محوِ رقص ٿي پوندي آهي. راڳ به جذبن جو عجيب ۽ خوبصورت اظهار آهي. انهن ماڻهن لاءِ ڇا چئجي، جيڪي راڳ تي پابندي جي ڳالهه ڪندا هجن، راڳ ته روح جي غذا آهي. ڪنهن راڳي پنهنجو ساز ئي وڄايو ته ائين ٿي لڳو، جيئن دل ۾ هزارين جل ترنگ اٿي پيا هجن. بيشڪ دل جي ان سرشاري ۽ سرور جو رشتو ذهن ۽ روح جي اظهار جي آزادي سان آهي. ان وقت مون سوچيو، سنڌ تي ڪيترا به آمراڻا طوق ڀلي مختلف وقتن تي وڌا ويا هجن، پر سنڌ جو روح آزاد آهي، جو سنڌ جي تاريخ، تصوف، تهذيب، ثقافت، راڳ ۽ رقص سڀ رنگن ۽ زندگي سان ڀرپور آهن، وسيع آهن عظيم آهن. جڏهن سازن جي صدا آزاد هجي، جتي سُرن جي گونج آزاد هجي، جتي چوڏهين جو چنڊ آزاد هجي، جڏهن دل جي جذبن تي ڪو به پهرو، ڪو به تالو نه لڳائي سگهجي، ته پوءِ ڪي فتوائون يا هٿ ٺوڪي جنونيت ۽ انتهاپسندي ماڻهو جي بنيادي آزادي جي نظرين تي زنجير ڪيئن ٿيون وجهي سگهن. اهڙي ڪنهن بنياد پرست سوچ دهشتگردي سان هتي ڪا زنجير وجهڻ جي ڪوشش به ڪئي ته لطيف جي سنڌ هر ان زنجير کي رد ڪندي.

    نه ان ڪي رسم نئي هي
    نه اپني ريت نئي
    يونهي هميشه کهلائي هين
    هم ني آگ مين پهول
    نه ان کي هار نئي هي
    نه اپني جيت نئي!


    سنڌ جو تعارف ته اسان جا اهي صوفي شاعر آهن، جن انسانيت جو درس عام ڪرڻ لاءِ جهرجنگ ۽ جبل جهاڳيا آهن. هن وقت سنڌ جي تعارف کي جهڙيءَ ريت خراب ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ان کي اسان تڏهن ئي بچائي سگهون ٿا، جڏهن پنهنجي صوفين جي ڪلام جو ورق ورق اٿلائي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو ورد ڪريون ته ڀٽائي سائين اڍائي ٽي سئو سال اڳ جنهن فهم ۽ ويزن جو اظهار ڪيو آهي، اهو ويزن ڪنهن ريت هڪ جديد دنيا جي تصور کان گهٽ ڪونهي. اوهان ڪهڙو به مسئلو کڻو ڀٽائيءَ وٽ ان جو حل جديد سوچ موجب ئي آهي. عورت جو موضوع هجي، مذهب جو موضوع هجي، حڪمرانيءَ جو موضوع هجي، عشق جو موضوع هجي، سمورن موضوعن ڏانهن ڀٽائيءَ جي ايپروچ روشن خياليءَ سان ڀرپور ملي ٿي. سنڌ تاريخ ۾ ڪنهن به ريت ايئن ناهي سوچيو، جيئن هاڻي سبق پڙهايا پيا وڃن. ”نڪا جهل نه پل، هرڪو پسي پرينءَ کي.“ اوهان ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ ڏسو، ۽ ان جديد دنيا کي ڏسو، پوءِ ڀيٽيو ته ڀٽائيءَ وٽ ان دور ۾ به ويزن ڪيترو اڳڀرو هو، ۽ جيڪا دنيا هن وقت ڀٽائيءَ جي ان سٽ جي زنده تصوير آهي، ان دنيا وٽ به ان وقت اهڙي سوچ ڪونه هئي.

    اسان هڪ جديد ورثي جا وارث آهيون، هڪ جديد سوچ ۽ روشن خيالي سنڌ جي رڳن ۾ ڊوڙي رهي آهي. پر اسان کي ڊڪٽيٽ ڪرايو پيو وڃي ته روشن خياليءَ تان هٿ کڻي وڃون، ان جديد سوچ تان هٿ کڻي وڃون، جيڪا سوچ دراصل هاڻوڪي سنڌ جي نجات جي ضمانت آهي. هتي جيڪي به شيون آهن، سي ڪي مصنوعي شيون ڪونهن، جيڪي به ٽرينڊ يا روايتون آهن، سي مصنوعي ناهن، اهي فطري آهن. انهن لاءِ اسان کي ڪنهن سبق پڙهڻ جي ضرورت ڪونهي. سماج ڪيئن هجڻ گهرجي، ان لاءِ ڀٽائي سمجهائي ويو آهي، عورت ڏانهن سماج جو رويو ۽ عورت جي حيثيت ڪهڙي هجڻ گهرجي، ان ۾ به ڀٽائي جي سمجهاڻيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ڪونهي. اسان کي سياست ڪيئن ڪرڻ گهرجي، مذهبن ڏانهن رويو ڪيئن هجڻ کپي، ڇا ان لاءِ ڀٽائيءَ کان وڏو ڪو استاد ٿي سگهي ٿو؟ هو جنهن فطرت ۽ سنڌ کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڏٺو، جنهن جو هڪ هڪ شعر وجودن جي مير لاهڻ جو سامان فراهم ڪري ٿو، ۽ جيڪو پنهنجي بيتن ذريعي هڪ جديد سماج جو عڪس اسان جي هٿن ۾ ڏئي ويو آهي، ڇا ان عڪس کي اسان ايئن ئي تحليل ٿيڻ ڏينداسين؟ ۽ هڪ جديد ديس جي تصور تان دستبردار ٿي وينداسين؟

    sassui@hotmail.com[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  2. رسولبخش

    رسولبخش
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: صوفيء صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو! ( سسئي پليجو )

    ڏاڍو بهترين سٽا سسئي سورمي جو
    مونکي اڄ خبر پئي ته ادي سسئي سٺو ايڏو سٺو به لکي سگھي ٿي واه واه سوچ ۽لوچ کي سلام
     
  3. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: صوفيء صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو! ( سسئي پليجو )

    بهترين ونڊ۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: صوفيء صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو! ( سسئي پليجو )

    سٺي ونڊ آهي سائين .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو