”سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو“: بل قومي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ منظور
اسلام آباد (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نواب يوسف ٽالپر جو علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل قومي اسيمبلي بحث لاءِ منظور ڪري ورتو آهي، بل تحت سنڌي ٻولي سميت مقامي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويندو. يوسف ٽالپر جي غير موجودگي جي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر نواب عبدالغني ٽالپر قومي اسيمبلي ۾ آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم ڪري سنڌي ٻولي سميت علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ بابت بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، جنهن تي حڪومتي ڌر پاران مخالفت نه ڪئي وئي ۽ بعد ۾ اسپيڪر پاران اجازت ملڻ کانپوءِ نواب عبدالغني ٽالپر بل پيش ڪيو. ايوان جي اڪثريت راءِ سان ان بل کي بحث لاءِ منظور ڪيو ويو. اهو بل سيد امير علي شاهه، پير فضل علي شاهه جيلاني، غلام علي نظاماڻي، نواب وساڻ، ڪشنچند پارواڻي، نظير احمد ٻگهيي، روشن الدين جوڻيجي، ماروي ميمڻ، ڊاڪٽر طلعت مهيسر، ڊاڪٽر عبدالواحد سومري، غوث بخش مهر، ارباب ذڪاءُ الله، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالحق عرف ميان مٺو، شير محمد بلوچ، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، شمشاد ستار بچاڻي، مير عامر خان مگسي، رياض حسين پيرزادي ۽ نواب عبدالغني ٽالپر جي صحيح سان پيش ڪيو ويو آهي.
ڄاڻايل بل ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم ڪئي وڃي، جنهن تحت سنڌي، سرائيڪي، بلوچي، پشتو، پنجابي، اردو ۽ شينا/بلتي کي پاڪستان جي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، بل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سرڪاري زبان انگريزي هوندي، پر قومي ٻولين کي انهيءَ سرڪاري زبان جي برابر آڻڻ جا انتظام ٿيڻ تائين انگريزي ٻولي ملڪ جي سرڪاري زبان طور استعمال ٿيندي رهندي. بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت قومي ٻولين جي ترقي، واڌاري ۽ اسڪولن جي سطح تي عربي زبان جي لازمي مضمون جي حيثيت سان ۽ فارسي زبان جي اختياري مضمون جي حيثيت سان پڙهائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ فنڊ قائم ڪندي. بل ۾ چيو ويو آهي ته قومي ٻولين جي حيثيت کي متاثر ڪرڻ کان سواءِ ڪا به صوبائي اسيمبلي قانون ذريعي قومي ٻولين سان گڏوگڏ ڪنهن به صوبائي ٻولي جي تدريسي واڌاري ۽ استعمال لاءِ قدم تجويز ڪري سگهندي. بل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جون مشهور ٻولين سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو، سرائيڪي ۽ شينا/بلتي کي پاڪستان جي آئين ۾ انهن جو جائز مقام ناهي ڏنو ويو، انهن ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ۽ قومي حيثيت ڏيڻ واري مطالبي جي حوالي سان ملڪ ۾ ڪيتريون ئي عوامي تحريڪون هلي رهيون آهن، تنهن ڪري انهن ٻولين کي پاڪستان جي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ انتهائي ضروري بڻجي ويو آهي