نازي ازم/ النازية (nazism) اها هڪ سياسي تحريڪ هئي جنهن جي پوئلڳن کي نازي چوندا آهن . نازين 1933 عيسوي کان 1945 عيسوي تائين جرمني تي حڪومت ڪئي . هن تحريڪ جي بنياد هن اساسن تي رکيل هئي ته جرمن قوم ٻين عالمي قومن کان برتر آهن . هن کان سواءِ جرمني جي وڌندڙ عسڪري جذبن هن تحريڪ تي نمايان اثر وڌو . هن جماعت جو اصل مقصد اهو هيو ته جرمني کي دنيا جي مضبوط تر طاقت بنائجي . 1933 عيسوي ڌاري هن پارٽي هٽلر جي قيادت هيٺ جرمني تي حڪومت قائم ڪري ورتي . 1938 عيسوي ۾ هٽلر پنهجني گهرڀل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻي عالمگير جنگ شروع ڪري وڌي . جنهن ۾ شروعاتي طور تي ڪجھ ڪاميابيون مانڻ کان پوءِ 1945 عيسوي ۾ جرمني کي شڪست ٿي وئي . چيو وڃي ٿو ته هٽلر هن ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي هئي ۽ هن کان پوءِ نازي ازم پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. هٽلر(hitler) اهو جرمني جو ليڊر هيو . آسٽريا جي مٿائين علائقن ۾ هڪ رومن ڪيٿولڪ گهراڻي ۾هن جو جنم ٿيو . ابتدائي زمانو نهايت غريباڻي ۾ گذاريائين . ڪجه عرضي کان پوءِ مصوري جي تعليم حآصل ڪيائين پر ويانا آرٽش اسڪول جي امتحان ۾ ناڪام ٿيو . پهرين عالمي جنگ ڇڙڻ تي فوج ۾ معمولي سپاهي طور ڀرٿي ٿيو . 1920 عيسوي ۾ نازي تحريڪ جي بنياد وڌائين .1922 عيسوي ۾ وقت جي حڪومت خلاف ناڪام بغاوت ڪيائين 1923 عيسوي ۾ چانسلر جي عهدي لاءِ وڙهيو پر کٽي نه سگهيو . 1933 عيسوي ۾ وزير اعظم (چانسلر) مقرر ٿي ويو . هٽلر برسراقتدار اچڻ سان ئي جرمني پارليمنٽ ٽوڙي ڇڏيائين ۽ سڀنن سياسي پارٽين کي سواءِ نازي پارٽي جي قانون جي خلاف قرار ڏئي ۽ ڪميونزم ، سوشل ازم ۽ جمهوريت پسندن کي قيد ڪري گولين جو کاڄ بڻايائين . يهودين لاءِ وڏو ڏمر ثابت ٿيو هزاين يهودين کي مار ڇڏيائين (۽ هن ڏينهن کي يهودي اڄ به هولو ڪاسٽ جي نالي سان ملهايندا ٿا اچن) 1036 عيسوي ۾ رهائن لينڊ تي قبضو ڪري ورتائين 1938 عيسوي ۾ آسٽريا تي فوجي کاھ ڪري آسٽريا کي جرمني ۾ شامل ڪري ڇڏيائين جنهن جي ڪري دنيا ۾ ٻي عالمي جنگ جي شعلا ڀڙڪي پيا . جنگ جي دوران هٽلر ، ناروي ، هالينڊ ،بيلجيم ،فرانس ۽ بلقان رياستن تي قبضو ڪري ورتو آخرڪار جون 1941 عيسوي ۾ روس تي حمله آور ٿيو ۽ اڌ روس تي پنهجو قبضو ڪري ورتائين پر 1943 عيسوي ۾ جنگ جو رخ پلٽو کاڌو ۽ روسي محاذ تي جرمني فوج کي لڳاتار شڪست سان منهن ڏيڻو پيو ۽ نيٺ آخر ۾ نازي فوج کي ناڪام ٿيڻو پيو . شمالي افريڪه ۾ به هن کي شڪست ملي .20 جولائي 1944 عيسوي ۾ هن کي قتل ڪرڻ جي سازش ئي وئي ، 30 اپريل 1945 عيسوي ۾ روس برلن جو محاصرو ڪيو ۽ هن جي بچڻ جي اميد ختم ٿي ته چيو وڃي ٿو ته هن خودڪشي ڪري ڇڏي. هوئن جرمني جي بجائي جاپان جي ماڻهن ۾ خودڪشي ڪرڻ جو رواج عام ڄام آهي .
جواب: نازي ازم ۽ هٽلر ڄاڻ وارو مضمون آهي هٽلر کي اڃان تائين هڪ آمر، ظالم۽ بي رهم شخص طور ياد ڪيو ٿو وڃي۔ نازي ڪئمپن ۽ فوجين جا ظلم تاريخ جو حصو آهن۔
جواب: نازي ازم ۽ هٽلر جي ادا بلڪل صحيح ٿا چيو ۔ پر يهودين سان جيڪا هن شخص وهڌڻ ڪئي آهي سا به يادگار آهي