• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نازي ازم ۽ هٽلر

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
نازي ازم/ النازية (nazism)

اها هڪ سياسي تحريڪ هئي جنهن جي پوئلڳن کي نازي چوندا آهن . نازين 1933 عيسوي کان 1945 عيسوي تائين جرمني تي حڪومت ڪئي . هن تحريڪ جي بنياد هن اساسن تي رکيل هئي ته جرمن قوم ٻين عالمي قومن کان برتر آهن . هن کان سواءِ جرمني جي وڌندڙ عسڪري جذبن هن تحريڪ تي نمايان اثر وڌو . هن جماعت جو اصل مقصد اهو هيو ته جرمني کي دنيا جي مضبوط تر طاقت بنائجي . 1933 عيسوي ڌاري هن پارٽي هٽلر جي قيادت هيٺ جرمني تي حڪومت قائم ڪري ورتي . 1938 عيسوي ۾ هٽلر پنهجني گهرڀل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻي عالمگير جنگ شروع ڪري وڌي . جنهن ۾ شروعاتي طور تي ڪجھ ڪاميابيون مانڻ کان پوءِ 1945 عيسوي ۾ جرمني کي شڪست ٿي وئي . چيو وڃي ٿو ته هٽلر هن ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي هئي ۽ هن کان پوءِ نازي ازم پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

هٽلر(hitler)

اهو جرمني جو ليڊر هيو . آسٽريا جي مٿائين علائقن ۾ هڪ رومن ڪيٿولڪ گهراڻي ۾هن جو جنم ٿيو . ابتدائي زمانو نهايت غريباڻي ۾ گذاريائين . ڪجه عرضي کان پوءِ مصوري جي تعليم حآصل ڪيائين پر ويانا آرٽش اسڪول جي امتحان ۾ ناڪام ٿيو . پهرين عالمي جنگ ڇڙڻ تي فوج ۾ معمولي سپاهي طور ڀرٿي ٿيو . 1920 عيسوي ۾ نازي تحريڪ جي بنياد وڌائين .1922 عيسوي ۾ وقت جي حڪومت خلاف ناڪام بغاوت ڪيائين 1923 عيسوي ۾ چانسلر جي عهدي لاءِ وڙهيو پر کٽي نه سگهيو . 1933 عيسوي ۾ وزير اعظم (چانسلر) مقرر ٿي ويو . هٽلر برسراقتدار اچڻ سان ئي جرمني پارليمنٽ ٽوڙي ڇڏيائين ۽ سڀنن سياسي پارٽين کي سواءِ نازي پارٽي جي قانون جي خلاف قرار ڏئي ۽ ڪميونزم ، سوشل ازم ۽ جمهوريت پسندن کي قيد ڪري گولين جو کاڄ بڻايائين . يهودين لاءِ وڏو ڏمر ثابت ٿيو هزاين يهودين کي مار ڇڏيائين (۽ هن ڏينهن کي يهودي اڄ به هولو ڪاسٽ جي نالي سان ملهايندا ٿا اچن) 1036 عيسوي ۾ رهائن لينڊ تي قبضو ڪري ورتائين 1938 عيسوي ۾ آسٽريا تي فوجي کاھ ڪري آسٽريا کي جرمني ۾ شامل ڪري ڇڏيائين جنهن جي ڪري دنيا ۾ ٻي عالمي جنگ جي شعلا ڀڙڪي پيا . جنگ جي دوران هٽلر ، ناروي ، هالينڊ ،بيلجيم ،فرانس ۽ بلقان رياستن تي قبضو ڪري ورتو آخرڪار جون 1941 عيسوي ۾ روس تي حمله آور ٿيو ۽ اڌ روس تي پنهجو قبضو ڪري ورتائين پر 1943 عيسوي ۾ جنگ جو رخ پلٽو کاڌو ۽ روسي محاذ تي جرمني فوج کي لڳاتار شڪست سان منهن ڏيڻو پيو ۽ نيٺ آخر ۾ نازي فوج کي ناڪام ٿيڻو پيو . شمالي افريڪه ۾ به هن کي شڪست ملي .20 جولائي 1944 عيسوي ۾ هن کي قتل ڪرڻ جي سازش ئي وئي ، 30 اپريل 1945 عيسوي ۾ روس برلن جو محاصرو ڪيو ۽ هن جي بچڻ جي اميد
ختم ٿي ته چيو وڃي ٿو ته هن خودڪشي ڪري ڇڏي. هوئن جرمني جي بجائي جاپان جي ماڻهن ۾ خودڪشي
ڪرڻ جو رواج عام ڄام آهي .
 
جواب: نازي ازم ۽ هٽلر

ڄاڻ وارو مضمون آهي

هٽلر کي اڃان تائين هڪ آمر، ظالم۽ بي رهم شخص طور ياد ڪيو ٿو وڃي۔

نازي ڪئمپن ۽ فوجين جا ظلم تاريخ جو حصو آهن۔
 
جواب: نازي ازم ۽ هٽلر

ڄاڻ وارو مضمون آهي

هٽلر کي اڃان تائين هڪ آمر، ظالم۽ بي رهم شخص طور ياد ڪيو ٿو وڃي۔

نازي ڪئمپن ۽ فوجين جا ظلم تاريخ جو حصو آهن۔

جي ادا بلڪل صحيح ٿا چيو ۔ پر يهودين سان جيڪا هن شخص وهڌڻ ڪئي آهي سا به يادگار آهي
 
Back
Top