پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري وارو سوال ۽ ميڊيا جو ڪردار

    ليکڪ : محمد نواز کهاوڙ
    July 9, 2009


    ”اي سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو“ شيخ اياز جا اهي الفاظ سنڌ سان ٿيندڙ سياسي ۽ معاشي ڦرلٽ جي مڪمل عڪاسي ڪن ٿا. اياز سنڌ جي قومي تشخص جي ڳالهه ڪندڙ سنڌ جو عاشق، هڪ سياسي ورڪر ڏاهو ۽ دانشور هو، ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ دوران سنڌڙي جي نالي وٺڻ مان سندس مراد سنڌ جي حق حاڪميت ۽ معاشي آزادي جي ڳالهه ڪرڻ هئي، جنهن کي عرف عام صوبائي خودمختياري چيو وڃي ٿو. جنهن جو ذڪر اڄڪلهه سياسي جلسن، ٻنهي ايوانن ۾ ۽ خاص طور تي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلي رهيو آهي. 70ع جي ڏهاڪي ۾ به سنڌ جو نالو وٺڻ مختلف وجوهات جي ڪري اسٽيبلشمينٽ، مذهبي پارٽين، وفاقي پارٽين ۽ سوشلسٽ دوستن کي چيڙائي وجهندو هو. حالانڪه روس جي ٽٽڻ جو هڪ سبب قومي تضاد به هو، شيخ مجيب جي ڇهن نقطن ۾ پاڪستان کان عليحدگي جو ڪو به ذڪر ڪو نه هو، شيخ صاحب ته مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ نئين سماجي معاهدي جي ڳالهه ڪئي، جنهن تحت صوبن جا سياسي ۽ معاشي حقوق بحال ٿيڻا هئا. عوامي ليگ انهن ڇهن نقطن تحت وڏي اڪثريت سان اها اليڪشن کٽي جيڪا يحيٰ خان جي نگراني ۾ ٿي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ صاف، شفاف ۽ غير متنازع ليکي وڃي ٿي، مگر پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ڪجهه سياستدانن سان ملي ڪري شيخ مجيب الرحمان کي قومي سلامتي خلاف ۽ غدار قرار ڏئي جيل ۾ وجهي ڇڏيو. بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ رهيل پاڪستان ۾ ٽريڊ يونين سياست کي هٿي وٺرائي وئي. تاڙ ۾ ويٺل ڌاريا سرمائيدار ۽ بيوروڪريٽ حڪومت جي سهڪار سان ڌارين مزدورن کي ڪراچي ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن جي ڪارخانن ۾ تسلسل سان روزگار ڏياريندا هئا. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ هڪ سازش تحت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌاري آبادڪاري ڪرائي، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
    آئيني ترميم ذريعي حقيقي صوبائي خودمختياري جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي قوت ٻن وڏين وفاقي پارٽين پ پ، نواز ليگ ۽ سندن اتحادين وٽ رهي آهي، پ پ جڏهن مخالف ڌر ۾ هوندي آهي ته سنڌ جي ناڻي، پاڻي ۽ وسيلن جي مالڪي تي قومپرستن سان گڏجي انهيءَ وچن سان ڀرپور آواز اٿاريندي آهي ته جڏهن به پارٽي اقتدار ۾ ايندي ته سنڌ جا اهي مسئلا حل ڪيا ويندا، موجود قومي اسيمبليءَ ۾ جيئن ته پ پ ۽ سندس اتحادين جي اڪثريت آهي ۽ مٿي مفاهمتي حڪومت قائم آهي، تنهن ڪري پ پ چاهي ته صوبائي خودمختياري جو مسئلو حل ڪري سگهي ٿي، مگر ٿرڪول تي شوڪت ترين جي سربراهي ۾ ڪاميٽي، وڏي هوشياري سان بجيٽ جو ڪم ٽپائڻ کانپوءِ مالياتي ايوارڊ تي ڪاميٽي جيڪا ٽن مهينن ۾ انهيءَ مسئلي کي حل ڪندي ۽ سنڌ گورنمينٽ طرفان صوبائي خودمختياري لاءِ ڪاميٽي ٺاهڻ مان محسوس ائين ٿو ٿئي ته پيپلز پارٽي انهن اهم مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ التوا ۾ رکڻ ٿي چاهي، جيئن اڳ ۾ ٿيندو آيو آهي. اسباب ڪهڙا به هجن، پر محسوس ائين ٿو ٿئي ته پ پ اهڙو ڪم ڪرڻ نه ٿي چاهي. 97ع ۾ نواز شريف صاحب وڏي اڪثريت سان ملڪ جو وزير اعظم بڻيو، صوبائي خودمختياري ته پنهنجي جاءِ تي ويتر سنڌ جي پئسن مان لاهور-پنڊي موٽر وي جڙي راس ٿيو. نواز شريف به جڏهن حزب اختلاف ۾ هوندو آهي ته سطحي ئي پر سهي صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ڪندو ضرور آهي. جيئن هينئر چوي ٿو ته بلوچستان جون حالتون بنگال جهڙيون ٿي چڪيون آهن. ۽ هو اڪبر بگٽي جي مسئلي کي وڪيلن جي تحريڪ جيئن کڻندو. شهباز شريف چوي ٿو ته ”بلوچستان جون حالتون اهڙي نهج تي پهچي چڪيون آهن، جو ڪوئيٽا ويزا تي وڃڻو پئجي ويندو“. بيانن جي حد تائين ته شريف برادران ملڪي حالتن کي خطرناڪ سمجهن ٿا، مگر عملن سندن رويا انهيءَ جي ابتڙ آهن. جڏهن نواز ليگ آئين کي 99ع واري پوزيشن ۾ بحال ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ 18 ترميم لاءِ بل جمع ڪرايو ته ان ۾ اهميت ۽ ترجيح 58 ٽو بي ۽ ٽيون دفعو وزيراعظم ٿيڻ مٿان لڳل پابندي هٽائڻ کي ڏني وئي آهي. صوبائي خودمختياري جي مسئلي کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي. نواز ليگ جي فرنٽ لائين ليڊرشپ پاڪستان جي سڀني مسئلن جو حل چيف جسٽس جي بحالي کانپوءِ سترهين ترميم جي خاتمي ۾ ڏسي رهي آهي. حالانڪه ان پٺيان حقيقت ڪجهه ٻي آهي. اها صرف اصل مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، جيڪڏهن نواز شريف کي ملڪي حالتون بنگال جهڙيون نظر اچن ٿيون ۽ بگٽي صاحب جي قتل تي ڏک… آهي ته 18 ترميمي بل ۾ ننڍين قومن جي حق حاڪميت ۽ وسيلن جي مالڪي يعني چار کاتا مرڪز کي باقي سڀ صوبن حوالي، واري شق پنهنجي تيار ڪيل آئيني پيڪيج ۾ اوليت جي بنياد تي شامل ڪرڻ گهرجي. يقيني طور تي ننڍن صوبن جون نمائنده جماعتون انهيءَ ترميم کي پاس ڪرائڻ لاءِ نواز ليگ جو ساٿ ڏينديون. مگر نواز شريف مان اهڙي قسم جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر ٿيندي، نواز شريف جي سياست جومحور مضبوط ترين مرڪز رهيو آهي. پنجاب جي سول ۽ نان سول بيوروڪريسي، سول سوسائيٽي، مذهبي، لبرل ۽ ترقي پسند ڌريون، سياسي توڙي غير سياسي ماڻهو ۽ معذرت سان انساني حقن جون تنظيمون پڻ، صوبائي خودمختياري حوالي سان موجوده اسٽيٽس ڪو جون دلي طور تي حامي آهن، تنهن ڪري پنجاب جو سياسي موڊ ساڳيو ئي آهي، جيڪو 62 سال اڳ ۾ هو، يعني سندس حاڪماڻي سوچ ۾ ڪو به فرق نه آيو آهي.
    ميڊيا جو ڪردار: پرويز مشرف جي دور کان وٺي موجود دور تائين، مختلف رنڊڪن باوجود پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا نه صرف آزاد آهي، مگر هڪ طاقتور ادارو بڻجي چڪي آهي، هتي آئون اردو ۽ سنڌي ميڊيا جي ڪردار جو جائز وٺڻ جي ڪوشش ڪندس. شروع ۾ جڏهن اردو کي قومي ٻولي قرار ڏنو ته بنگالين پنهنجي ٻولي کي ٻي درجي جي ٻولي مڃڻ کان انڪار ڪيو. 1955ع ۾ ون يونٽ قائم ڪري بنگالين جي اڪثريت کي نظرانداز ڪيو ويو، هوڏانهن سنڌ جي سموري بچت مرڪز کڻي ويو ۽ سنڌ جي خوشحالي کي بدحالي ۾ بدلايو ويو. ان سان گڏ تقريبن 22 لک ايڪڙ بئراجي زمين ڌارين جي حوالي ڪئي وئي، اهڙن غير آئيني غير قانوني قدمن جي اردو پرنٽ ميڊيا مڪمل حامي رهي، ايوب خان جي مارشل لا طرز حڪمراني ۽ گوهر ايوب جي ڇڙواڳين تي اردو پريس ضرور لکيو، مگر سندس پاليسي جنهن تحت پٺاڻن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، جي خلاف ان وقت جي پريس ۾ هڪ اکر به نه ڇپيو. موجود دور ۾ پرنٽ سان گڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا به وڏي ترقي ڪئي آهي، هر باشعور فرد مختلف چئنلز جون خبرون ٻڌي ٿو ۽ ان سان گڏ سياسي تجزين تي نظر رکيون ويٺو آهي، پوءِ به اردو ميڊيا ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه“ جي صورتحال مان نڪري نه سگهي آهي. البته هن وقت اردو ميڊيا پنهنجي آزادي مان مزو وٺندي منو ڀيل، ڪاروڪاري جو مسئلو، قبيلائي جهيڙا ۽ جرڳا، انساني حقوق، حڪومت کي ڪمزور يا مضبوط ڪرڻ جي حربن، عدليه جي آزادي، صدر ۽ وزيراعظم گيلاني صاحب وچ ۾ تضادن کي هوا ڏيڻ، سترهين ترميم ختم ڪرڻ، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني جي ويجهڙائپ سوات ۽ بونير ۾ طالبان مسئلو، ڊرون حملا، مڊ ٽرم اليڪشن فوجي مداخلت جو امڪان، نواز شريف جي آمريڪا سان ويجهڙائپ ۽ واشنگٽن جي پ پ پ حڪومت جي باري ۾ سوچ تي خوب تبصرا ۽ تجزيا پيش ڪري ٿي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ”سهڻيون صلاحون“ به ڏئي ٿي، اهي اشوز به پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، مگر جنهن مسئلي جو سڌو سنئون تعلق ملڪي سالميت سان جڙيل هجي، انهيءَ کي حسب روايت نظرانداز ڪرڻ ۽ ويتر ان تي غير سنجيده ۽ تعصباڻا تبصرا ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته اردو ميڊيا اڃا تائين تاريخ مان سبق حاصل نه ڪري سگهي آهي.
    ٻئي طرف سنڌي اخبارون ۽ ٽي وي چئنلز يعني سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا، صحافت جي طئي ٿيل اصولن ۽ اخلاقيات جي مڪمل پاسداري ڪندي سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيون، داداگيري، چالاڪين ۽ مڪارين کي ظاهر ۽ چٽو ڪري ٿي، سنڌ جي اهم مسئلي يعني حقيقي صوبائي خودمختياري تحت صوبا سياسي ۽ معاشي طور خودمختيار هجن، تي سموري سنڌي ميڊيا بالعموم ۽ ڪاوش-ڪي ٽي اين باالخصوص وطن دوستي جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ان ۾ هڪ نئون واڌارو ٿيوآهي ته ميڊيا ئي ڌنڌي سان سلهاڙيل مٿين طبقي جا ماڻهو پنهنجي روايتي سياست کان هٽي ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ٻيائي کي نه صرف محسوس ڪري رهيا آهن، پر ان تي وڏي دليري ۽ بيباڪي سان لکي به رهيا آهن. جيئن سنڌ حڪومت جي خراب انتظامي ڪارڪردگي ۽ سنڌ جي غريب مسڪين ماڻهن سان ٿيندڙ روزمرهه جون ورتائون جهڙوڪ انصاف جي عدم فراهمي، قبائلي جهيڙا، ڀاڻ، پاڻي جي کوٽ، وڪرو نه ٿيندڙ فصل، تباهه ۽ برباد ٿيل امن امان ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن، علي قاضي کي نيٺ ڇا ڪجي؟ تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن اڳتي هلي ووڪل ڪلاس ذريعي سنڌ ۾ تبديلي تي خوب لکيو آهي، ساڳي موضوع تي مختلف فڪرن سان سلهاڙيل ڏاهن ماڻهن به طبع آزمائي ڪئي آهي، جيڪي رايا سامهو آيا، انهن ۾ تبديلي جي اهميت کان ڪنهن به انڪار نه ڪيو آهي. ووڪل ڪلاس (گهڻ طبقاتي) ذريعي تبديلي جي ڳالهه کي وڌائيندي 5 کان 7 ماڻهن جي هڪ ڪنسورشم جي هڪ ٻي راءِ پيش ڪري علي قاضي اجتماعي قيادت جو قابل عمل ڏس ڏنو آهي، ائين چوڻ صحيح ۽ مناسب ٿيندو ته معروضي حالتن جو درست ڇيد ڪري موضوعي طور تي گڏيل قيادت واري اتحاد جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪو موجوده حالتن ۾سنڌ لاءِ ضروري به آهي ۽ حالتون به انهيءَ طرف تيزي سان وڌي رهيون آهن، سوال ٿو پيدا ٿئي ته ان ووڪل ڪلاس جي پارٽي يا اتحاد جو ٽارگيٽ ڇا هجڻ گهرجي؟ جيڪڏهن انهن کي اليڪشن ۾ ڪجهه پذيرائي ملي ٿي وڃي ته ڇا ان پارٽي يا اتحاد کي صرف گڊ گورننس لاءِ پاڻ پتوڙڻ گهرجي؟ آئون سمجهان ٿو سنڌ کي بهتر ۽ ڪرپشن کان پاڪ حڪمراني جي سخت ضرورت آهي، انهيءَ لاءِ جدوجهد به ڪرڻ گهرجي. اها سوچ بهتر ضرور آهي، مگر سنڌ جي مسئلن جو مڪمل حل نه آهي،ڇو ته سنڌي قوم جي معاشي محڪومتي اندروني نه پر خارجي مسئلو آهي، جيڪڏهن سنڌ گورنمينٽ امن امان ٺيڪ ڪرڻ خاطر سپاهي کان آفيسر تائين ميرٽ تي ڀرتي ۽ پوسٽنگ ڪري ته يقينن امن امان ۾ ڪجهه بهتر ضرور ايندي. بهرحال سنڌي ميڊيا جهڙي طريقي ۽ جنهن برجستگي سان صوبائي خودمختياري جي مسئلي کي اجاگر ڪري اهميت ڏياري آهي، ان تي سنڌي اخبارون ۽ ٽي وي چينلز جس لهڻن
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري

    ادا سٺيون ڳالهيون لکيل آهن

    پر بلوچستان جو مسئلو هاڻي صوبائي خودمختياريء کان به اڳي نڪري ويو آهي ۽ هو آزاد بلوچستان جي ڳاله ٿا ڪن۔ پر اسان سنڌ وارن جي بد قسمتي چئبي جو پ پ پ وفاقي پارٽي هئڻ ڪري مفادن جي سياست کي ترجيح ڏئي رهي آهي پر اسان جي قوم پرست قيادت سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوء پيٽ پرست قيادت ۾ تبديل ٿي وئي آهي۔

    اسان جا خان ، اسان جا ڏهيسر اسان جا جوڌا سڀ جو سڀ نظرياتي سياست کان هٽي پلاٽ پرستي ، ڀُنگ ، ڀَتي ۽ قبضي واري چڪرن ۾ پئجي ويا آهن۔ هاڻي ڪيڏانهن وڃجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري




    جي ادا جيڪر اڄ به اسان جيڪر نه ڄاڳيا سين ته وقت الاهي ڪاٿي وڃي پهچائي دنگ ڪندو ۔ اها دعا ڪندا رهندا آهيو ته الله تعالى اسان کي صحيح سوچ ۽ استقامت عطا فرما ۽ الله تعالى اسان جي سياستدانن جون اکيون کولي وقت جي نذاڪتن کي سمجهڻ ۽ هن کي درست ڪرڻ جي توفيق عطا فرما
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري

    پيپلز پارٽي ڪڏهن به قوم پرست جماعت جو ڪردار ادا نه ڪيو آهي۔۔۔ جڏهن ته قومپرست پارٽين ڪڏهن به الڳ سنڌي رياست لاءِ ڪو انقلابي ڪردار ادا نه ڪيو آهي۔۔۔ بلوچستان ۾ ماڻهون ڪهڙي پليٽ فارم تان سجاڳ ٿيا آهن۔۔۔ ؟ آخر انهن کي هن رستي تي ڪنهن آندو۔۔۔؟ جي اسان ان کي ئي سبق سمجهون ته در کلي سگهن ٿا۔۔۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري

    بس سائين الله تعالى ئي حفاظت ڪري ۔ باقي عوام ستي پئي آهي
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري

    ادا رياض پسند ڪرڻ جي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو