اسلام و عليڪم سڀني سنڌ واسين، سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي۔ آ آهيان عاشق علي ڪوريجو رهائش خيرپور ناٿن شاھ ضلعو دادو آ ليباريٽري ٽيڪنيشن آهيان مونکي هن سهڻي اڱڻ جو ڏس مامي علي منير پاٽائي ڏنو ۽ منهنجي ميمبر ٿيڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي سنڌ سلامت سڀني دوستن مان اميد آهي ته مونکي نئون ميمبر سمجهي منهنجي مدد ڪندا
جواب: تعارف وعليڪم السلام ورحمت الله دوست مٺا عاشق! سنڌ سلامت جي اڱڻ جا دوست ٿورائتا آهن جو اوهان هن اڱڻ جي رونق وڌائي آهي ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا، جي آيا، اسانجون اکڙيون ٺرن سنڌ جي سٻاجهڙن دوستن کي پنهنجي وچ ۾ محسوس ڪندي ۔۔۔ هن اڱڻ تي هونءَ ته کوڙ ساترا ننڍا وڏا عاشق آهن ۽ پنهنجي پنهنجي عشق سان هن اڱڻ تي اچي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پاڻ ملهائي رهيا آهن ۔۔۔ هن اڱڻ جو ڏاهو ۽ عاشق منير پاٽائي پڻ انتهائي وفا شعار ۽ سهڻو دوست آهي، سندس سهڻي فطرت ۽ دل جي صفائي اسان دوستن لاءِ سرمايو آهي ۔۔۔ اميد آهي ته اوهان به هن اوطاق کي پنهنجي اوطاق سمجهندا ۽ سنڌ دوستيءَ جو ثبوت ڏيندا ۔۔۔ اوهانکي ڪا به تڪليف هجي ته اوهين هن اڱڻ جي پڇڻا نه منجهڻا ڪمري ۾ وڃي سوال ڪندا ته اسانجا ڏاها دوست وس آهر اوهانجي مدد ڪندا ۽ سنڌي لکڻ پڙهڻ کانوٺي هن اوطاق تي پنهنجا ليک موڪلڻ تائين اوهانجي رهنمائي ڪندا ۔۔۔ اوهان بنا ڌڙڪ هن اڱڻ تي اچي ليک پڙهو ۽ موڪليو ۔۔۔ اسانجي اکين تي ۔۔۔ دوست وڌن ميلا لڳن ۔۔۔ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف و عليڪم السلام ڀا عاشق هن محبتي اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا اسان سڀ کان پهريان ته اوهان تي ٻوڏ سبب آيل مصيبت واري درد کي محسوس ڪندي دعاڳو آهيون ته الله سائين اوهان جي ٿيل نقصانن جو ازالو ڪندو اميد آهي ته پنهنجي بهترين لکڻين ذريعي هن محبتي اڱڻ جون رونقون وڌائيندا مهرباني
جواب: تعارف ادا عاشق علي ڪوريجا ڀاءُ اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اوهان کي هي اوطاق ڪئين لڳي ان جي باري ۾ پنهنجي را۽ ضرور ڏيندا ان کان علاوه اسان سائين علي منير پاٽائي صاحب جن جا پڻ شڪر گذار آهيون جن اوهان کي سنڌ سلامت فورم بابت آگاهي ڏني . ادا توهان خيرپور ناٿن شاه شهر ۾ ئي ليبارٽري ٽيڪنيشن آهيو ؟ سدائين گڏ
جواب: تعارف وعليڪم اسلام ادا عاشق علي ڪوريجو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران ڀليڪار ٿي ڪجي اوهان سنڌ جي سهڻي شهر خيرپور ناٿن شاه سان تعلق ٿارکو جيڪو دادو جهڙي تاريخي ضلعي جو حصو آهي۔ اسان جي سنڌ سلامت تي گهڻن ئي دوستن جو تعلق دادو ضلعي سان آهي پر اسان ته سموري سنڌ سان محبت ٿارکون۔ اوهان جا قرب جو سائين علي منير پاٽائي جو مان رکندي اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيا آهيو۔ اسان سڀ اوهان جا ڀائر آهيون ڪٿي به ۽ ڪنهن به موقعي تي ڪا ڳاله پڇڻي هجي ته بلا جهجهڪ پڇجو۔ اسان جو هڪ ساٿي آهي عاشق سولنگي جيڪو سڀني جو عاشق آهي ، ان وانگر اوهان جي به ليکن جو انتظار رهندو۔
جواب: تعارف واھ واھ هڪ عاشق جو اضافو۔ ادا عاشق مطلب نالي ڀائي۔۔۔اوهانکي اوهان جو عاشق دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو ڪري۔
جواب: تعارف ادا عاشق صاحب توهان قائد عوام يونيورسٽي ۾ ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ ليب ٽيڪنيشن آهيو مهرباني ڪري مون کي هن نمبر تي ٻڌائيندا 03052653004
جواب: تعارف ادا عاشق علي ڀاء سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا سائين منير احمد اسان پيارو محسن آهي اميد ته توهان کي سنڌ سلامت جي هن سهڻي اڱڻ تي محبتون ملنديون ۽ گهڻو ڪجهه سکڻ لاء سيکارڻ جا موتعا ملندا. پنهنجي لکڻين سان اسان کي مستفيد ڪندارهندا.
جواب: تعارف وعليڪم اسلام ادا عاشق علي ڪوريجو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران ڀليڪار ٿي ڪجي سائين منير احمد اسان پيارو محسن آهي اميد ته توهان کي سنڌ سلامت جي هن سهڻي اڱڻ تي محبتون ملنديون
جواب: تعارف Brother I proude of you thenku join sindh salamat plz contactme any problem 03003083123 only sms
جواب: تعارف ادا توهان هن اڱن تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪجي ٿو انشاالله توهان اسان پنهنجون ڪاوشون ڪوششون هن فورم جي وسيلي ونڊ ڪندا رهندا ته توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي۔ ادا هن اڱن تي تمام سهڻو دوستو آهن جيڪي توهان مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪندا رهندا۔ اميد ته توهان سنڌ سلامت تي پنهنجي قيمتي ٽائيم مان پنهنجون پوسٽو ڪندا رهندا۔