رحيم بخش
ايڊيٽر
17جنوري 2011 سومر جي ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه ٽيم سائين عبدالرشيد جن جي سربراهي ۾ سنڌ جي مهان هستي جناب سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن سان ملاقات ڪئي جناب سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب ادام الله وجودهم جن باوقار ، پرخلوص ، جاذب نظر ، ذي شعور ، خوبصورت قد و قامت ، سنڌين جي لاء پاڻ پتوڙيندڙ ، ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌين کي متعارف ڪرائڻ واري شخصيت آهن. هن علمي گهراڻي سان وابسته انمول هيري کان سندن علمي صلاحيتن ۽ سنڌي ٻولي جي خدمات بدولت تقريبا نئين نسل جو هر فرد واقف هوندو. ڪافي عرصي کان اهڙي عظيم محسن جي ديدارلاء تڙپ هئي الحمد لله اهڙي عظيم شخصيت سان تقريبا 2 ڪلاڪ قربت جو موقعو نصيب ٿيو سندن پرلطف اندازِ گفتگو مان دل نه پئي چاهيو ته سندن ڪچهري مان اٿجي ليڪن وقت جي بي رحم لمحن ملاقات کي سميٽڻ جو الارم ڏنو ان ڪچهري ۾ ڇا گفتگو ٿي ان جو تفصيلي احوال سائين عبدالرشيد جن پاڻ ڏيندا.
محترم سائين عبدالرشيد جن جي حڪم مطابق هي وڊيو اپ لوڊ ڪئي وئي آهي .
[4s]492853161/1740a4ca[/4s]
[4s]486371281/96e78b8[/4s]
[4s]486371281/96e78b8[/4s]
جيڪڏهن ڪي دوست هي وڊيوز ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهين ته هيٺين لنڪس جو ڦيرو ڀرين۔۔۔
http://www.4shared.com/video/ZTVkbRmP/S_Majid_Bhurgri1.html
http://www.4shared.com/video/jEETuIlE/S_Majid_Bhurgri_2.html