اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ چٽاڀيٽي، اينڪرپرسنز جي ٻيگهي مچي وئي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ چٽاڀيٽي، اينڪرپرسنز جي ٻيگهي مچي وئي


    [​IMG]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]ملڪ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ چٽا ڀيٽي وارو رجحان زور وٺڻ کان پوءِ مختلف ٽي وي چئنلن هڪ ٻئي جي مشهور اينڪرپرسنز کي ٽوڙي پاڻ سان ملائڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي. اهي ساڳي ئي اينڪر پرسن جيڪي ڪنهن ميمبر جي پارٽي مٽائڻ تي کيس لوٽو سڏي سندس جيڪو خراب تاثر ڇڏن ٿا سي پاڻ به ميڊيا جي لوٽا ڪريسيء ۾ اڳ کان اڳرا آهن۔

    ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته دنيا ٽي وي جي پروگرام ”دنيا ميري آگي“ جي ميزبان نصرت جاويد ۽ مشتاق منهاس دنيا ٽي وي کي خدا حافظ چئي ڇڏيو آهي ۽ ٻئي ڄڻا آج ٽي وي تي سندن ئي شروع ڪيل پروگرام ”بولتا پاڪستان“ ۾ نظر ايندا، ٻنهي ڄڻن ڪجه عرصواڳ ئي آج ٽي وي کي ڇڏي دنيا ٽي وي تي آيا هئا۔جڏهن ته مشهور تجزئي نگار نجم سيٺي دنيا ٽي وي ڇڌي جيو گروپ ۾ شامل ٿي ويو آهي، ساڳئي وقت اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته دنيا ٽي ويءَ جي ڊائريڪٽر نيوز نسيم زهره پي ٽي وي تي جلد اهم ذميواريون سنڀاليندي. ساڳئي پرائيويٽ چئنل جي هڪ ٻئي اينڪرپرسن ڊاڪٽر معيد پيرزاده کي پڻ پي ٽي وي طرفان وڏي آڇ ٿي آهي ۔

    ڊاڪٽر شاهد مسعود لاء ته اهو مشهور ٿي ويو آهي ته هو ڪٿي به ڪونه ٽڪندو ۽ جيڪو کيس وڌيڪ سهولتون ڏيندو اوڏانهن ڀڄي ويندو۔ هو پهريان اي آر واء تي هيو اتان جيو ۾ آيو وري واپس اي آر وائي ۾ ويو وري ڦي ٽي وي ۾ آيو ، وري جيو تي ويو ۽ هاڻي ٻيهر اي آر وائي تي آهي۔ هوڏانهن نجم سيٺي طرفان جيو جوائن ڪرڻ کان پوءِ ”ڪئپيٽل ٽاڪ“ جي ميزبان حامد مير لاءِ سوڙهه پيدا ٿي وئي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته انتظاميا کيس موڪلڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي.

    سماءَ ٽي وي جي مشهور پروگرام ”نيوز بيٽ“ جي اينڪر پرسن مهر بخاري به سماءَ ڇڏي وئي آهي، ٻئي پاسي اطلاع آهن ته اداري جي انتظاميا کيس ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هوءَ جلد ايڪسپريس تي وي تي نظر ايندي، ان کانسواء ٻيا به ڪيترائي ميزبان هيڏانهن کان هوڏانهن پيا گهمن ۔اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سخت مقابلي بازيءَ واري صورت حال ۾ اينڪرپرسنز جي ٻيگهي مچي وئي آهي.[/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ چٽاڀيٽي، اينڪرپرسنز جي ٻيگهي مچي وئي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو