ڪجه ڏينهن اڳ تيونس جي صدر عوامي طوفان اڳيان مقابلو ڪرڻ جي سگه نه سمجهندي ملڪ مان فراريت اختيار ڪئي هئي۔ هاڻي مصر جو عوام به صدر حسني مبارڪ جي حڪومت خلاف اٿي پيو آهي ۽ قاهره ، اسڪندريه ،مشاله ۽ سئيز سميت سڄي مصر ۾ مظاهره ڪيا پيا وڃن۔ حڪومت مظاهرن کي روڪڻ لاء سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي۔ هن وقت تائين پوليس آفيسر سميت 4 ماڻهن جو موت ٿي چڪو آهي۔
عرب دنيا ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اچي رهيون آهن جنهن جا سبب اندروني ۽ بيروني ٻئي آهن۔ سماجي نا انصافين سبب اٿيل هن تشدد وارن مظاهرن جي شروعات فيس بوڪ ۽ ٽئٽر جهڙن سوشل نيٽ ورڪس جي ذريعي ڏني وئي ۽ مصر جي حڪومت سوشل فورمس ۽ موبائل سروس تي پابندي هڻي ڇڏي آهي۔
هوڏانهن حسني مبارڪ جيڪو 1981 کانوٺي اقتدار ۾ آهي ان جي حڪومت مظاهرين کي روڪڻ لاء تشدد وارو ساڳيوئي رستو وٺي رهي آهي جيڪو تيونس حڪومت ورتو هو۔ هوڏانهن هن حالتن تي عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل امر موسى عرب ملڪن کي سماجي ۽ سياسي اصلاحات جي صلاح ڏني آهي۔
جڏهن ته ڪجه اطلاع اهي به آهن ته حسني مبارڪ جو پٽ خاندان سميت برطانيه فرار ٿي ويو آهي۔