محمد رمضان منڌرو
سينيئر رڪن
معزور جي زندگي تي لکيل ممتاز علي بجير جو هڪ نظم
آئون معذورآهيان تون مون کي ڏس،
هي حال عياڻا تون منهنجا ڏس،
نه ڪڏهن زندگي مان بيزار ٿيان ٿو،
سارو ڏينهن گوڏن ڀر گسڪندو رها ٿو،
هر ڪنهن جون ٺوڪرون خوب جهليان ٿو،
گسڪندي گاڏين کا ڪيئن بچي وڃان ٿو،
آئون معزور آهيان تون مونکي ڏس ،
هي حال عياڻا تون منهنجا ڏس
پنهنجي قسمت تي ڪڏهن نه ڪڇان ٿو،
ڏنل خدا جي عيب تي ڪڏهن نه رنجا ٿو،
تيز تپيل روڊن تي تپندورهان ٿو،
گرمي جي شعائن کي سهندي رهان ٿو،
جڏهن شام جو خالي هٿين موٽي وڃا ٿو،
پوءِ به خوش ٿي ڪيئن جيئندو رهان ٿو،
آئون معزور آهيان تون مونکي ڏس ،
هي حال عياڻا تون منهنجا ڏس.
هرهڪ اسان مان عيب ڪڍي ٿو،
نه ڪوئي اسانجو رشتيدارسڏائي ٿو،
سخت اڃ۾ليڙون پائي وڃانٿو،
جڏهن ڪنهن کان پاڻي گهران ٿو ،
ڏئي ٺيلا واپس اڃو واري ڇڏيٿو،
پوءِ به نه ڪنهن تي رنج ٿيان ٿو،
پنهنجي مقدر تي درد سهندي رهان ٿو،
آئون معزورآهيان تو مونکي ڏس ،
هي عياڻا تو منهنجا ڏس.............
آئون معذورآهيان تون مون کي ڏس،
هي حال عياڻا تون منهنجا ڏس،
نه ڪڏهن زندگي مان بيزار ٿيان ٿو،
سارو ڏينهن گوڏن ڀر گسڪندو رها ٿو،
هر ڪنهن جون ٺوڪرون خوب جهليان ٿو،
گسڪندي گاڏين کا ڪيئن بچي وڃان ٿو،
آئون معزور آهيان تون مونکي ڏس ،
هي حال عياڻا تون منهنجا ڏس
پنهنجي قسمت تي ڪڏهن نه ڪڇان ٿو،
ڏنل خدا جي عيب تي ڪڏهن نه رنجا ٿو،
تيز تپيل روڊن تي تپندورهان ٿو،
گرمي جي شعائن کي سهندي رهان ٿو،
جڏهن شام جو خالي هٿين موٽي وڃا ٿو،
پوءِ به خوش ٿي ڪيئن جيئندو رهان ٿو،
آئون معزور آهيان تون مونکي ڏس ،
هي حال عياڻا تون منهنجا ڏس.
هرهڪ اسان مان عيب ڪڍي ٿو،
نه ڪوئي اسانجو رشتيدارسڏائي ٿو،
سخت اڃ۾ليڙون پائي وڃانٿو،
جڏهن ڪنهن کان پاڻي گهران ٿو ،
ڏئي ٺيلا واپس اڃو واري ڇڏيٿو،
پوءِ به نه ڪنهن تي رنج ٿيان ٿو،
پنهنجي مقدر تي درد سهندي رهان ٿو،
آئون معزورآهيان تو مونکي ڏس ،
هي عياڻا تو منهنجا ڏس.............
