ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن تڏهن قائم ٿيندو جڏهن اتي پختونن جي حيثيت کي تسليم ڪيوويندو، جڏهن 1947ع ۾ مهاجر پاڪستان آيا هئا ته انهن مطالبو ڪيو هو ته سنڌ ۾ اسان جي حيثيت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ اڄ وري ڪراچي ۾ پختون اهو مطالبو پيا ڪن پر ايم ڪيو ايم وارا مڃڻ لاءِ تيار ناهن، پشاور ۾ باچا خان ۽ خان عبد ولي خان جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اسفند يار ولي چيو ته ڪراچي مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن ٻنهي ڌرين حي حيثيت کي برابر تسليم ڪيو وڃي، هن چيو ته اي اين پي وارن مٿان الزام پيا لڳن ته اهي لاشن جي سياست پيا ڪن پر صورتحال اها آهي ته ڪراچي ۾ پختونن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته شاهي سيد چونڊيل سنڌ صوبي جو پارٽي صدر آهي، هر حال ۾ هن جي پٺڀرائي ڪنداسين، اسفند يار ولي چيو ته جيڪڏهن شرپسند هٿيار ڦٽا ڪري حڪومتي رٽ تسليم ڪن ته آئون ڳالهين لاءِ تيار آهيان پر هو مسجدن ۽ مزارن کي اڏائي هن حڪومت کي ڳالهين لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن پر سندن اهڙيون ڪوششون ناڪام وينديون، هن چيو ته صدر آصف زرداري مون وٽ آيو هو ته مون هن سان ٽي مطالبا ڪيا، هڪ صوبي جي نالي جو، ٻيو صوبائي خودمختياري ۽ ٽيون ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ جو ۽ صدر آصف علي زرداري ٽئي مطالبا پورا ڪيا آهن، هوڏانهن مردان ۾ ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر افراسياب خٽڪ چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي ۽ ايم ڪيو ايم هڪ دهشتگرد تنظيم آهي.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان