شاهه لطيف جي صحيح ولادت منظر عام تي اچڻ گهرجي فقير محمد سنڌي زندهه قومون پنهنجي محسن شخصيتن کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن، همدرد يا محسن شخصيت انهيءَ کي چئي سگهجي ٿو، جنهن قوم جي وجود کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هجي يا سماجي خدمت سر انجام ڏني هجي۔ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح هڪ اهڙي محسن هستي آهي، جنهن جي ڪري سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سڃاتي وڃي ٿي. تازو يعني 19 جنوري تي سنڌ جي سرتاج شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو ثقافت کاتي پاران 267 عرس مبارڪ ملهايو ويو آهي، جيڪو تاريخ ۾ ڪٿي به ڪو نه ٿو ملي، 267 عرس مبارڪ ثقافت کاتي ڪٿان ڏسي 267سال جو عرس ملهايو آهي، جيڪڏهن تاريخ جي ورق گرداني ڪنداسين ته سڀ خبر پئجي ويندي، سڀ کان پهريان شاهه سائين جي سوانح عمري مير علي شير قانع تحفت الڪرام ۾ لکي جنهن جي بنياد تي پوئين محققن ڪم ڪيو آهي. ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ جيڪو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو لکيل آهي جيڪو صفحو نمبر 79 تي لکي ٿو ته شاهه سائين 1689ع ۾ پيدا ٿيو. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس، جيڪو ميمڻ عبدالمجيدي سنڌي جو لکيل آهي، جيڪو صفحو نمبر 385 تي شاهه لطيف جي ولادت سن 1102هه، 1690ع لکي ٿو. ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو صفحو نمبر 92 تي لکي ٿو ته سنڌ جو هي باڪمال شاعر 1689ع ۾ ڄائو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪيائين، جيڪڏهن اها مستند تاريخ آهي ته پوءِ شاهه سائين جو 259 عرس مبارڪ ٿيڻ يا لکڻ گهربو هو، پر 267 عرس مبارڪ ڪيئن لکيو ويو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي شاهه جي رسالي جي ديباچي ۾ چوي ٿو ته شاهه سائين سن 1680ع ۾ ڄائو ۽ 1161هه مطابق 1747ع ۾ وفات ڪيائين، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اتي لطيف سرڪار جي عمر 67 سال ٿئي ٿي، ان حساب سان به 264هون عرس مبارڪ بيهي ٿو. 2011ع مان جيڪڏهن اسان 1689ع ڪٽ ڪنداسين ته 322 جواب ملي ٿو، يعني شاهه لطيف کي هن وقت تائين 322 سال گذري چڪا آهن، ان مان 63 سال سائين جي عمر جيڪڏهن ڪٽ ڪنداسين ته 259 سال باقي بچن ٿا ته پوءِ 259 عرس مبارڪ ملهائڻ گهرجي يا 267 عرس مبارڪ ملهائڻ گهرجي. 17 جنوري جي روزاني شام اخبار ۾ 367هون عرس مبارڪ لکيل هو، ان اخبار ته رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيو. سڀني سنڌي ٽي وي چئنلن به لطيف سرڪار جو 267هين عرس جو اعلان ڪندا رهيا، ثقافت کاتي جو جيڪو ڪارڊ اديبن کي ڏنو ويو ان ۾ به 267هون عرس مبارڪ ڄاڻايو ويو آهي، ان ڪارڊ جو اشتهار به روزاني اخبارن ۾ ساڳي نموني لکيل هو. هاڻي ثقافت کاتي وارن کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ اها ڳالهه جواب طلب آهي ته 267 عرس مبارڪ ثقافت کاتي ڪيئن ٿا ملهائين ۽ اها تاريخ ڪهڙي ڪتاب کي علم ۾ رکي ڪري اهو سال منظر عام آندو آهي ۽ آئون سنڌي ادب جي شاگردن کي به گذارش ڪندس ته اهي به هن خط طرف ڪجهه ڌيان ضرور ڏيندا، ڇاڪاڻ ته جيڪي دوست لطيف سرڪار تي ڪم ڪن ٿا پيا ايم فل يا پي ايڇ ڊي، انهن لاءِ اهڙا مسئلا مونجهاري جو سبب ٿي سگهن ٿا. روزاني عوامي آواز تان ورتل