سيڪولر ازم / سيڪولر رياست/ علمانيت اهڙي رياست کي چئبو آهي جٿي مذهب سياست (رياست) کان جدا هجي ۽ رياست جي پاليسين تي مذهب جو سڌو سئون دخل اندازي ممڪن نه هجي . سيڪولر رياست جو ڪو به سرڪاري مذهب نه هوندو آهي . هن جي آئيني رو مطابق سڀنن مذهبن کي برابري جو درجو حاصل هوندو آهي ۽ ڪنهن خاص مذهب جي مڃڻ وارن کي ترجيحي يا امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو آهي . سيڪولر اسٽيٽ جو مقصد مختلف مذهبن جي وچان تڪرار کي ختم ڪرڻ ۽ هنن جي مڃيندڙن کي يڪجهتي پيدا ڪرڻ هوندو آهي . سيڪولر اسٽيت جي لاءِ اڙدو ۾ ”لاديني رياست “ جي ترڪيب پڻ مستعمل آهي جيڪا صحيح مترادف نه آهي . سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ مڪالمة بين المذاهب مذاهب عالم ڪا اسايڪلوپيڊيا العلمانية/ سفر بن عبدالرحمان الحوالي تهافت العلمانية/ عمادالدين خليل