• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيڪولر ازم ڇا آهي؟

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
سيڪولر ازم / سيڪولر رياست/ علمانيت


اهڙي رياست کي چئبو آهي جٿي مذهب سياست (رياست) کان جدا هجي ۽ رياست جي پاليسين تي مذهب جو سڌو سئون دخل اندازي ممڪن نه هجي . سيڪولر رياست جو ڪو به سرڪاري مذهب نه هوندو آهي . هن جي آئيني رو مطابق سڀنن مذهبن کي برابري جو درجو حاصل هوندو آهي ۽ ڪنهن خاص مذهب جي مڃڻ وارن کي ترجيحي يا امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو آهي . سيڪولر اسٽيٽ جو مقصد مختلف مذهبن جي وچان تڪرار کي ختم ڪرڻ ۽ هنن جي مڃيندڙن کي يڪجهتي پيدا ڪرڻ هوندو آهي . سيڪولر اسٽيت جي لاءِ اڙدو ۾ ”لاديني رياست “ جي ترڪيب پڻ مستعمل آهي جيڪا صحيح مترادف نه آهي .


سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ
مڪالمة بين المذاهب
مذاهب عالم ڪا اسايڪلوپيڊيا
العلمانية/ سفر بن عبدالرحمان الحوالي
تهافت العلمانية/ عمادالدين خليل
 
Back
Top