ٿياسافي سوسائٽي ٿياسافي يوناني لفظ آهي جنهن جي معنى ٿي بڻجي نيڪي جو فلسفو . اڌ فلفسي ۽ اڌ مذهبي مڪتب فڪر آهي جنهنن جي مطابق بنيادي سچايون سڀنن مذهبن ۾ گڏيل آهن ۽ مذهبي اختلاف بي حقيقت آهن ، هن تحريڪ جو باني مسز الينا بتر ونا بلئودٽسڪي (1831 ء تا1891ء) هئي . جن تبت جي دوري کان پوءِ 1875 عيسوي ۾ نيويارڪ ٿياسفيڪل سوسائٽي قائم ڪئي . جئين ته سوسائيٽي جا نظريه ٻڌي ۽ برهني عقيدن سان آلائش آهي هن ڪري امريڪا کان گهڻو هندستان ۾ هن کي پزيرائي ملي .سوسائٽي جو صدر دفتر مدراس منتقل ڪيو ويو . ڪراچي ۾ به مشهور ٿياسيفڪل هال آهي . امريڪي سافيڪل سوسائٽي جو صدر دفتر ”وهيٽن “جي جگه تي آهي. اها سوسائٽي هندستاني سوسائٽي کان گهڻو مختلف نظريو رکي ٿي. نوٽ؛ هن فڪر جي وڌيڪ معلومات لاءِ سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”جديد سنڌ جا نو رتن ۾ پڻ ملي ويندو . جنهن دوست کي استفادو ڪرڻو هجي ته هتي ڦيرو ڌي. سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ مڪالمة بين المذاهب اردو انسايڪلوپيڊيا