ادا اسلام عليڪم اميد ته خوش هوندا ادا ورڊ ۾ سنڌي جملن جي اڳيان بليٽ يا نمبر نه ٿا اچن ان جو ڪو حل ٻڌائيندا ته سنڌي جملن ۾ اڳيان بليٽ يا نمبر ڪيئن ايندا آهن مهرباني ٿيندي
جواب: هي مسئلو Tool مان Option سليڪٽ ڪريو. انهيءَ ۾ View جي اندر Formatting Marks جي سڀني Options تان چيڪ جو نشان ختم ڪريو.
جواب: هي مسئلو جي ادا ابو زين مون سڀني چيڪ ختم ڪري ڇڏيا آهن پر پو به جيڪي بليٽس آهن اهي جملي جي پويان پيا اچن
جواب: هي مسئلو ادا رمضان اوهان مائڪروسافٽ ورڊ ۾ اکرن جي ڊائريڪشن کي ساڄي کان کاٻي Right to left ڪندو ته اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔۔ ان جي لاءِ هيٺيون آئڪان تلاش ڪريو جيڪو گهڻو ڪري ٽيڪسٽ ڪلر واري بٽڻ جي ڀرسان More Options واري بٽڻ جي اندر ٻين آپشنن سان گڏ هوندو۔۔۔ ٽيڪسٽ ڊائريڪشن واري بٽڻ جا نشان هي اٿوَ۔۔۔۔
جواب: هي مسئلو ادا مست جي ڳالهه درست آهي پر ڏنل تصوير غلط آهي ۔۔۔ توهان کي گهرجي ته سموري ٽيڪسٽ کي سليڪٽ ڪريو ۽ Right-to-left آئڪان تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔ جيڪو هيٺين تصوير ۾ دٻيل نظر اچي رهيو آهي ۔۔۔
جواب: هي مسئلو جادوگر سائين مون ڪوشش ڪئي هئي ته آفيس 2003 يا ايڪس پي جو رائيٽ ٽو ليفٽوارو آئڪان ملي وڃي پر نه مليو جنهن سبب مٿئين تصوير ونڊ ڪيم۔۔۔۔ مهرباني۔۔8->