ڪراچيء ۾ هڪ سال اندر ٽي هزار ٻارن جو گم ٿيڻ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪراچيء ۾ هڪ سال اندر ٽي هزار ٻارن جو گم ٿيڻ



    [​IMG]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]هڪ سروي مطابق ڪراچيء ۾ هڪ سال اندر 3000 کان مٿي ٻار گم ٿيا آهن۔ ٻارن ۽ عورتن جي حقن لاء ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم روشني هيلپ لائن مطابق سال 2010 ۾ ڪراچيء جي مختف ٿاڻن ۾ ٻارن جي گمشدگيء جون 3090 ايف آء آر درج ٿيون۔ گم ٿيل ٻارن مان تقريبن اڍائي هزار ڇوڪرا ۽ 500 ڇوڪريون هيو۔ 78 في صد ٻارن جون عمريون 12 کان 18 سالن جي وچ ۾ هيون۔ 20 في صد اهڙا ٻار آهن جن جي عمر 12 سالن کان گهٽ آهي۔ انهن ٻارن مان 34 فيصد ٻار اسڪول يا مدرسن ۾ زير تعليم هئا۔

    رپورٽ مطابق گلشن اقبال ٽائون ، اورنگي ٽائون ، بلديه ٽائون ۽ لياري ٽائون ۾ ٻار گم ٿيڻ جا سڀ کان گهڻا واقعه ٿيا آهن۔ ٻارن جي گم ٿيڻ جا گهڻا ئي سبب آهن۔ ڪجه ٻار گهرن مان تشدد ، غربت ۽ ٻين گهرو مسئلن سبب گهر ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا۔ گم ٿيندڙ اڪثريت جو تعلق غريب ۽ مڊل ڪلاس جي گهرن سان آهي۔ ڪجه ٻارن کي اغوا ڪري پنڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو ته ڪجه مڊل ايسٽ جي ملڪن ۾ وڪيا وڃن ٿا۔ نه صرف اهو پر ڪجه ٻارن تي جسماني ۽ جنسي تشدد به ڪيو وڃي ٿو۔

    افسوس ان ڳاله جو آهي ته هن هيڏي وڏي مسئلي کي اڃان تائين سنجيدگيء سان نه ته حڪومت ۽ پوليس پاران ورتو ويو آهي نه ئي ڪي سماجي تنظيمون ان تي وڏي پيماني تي ڪم ڪري رهيون آهن۔ ان امڙ يا ان پيء تي ڇا گذرندو هوندو جنهن جي اکين جو تارو ۽ جگر جو ٽڪرو کسجي وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔
    [/JUSTIFY]

    هماري ويب جي مهربانيء سان
    سنڌيڪار : محمد سليمان وساڻ
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪراچيء ۾ هڪ سال اندر ٽي هزار ٻارن جو گم ٿيڻ

    اوو هي ته تمام گهڻي خراب خبر آهي۔الله خير ڪري۔​
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪراچيء ۾ هڪ سال اندر ٽي هزار ٻارن جو گم ٿيڻ

    اهو سڀ ڪجه ٿي رهيو آهي ۽ اسان بي خبر آهيون

    دعا ئي ڪري سگهون ٿا باقي واڪا ڪرڻ مون وس بڌڻ ڪم ٻروچ جو
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪراچيء ۾ هڪ سال اندر ٽي هزار ٻارن جو گم ٿيڻ

    غارت ٿين اهڙا دهشتگرد جيڪي معصومن کي به پنهنجي مقصد لاءِ اغوا ڪن ٿا۔۔۔
    هڪ سروي مطابق اهڙن ٻارن کي اغوا ڪري ڏکڻ وزيرستان ٽريننگ سينٽرس ۾ برين واش ڪيو ويندو آهي ۽ انهن جي ذهنن ۾ شهادت جي رتبي کي ڀريو ويندو آهي۔۔۔ جنهن کان پوءِ اهي ٻار اهڙن ماڻهن جي خاص ڪم جا هوندا آهن۔۔۔

    [​IMG]
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪراچيء ۾ هڪ سال اندر ٽي هزار ٻارن جو گم ٿيڻ

    ادا الله خير ڪندو .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو