• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي يمن ۾ به 30 سالن کان حڪومت ڪندڙ صدر عبدالله صالح خلاف مظاهرا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
هاڻي يمن ۾ به 30 سالن کان حڪومت ڪندڙ صدر عبدالله صالح خلاف مظاهرا

21ediyo.gif



15n3h9v.jpg


تيونس ۽ مصر کانپوءِ يمن ۾ به 30 سالن کان اقتدار جي ڪرسي کي چنبڙيل صدر عبدالله صالح خلاف احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا آهن، اي ايف پي مطابق يمن جي گادي واري شهر سنا ۾ ڪامن فورم اپوزيشن پاران شهر جي مختلف چئن حصن ۾ صدر عبدالله جي 30 سالن جي ڊگهي اقتدار جي خاتمي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرين صدر عبدالله کان مطالبو ڪيو ته هاڻي گهڻو ئي ٿيو 30 سال اقتدار جا مزا ماڻڻ بعد ان کي گهر هليو وڃڻ گهرجي، ٻئي طرف يمن جي گهرو وزير رشد المصري چيو آهي ته يمن ۾ شروع ٿيل حڪومت مخالف مظاهرن ۽ تيونس ۾ عوامي احتجاج جي دٻاءَ هيٺ صدر بن علي جي ملڪ مان فرار ٿي وڃڻ واري معاملي ۾ ڪا به هڪجهڙائي ناهي ۽ يمن ۾ اهڙي صورتحال پيدا نه ٿيندي۔ اي ايف پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته يمن ۾ تيونس جهڙي حڪومت ناهي، يمن هڪ جمهوريت پسند ملڪ آهي ۽ مظاهرا پر امن ٿي رهيا آهن،

اي ايف پي مطابق يمن ۾ ڪالهه شروع ٿيل مظاهرن دوران مظاهرين صدر خلاف لاڳيتو 2 ڪلاڪ احتجاج ڪيو ۽ صدر صالح کان اقتدار ڇڏڻ جو مطالبو ڪندا رهيا، مظاهرين چيو ته هي وقت صدارت کي ڊيگهه ڏيڻ جو ناهي پر هي وقت تبديلي جو آهي، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي صدر خلاف نعرا لکيل هئا، مظاهرين جي ميڙ کي خطاب ڪندي مخالف ڌر پارٽي الاصلاح جي ايم پي اي عبدالمالڪ القصوص چيو ته اسان هتي اڄ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿيل ماڻهو صدر صالح ۽ ان جي ڪرپٽ حڪومت جي خاتمي ۽ انهن کان جان آجي ڪرائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، هڪ ڪامن فورم جي سرگرم ڪارڪن چيو ته شهر جي چئن حصن ۾ احتجاج ڪرڻ جو مقصد سيڪيورٽي فورسز کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ آهي، هوڏانهن صدر صالح جي حڪومت پارٽي پيپلز ڪانگريس هزارين حامين صدر جي مخالفت ۾ ٿيل مظاهرين کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ چار مختلف مظاهرا ڪيا، سنا يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران ڪئمپ ۾ صدر جي حمايت ۽ مخالفت ۾ احتجاج ڪيو ويو
 
Back
Top