ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
- سنڌ حڪومت صوبائي حڪومت جي مختلف انتظامي عهدن تي ڊيپوٽيشن بنياد تي مقرر ٿيل وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي خودمختيار ادارن جي 47 نان ڪيڊر آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 15 ڊسمبر 2010ع تي صوبائي حڪومت جي ڪيڊر عهدن تي مقرر ٿيل نان ڪيڊر آفيسرن کي هٽائڻ جي ڏنل فيصلي تي وڌيڪ عمل ڪندي جاري ڪيل ان نوٽيفڪيشن موجب هٽايل آفيسرن کي پنهنجي اصل کاتن ۾ وڃي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، انهن ۾ خوراڪ کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر لعل خان جتوئي، ايڪسائيز کاتي ۾ اي ٽي او جي عهدي تي مقرر ٿيل سنڌ ڪول اٿارٽي جو ملازم ظهير احمد ميمڻ، ايڪسائيز کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرر ٿيل صحت کاتي جو آفيسر ۽ ايڪسائيز واري وزير جو ويجهو مائٽ ڊاڪٽر جئه رام داس، ايڪسائيز کاتي ۾ اي ٽي او مقرر ٿيل صحت کاتي جو ڊاڪٽر اياز علي ميمڻ، ايڪسائيز کاتي ۾ اي ٽي او مقرر ٿيل زراعت کاتي جو آفيسر غلام حسين ڌاريجو، اي ٽي او مقرر ٿيل مڪاني ادارن واري کاتي جو پلاننگ آفيسر محمد اسد ابڙو، اي ٽي او مقرر ٿيل سوشل ويلفيئر آفيسر انيس فاطمه، اي اي ٽي او مقرر ٿيل تعليم کاتي جو ماستر محمد رمضان، اي ٽي او مقرر ٿيل مڪاني ادارن واري کاتي جو اطلاعات آفيسر راجا نديم سومرو، ڊائريڪٽر ايڪسائيز مقرر ٿيل پي ايس ايس گروپ جو احمد حسين سولنگي، ڊائريڪٽر ايڪسائيز مقرر ٿيل ڊي ايم جي گروپ جو آفيسر نديم احمد ابڙو، سيڪريٽري پي ٽي اي مقرر ٿيل آبپاشي کاتي جو انجنيئر اشرف علي جماڻي، سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي سکر مقرر ٿيل تعليم کاتي جو ماستر صوفڻ شاهه، سيڪريٽري ڊي آر ٽي اي بدين زراعت کاتي جي اين پي آءِ ڊبليو رٿا جو ڪمپيوٽر آپريٽر بشير احمد ميرجت، سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ٽرانسپورٽ اٿارٽي نوشهروفيروز ۾ مقرر ٿيل قانون کاتي جو پراسيڪيوٽر علي رضا شيخ، سيڪريٽري ڊي آر ٽي اي ڪراچي ۾ مقرر ٿيل ايس اينڊ جي اي ڊي جو 16 هين گريڊ جو ملازم محمد يوسف، لوڪل گورنمينٽ سپورٽ آفيسر جي عهدي تي مقرر ٿيل چوپائي مال واري کاتي جو آفيسر منظور احمد ابڙو، ڊسٽرڪٽ آفيسر ايم اينڊ اي مڪاني کاتو گهوٽڪي مقرر ٿيل صحت کاتي جو ڊاڪٽر محمد خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر پي ايل جي سي مڪاني کاتو مقرر ٿيل صحت کاتي جي ڊاڪٽر فهميده بلوچ، ڊي او ايم اينڊ اي جيڪب آباد مقرر ٿيل تعليم کاتي جو ليڪچرار آغا وقار دراني، ٽي ايم او فنانس ٽي ايم اي جيڪب آباد جي عهدي تي مقرر ٿيل وفاقي تعليم کاتي جو استاد امان الله جکرو، ٽي ايم او پنو عاقل مقرر ٿيل تعليم کاتي جو استاد نوتن، ڊي او ايم اينڊ اي ميرپورخاص جي عهدي تي ويٺل آبپاشي کاتي جو ريسرچ آفيسر غلام اڪبر جوڻيجو، ڊپٽي ڊائريڪٽر صوبائي لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جي عهدي تي ويٺل وفاقي سماجي ڀلائي کاتي جو سوشل ويلفيئر آفيسر ذيشان مظهر، ٽي ايم او دولتپور جي عهدي تي ويٺل ڳوٺاڻي ترقي کاتي جو اسسٽنٽ انجنيئر جاويد ڪانڌڙو، ڊي او ايم اينڊ اي گهوٽڪي جي عهدي تي ويٺل صحت کاتي جو ڊاڪٽر محمد خان شر، ڊي او ايم اينڊ اي دادو جي عهدي تي ويٺل تعليم کاتي جو اعجاز احمد پنهور، ڊي او ايم اينڊ اي لاڙڪاڻي جي عهدي تي ويٺل تعليم کاتي جو ماستر حفيظ الله پيرزادو، ڊي او ايم اينڊ اي جيڪب آباد جي عهدي تي ويٺل تعليم کاتي جو ماستر آغا وقار پٺاڻ، ڊائريڪٽر ٽو مڪاني ادارا کاتو سنڌ سول سروس اڪيڊمي ٽنڊو ڄام جو آفيسر نوشاد خان، ڊي جي ايم اينڊ اي مڪاني ادارن واري کاتي جي عهدي تي ويٺل مسرور ميمڻ، ليبر آفيسر جي عهدي تي ويٺل تعليم کاتي جو ماستر ممتاز علي، ليبر آفيسر جي عهدي تي ويٺل آبپاشي کاتي جو سب انجنيئر عبدالعليم آخوند، ليبر آفيسر جي عهدي تي ويٺل صحت کاتي جو ٽيڪنيشن عبدالفتاح عباسي، ليبر آفيسر جي عهدي تي ويٺل ليبارٽري اسسٽنٽ تعلقي اسپتال گهوٽڪي جاويد اختر خواجا، سيڪريٽري سنڌ سوشل ويلفيئر بورڊ جي عهدي تي ويٺل پورٽ قاسم اٿارٽي جو آفيسر سجاد حيدر شاهه، ڊائريڪٽر سيسي جي عهدي تي ويٺل سنڌ پروٽوڪول سيل ايس اينڊ جي اي ڊي جو آفيسر شڪيل امجد، ڊائريڪٽر سيسي جي عهدي تي ويٺل آفيسر ورڪر سوشل ويلفيئر بورڊ جو آفيسر سيد جمال الدين، عورتن واري کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ويٺل تعليم کاتي جو اسسٽنٽ پروفيسر شاهنواز کهاوڙ، ڊي ڊي او فنانس سکر سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري اعجاز احمد پلهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي بورڊ آف روينيو جي عهدي تي ويٺل ختم ٿيل ڪي ايم سي جو انفارميشن آفيسر طارق علي، ڊائريڪٽر ڪلچر جي عهدي تي ويٺل تعليم کاتي جو اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ڊي او ايم اينڊ اي ٿر جي عهدي تي ويٺل ڪراچي واٽر بورڊ جو آفيسر فيصل رضوي، ڊائريڪٽر جنرل ايم اينڊ اي سي مڪاني ادارن واري ڪميشن جي عهدي تي ويٺل ڳوٺاڻي ترقي واري کاتي جي انجنيئرنگ برانچ جو آفيسر آغا الطاف نبي، ٽي ايم او نارٿ ناظم آباد جي عهدي تي ويٺل محنت کاتي جو آفيسر فخر همايون زيدي، ڊي جي مائينس اينڊ منرل جي اڪائونٽس آفيسر جي عهدي تي ويٺل ورڪرز ويلفيئر بورڊ انسٽرڪٽر حاڪم علي مڱريو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڊي جي مائينز جي عهدي تي ويٺل تعليم کاتي جو ماستر ذوالفقار علي، ڊائريڪٽر عورتن جي ترقي واري کاتي جي عهدي تي ويٺل تعليم کاتي جو اسسٽنٽ پروفيسر ديدار مرتضيٰ ڀٽو ۽ ڊي ڊي او پاپوليشن ويلفيئر ڄامشوري جي عهدي تي ويٺل اطلاعات کاتي جو انفارميشن آفيسر محمد علي رياض شامل آهن.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
سدائين گڏ