ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
آمريڪي شهري جي فائرنگ ۾ لاهور ۾ ٻن نوجوانن جي مارجي وڃڻ واري واقعي جون شاهديون ۽ پوليس جو موقف ڪيترن ئي مونجهارن کي جنم ڏئي رهيو آهي. پوليسمطابق آمريڪي قونصليٽ جي ملازم ريمنڊ ڊيوس ڦر ڪندڙ هٿياربندن مٿان پنهنجي دفاع ۾ فائرنگ ڪئي جن مٿس هٿيار تاڻيا هئا . جيڪڏهن پوليس جو اهو موقف صحيح آهي ته پوءِ واقعي بعد آمريڪي قونصليٽ جو ملازم گاڏي ڀڄائي ڇو ڀڳو ۽ هن اڳتي وڃي ٽرئفڪ وارن کي يرغمال ڇو بنايو، جيڪڏهن واقعي هن کان ڦر ڪئي پئي وئي ته پوءِ آمريڪي قونصليٽ جيڪو شملا پهاڙي تي گورنر هائوس جي پويان واقع آهي اوڏانهن اچڻ بدران لِٽن روڊ ذريعي پراڻي انارڪلي تائين ڇو ويو ۽ ڇو ان وقت تائين گاڏي ڀڄائيندو رهيو جيستائين پوليس ان کي گهيري ۾ نه آڻي ڇڏيو ۽ جيستائين ان کي حراست ۾ نه ورتو ويو . ٻيو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن موٽر سائيڪل سوار نوجوان آمريڪي قونصل جي ملازم کي ڦُر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ انهن وٽ پستول به هئا ته انهن مٿس فائرنگ ڇو نه ڪئي. سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن نوجوان ڦورو هئا ته انهن کيس روڪڻ لاءِ سندس گاڏي جي دروازي وٽ اچي کيس پستول ڏيکاريو هوندو ۽ ان جيڪڏهن دفاع ۾ فائرنگ ڪئي ته پوءِ اها ته گاڏي جي دروازي وٽان ٿيڻ گهرجي ها پر آمريڪي قونصليٽ جي ملازم پنهنجي ڪار جي اڳيان واري ونڊ اسڪرين مان اندران کان فائرنگ ڪئي آهي ۽ اها به هن اسٽيئرنگ جي بلڪل مٿان هٿ رکي ڪئي هوندي، ڇاڪاڻ ته ان جي گاڏي جي اڳيان واري شيشي ۾ گولين جا پنج نشان آهن ۽ شيشي ۾ شامل پلاسٽڪ جو مواد اندران کان ٻاهر اڀريل هجڻ سبب اهو واضح نظر اچي ٿو ته فائرنگ اندران کان ڪئي وئي آهي.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان