ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڊي ڊي او روينيو، سيڪشن آفيسرن ۽ سترهين گريڊ جي ٻين عهدن تي ڀرتي لاءِ ورتل گڏيل مقابلي واري امتحان 2009-2008ع جي گذريل ڏينهن پڌري ڪيل نتيجي ۾ ڪميشن جي امتحانن واري ڪنٽرولر سيد شفيع محمد شاهه جي ڀاءُ، صوبائي وزير منظور وساڻ جي سئوٽ جي پٽ ۽ صوبائي سيڪريٽري سيد عابد شاهه جي پٽ، اڳوڻي ڊي سي او نوابشاهه عبدالرزاق قريشيءَ جي پٽ، سيڊا جي اڳوڻي چيئرمين نذير مغل جي پٽ سميت 128 اُميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. ڪميشن جو اهو امتحان اپريل 2009ع ۾ ورتو ويو هو، جنهن جو نتيجو پڌرو ڪرڻ ۾ اٽڪل 2 سال لڳايا ويا. پاس ٿيل اُميدوارن مان 16 ڄڻن جو تعلق وڏي وزير جي ضلعي خيرپور ۽ 15 جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي. ڊي ڊي او روينيو جي عهدن لاءِ سليڪٽ ٿيلن ۾ لاڙڪاڻي جو عبدالله ڀٽي ولد فيض محمد، خيرپور جو عبدالقدوس شيخ ولد محمد صديق، حيدرآباد جو غلام مهدي شاهه ولد سيد مقبول شاهه، بدين جو غلام محمد ڪوريجو ولد سهراب، ڪراچي جو هاشم مظهر قريشي ولد مظهر قريشي، ڪراچيءَ جو مختيار علي ولد الاهي بخش، زڪوات کاتي جي سيڪريٽري سيد عابد شاهه جو پٽ سيد علي مرتضيٰ شاهه، ڪراچيءَ جو سيد محمد علي ولد سيد ذاڪر حسين، ڪراچي جو محمد ڪاشف خان ولد محمد سمين خان، دادو جو محمد يوسف ولد عبدالستار شيخ، ڪراچيءَ جو ناصر علي ولد غلام رسول شيا، ڪراچيءَ جو نصرالله ولد رحمت الله عباسي، ڪراچي جي شبانه ڪوثر شاهاڻي ڌيءَ سائين بخش، ڪراچيءَ جي شهلا قريشي ڌيءَ محمد اسماعيل، سکر جو شڪيل احمد ابڙو ولد نذير علي، ڪراچي جي سميرا حسين ڌيءَ غلام حسين، لاڙڪاڻي جو ياسر ڀٽي ولد نثار احمد، دادو جو امتياز علي ابڙو ولد ممتاز علي، خيرپور جو فياض حسين راهوجو ولد غلام حيدر، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ صوبائي سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري بجيٽ عضنفر علي ولد برڪت علي قادري، خيرپور جو حق نواز ولد حڪمت علي شر، حيدرآباد جو عنايت علي شاهه ولد شهزادو شاهه، ڪمال حڪيم ولد عبدالحڪيم دايو، حيدرآباد جو محبوب علي سيال ولد الهبچايو، بدين جو عمران الحسن ولد مشتاق علي، حيدرآباد جو محمد عاصم ولد سيد محمد هارون، مٽياريءَ جو نجيب الرحمان جمالي ولد عبدالمجيد، نويد الرحمان ولد عبدالرحمان لاڙڪ، سانگهڙ جو رياض حسين لغاري ولد فقير محمد، سکر جو شاهنواز سومرو ولد حق نواز، حيدرآباد جو شوڪت علي اڄڻ ولد سجايو اڄڻ، نوابشاهه جو ولي محمد ولد محمد يعقوب، لاڙڪاڻي جو عبدالله ڀٽي ولد خير محمد، سکر جو عبدالحليم جاگيراڻي ولد عبدالنبي خان، لاڙڪاڻي جو امداد علي ابڙو ولد علي شير، لاڙڪاڻي جو مسعود ڀٽو ولد حاجي ربنواز، خيرپور سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير منظور وساڻ جي سئوٽ علي مردان جو پٽ رياض حسين وساڻ، جيڪب آباد جو سميع الله اوڍو ولد عبدالله، لاڙڪاڻي جو ثناءُ الله رند بلوچ ولد الهه بخش، سکر جو علي رضا انصاري ولد روشن علي، خيرپور جو محمد بخش عرف راجا ولد نور محمد ڌاريجو، جيڪب آباد جو منظور احمد ڪنراڻي ولد فيض محمد، سيڪشن آفيسرن جي عهدن لاءِ سليڪٽ ٿيل اُميدوارن ۾ جيڪب آباد جو عبدالڪريم ولد سهراب ملڪ، نوشهروفيروز جو عبدالرحمان مري ولد عبدالمجيد، لاڙڪاڻي جو احمد علي شيخ ولد عبدالمجيد، سکر جو غلام عباس ميمڻ ولد احمد بخش، خيرپور جو سيد حسن علي شاهه ولد سيد انور شاهه، لاڙڪاڻي جو محمد علي شيخ ولد شمس الدين، نوشهروفيروز جو محمد ابراهيم کوکر ولد غلام ياسين، شڪارپور جو نعمان احمد مورياڻي ولد سراج احمد، لاڙڪاڻي جو محمد صالح ولد احمد علي سوهو، سکر جو خالد ملڪ ولد غلام مصطفيٰ، شڪارپور جو حاڪم علي بنگلاڻي ولد مغل خان، سکر جو عبدالرئوف سمون ولد عبدالرحمان، خيرپور جو عبدالفتاح شيخ ولد دين محمد، نوشهروفيروز جو عبدالحفيظ مهيسر ولد الهڏنو، دادو جو عبدالڪريم ميمڻ ولد خدابخش، خيرپور جو عبدالڪريم جماڻي ولد هادي بخش، لاڙڪاڻي جو عابد قمر شيخ ولد ڪريم بخش، قمبر جو آفاق احمد ڪلهوڙو ولد محرم علي، ڪراچي جو سيد اطهر علي شاهه ولد سيد مظهر علي شاهه، نوابشاهه جو غلام حسين ٻگهيو ولد محمد موسيٰ، قمبر جو اسرار احمد سوڍر ولد احمد علي، ڪراچي جو جرير عدنان خان پٺاڻ ولد خليق الزمان، ڪراچي جو ڪاشفق رضا منگي ولد گلزار احمد، نوشهروفيروز جو خادم حسين ٻرڙو ولد سلطان، ڪراچي جو محمد عاصم خان ولد محمد وسيم خان، ڪراچي جو محمد فاروق بگٽي ولد حميد الله، ڪراچي جو محمد حسين يوسفزئي ولد عبدالرحمان، سکر جو نصرالله ماڪو ولد محمد ڪامل، ڪراچي جو نويد انور سومرو ولد فياض احمد سومرو، شڪارپور جو نويد احمد سومرو ولد مولابخش سومرو، لاڙڪاڻي جو نوروز خان عباسي ولد گدا حسين، مٽياري جو قاسم اڪبر نمائي شاهه ولد سيد غلام اڪبر شاهه، نوابشاهه جو شوڪت علي لاکو ولد خاوند ڏنو، لاڙڪاڻي جو محرم علي ولد عبدالستار شيخ، حيدرآباد جو عامر حسين ولد نور محمد جعفري، دادو سان تعلق رکندڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن واري ڪنٽرولر سيد شفيع محمد شاهه جو ڀاءُ عبدالماجد شاهه ولد شير محمد شاهه، حيدرآباد جو آصف خان راڄپوت ولد عبدالرشيد، نوابشاهه جو دلمراد ولد عبدالمجيد، دادو جو امتياز حسين خشڪ ولد محمد حسين، نوابشاهه جو فدا حسين ولد محمد ادريس، حيدرآباد جو عمران علي ولد مظفر علي، حيدرآباد جو خالد احمد سراز ولد گل محمد، حيدرآباد جو جميل احمد ولد محمد ابراهيم، حيدرآباد جو محمد عاطف ولد محمد حسين، حيدرآباد جو محمد آصف ولد محمد شفيع، دادو جو محمد منير ولد غوث بخش، لاڙڪاڻي جو محمد نديم ولد عبدالستار، حيدرآباد جو محمد نويد ولد عبدالوحيد، نوابشاهه جو نجيب حسن بروهي ولد محمد حسن، لاڙڪاڻي جو نسيم عباس عباسي ولد بشير احمد، حيدرآباد جو نويد صادق راجپوت ولد محمد صادق، حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ورڪس کاتي جي رٽائرڊ ايس اِي نذير مغل جو پٽ اويس نذير مغل، خيرپور جو رياض علي ميتلو ولد شفيع محمد، جيڪب آباد جو رياض احمد جکراڻي ولد عبدالنبي، حيدرآباد جي ثمينه راجپوت ڌيءَ محمد علي، سکر جو شفقت علي سومرو ولد رضا محمد، دادو جي شگفته خاتون ڪلهوڙو ڌيءَ محمد ايوب، حيدرآباد جي سدرا صديقي ڌيءَ محمد الزمان، حيدرآباد سان تعلق رکندڙ پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ وڏي وزير جي ويجهي دوست سليم آرائين جو ويجهو عزيز سهيل اشرف آرائين ولد محمد اشرف، شڪارپور جو ياسر حسين ڀٽو ولد منظور حسين، شڪارپور جو ظهير عباس مير ولد غلام عباس شامل آهن. جڏهن ته ليبر آفيسر جي عهدن لاءِ سليڪٽ ٿيل اُميدوارن ۾ حيدرآباد جو عبدالستار ڳنڀير ولد حفيظ الله، نوابشاهه جو علي اصغر لاکو ولد نور محمد، نوابشاهه جو محمد علي شيخ ولد حافظ مظفر علي، حيدرآباد جو نور احمد لاکو ولد حاجي هوت، جيڪب آباد جو سيد احمد ڀيو ولد ڳهڻو خان، خيرپور جو ظفر حسين ولد حميز علي ڪٻر، خيرپور جو حامد لطيف ڀٽي ولد عبدالرحمان، لاڙڪاڻي جو آصف رضا چانڊيو ولد عبدالستار شامل آهن. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر جي عهدن لاءِ سليڪٽ ٿيل اُميدوارن ۾ لاڙڪاڻي جو عبدالصمد سومرو ولد خليق الرحمان، خيرپور جو علي حسن راڄپر ولد ٿريو خان، خيرپور جو اصغر علي پٺاڻ ولد جان محمد، شڪارپور جو نعيم احمد عباسي ولد نور احمد شامل آهن. اسسٽنٽ رجسٽرار ڪوآپريٽو سوسائٽيز جي عهدن لاءِ سليڪٽ ٿيل اُميدوارن ۾ حيدرآباد جي افشان شيخ ڌيءَ عبدالقدير شيخ، لاڙڪاڻي جو ساجد علي سومرو ولد غلام مصطفيٰ، دادو جو امداد علي لغاري ولد نور محمد، اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري عبدالرزاق قريشي جو پٽ رضوان قريشي، ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدن لاءِ سليڪٽ ٿيل اُميدوارن ۾ ٺٽي جو نويد احمد ڪيهر ولد نذير احمد، ڪراچي جو عامر علي شاهه ولد سيد محمود علي شاهه، ٽنڊي محمد خان جو قريب الله سومرو ولد حافظ محمد طاهر شامل آهن. هوڏانهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن واري ميمبر ابرار احمد مرزا چيو آهي ته ڪميشن جي چيئرمين سميت اسان سڀني کي اها ڄاڻ پهريان ئي هئي ته ڪميشن جي امتحانن واري ڪنٽرولر جو ڀاءُ گڏيل مقابلي واري امتحان جو اميدوار آهي. هن چيو ته ڪنٽرولر سيد شفيع محمد شاهه جو ڀاءُ ان امتحان ۾ ميرٽ جي بنياد تي سيڪشن آفيسر جي عهدي لاءِ ڪامياب ٿيو آهي. ”ڪاوش“ پاران رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته امتحانن واري ڪنٽرولر چيئرمين کي باقاعده درخواست ڏئي آگاهه ڪيو هو ته هن جو ڀاءُ پڻ ان امتحان ۾ ويهي رهيو آهي. ان ڪري امتحان جي پرچن جي تياري واري مرحلي کان ڪنٽرولر کي الڳ ڪيو ويو هو. هن چيو ته امتحاني پرچا ڪرڻ لاءِ پڻ هن (ابرار احمد مرزا) پنهنجي هٿن سان چيڪرز کي ڏنا هئا. هن چيو ته جيئن ته ڪميشن جي موجوده انتظاميا پاڻ ئي اڳوڻي انتظاميا پاران ورتل امتحانن جي نتيجن تي اعتراض واريا آهن، ان ڪري اسان پاران اعلان ڪيل نتيجي تي پڻ ڪجهه ماڻهو هرو ڀرو آڱريون کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڪميشن جي نتيجي ۾ گڙٻڙ ڪرڻي هجي ها ته ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين ۽ هڪ ميمبر جا پٽ پڻ امتحان ۾ ويٺا هئا، انهن کي ڇو نه ڪامياب ڪرايون ها.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان