ٿوم جي پوک

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [justify]
    ٿوم جي پوک

    ڊاڪٽر علي محمد خشڪ

    ٿوم جي سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين ڳالهين کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
    زمين جي چڪاس: اصول مطابق ڪنهن به فصل جي پوک کان اڳ مٽي جي چڪاس ڪرائڻ ضروري هوندي آهي، ان مان اها خبر پوندي آهي ته جنهن زمين ۾ اسان جيڪو فصل پوکيون پيا اها زمين ان فصل مطابق آهي يا نه، پر اڪثر هاري ڪنهن به فصل جي پوک کان اڳ مٽي جي چڪاس ڪونه ٿا ڪرائين، جنهن ڪري اسان جي فصلن جي پيداوار ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ لهي ٿي، ان ڪري اسان پنهنجن ضرورتن جو به پورائو ڪري نٿا سگهون.
    زمين جو قسم: ٿوم لاءِ هلڪي لٽاسي کان وچولي لٽاسي زمين بهتر آهي، جنهن ۾ پاڻي جي نيڪال ۽ جذب ڪرڻ جي خاصيت بهتر هجي، سخت ۽ چڪي زمين ٿوم لاءِ بهتر نه آهي، اهڙي زمين ۾ فصل ڪمزور ٿئي ٿو ان ڪري پيداوار گهٽ لهي ٿي.
    زمين جي تياري: زمين جي تياري هميشه سٺي نموني سان ڪرڻ گهرجي، سٺي تياري ڪرڻ ڪري هڪ ته زمين مان گند گاهه جو خاتمو ٿيندو ۽ ٻيو سٺي تياري جي ڪري پيداوار وڌيڪ لهندي، زمين جي تياري لاءِ شروع ۾ ضرورت آهر هڪ هر راجه يا ڊهڪ پلو سان ڏيڻ گهرجي، جيئن زمين کلي پوي، مٿان وري هڪ يا ٻه هر گوبل جا ڏجن، جيئن پٿر وغيره ڀڄي پون ۽ پوءِ زمين کي سنوت ۾ آڻي 30 کان 40 ڳريل سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ جون ڍڳي گاڏيون في ايڪڙ ڏجن، ان کانپوءِ ڀاڻ کي پکيڙي هڪ يا ٻه ڪلٽيويٽر جا ڏئي، زمين کي ليول ڪري يڪدم پاڻي ڏيڻ گهرجي، جيڪي زمين مان ڀاڻ واري گرمي به ختم ٿئي ۽ سنوت جي به خبر پوي، جنهن زمين وٽ ۾ اچي ته هر ڏئي زمين کي هموار ڪري گهربل ٻارا ٺاهڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن کريا ٺاهڻا هجن ته انهن جو فاصلو 2 کان اڍائي قدمن تي رکڻ گهرجي.
    جنسون: ٿوم جي جنسن ۾ ديسي، جي ايس 1 ۽ ايراني ٿوم اڄڪلهه مارڪيٽ ۾ اچي ٿي، ٿوم جي جنس گلابي به پوکي هيٺ آهي.
    پوکيءَ جو وقت: ٿوم جي پوکي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪن حالتن ۾ نومبر تائين پوک ڪري سگهجي ٿي.
    ٻج جو مقدار: ٿوم لاءِ 300 کان 400 ڪلو گرام في ايڪڙ ٻج جي سفارش ڪجي ٿي.
    پوکيءَ جو طريقو: ٿوم سڌي زمين تي قطارن ۾پوکي وڃي ٿي، ٿوم جي لاءِ قطارن جي وچ وارو مفاصلو 6 انچ ۽ ٻوٽن جي وچ وارو مفاصلو 2 کان 3 انچ رکڻ گهرجي، ٿوم جون ڳڙيون هڪٻئي کان جدا ڪري، زمين ۾ اهڙي طريقي سان پوکڻ گهرجن جو انهن جو مٿيون حصو ٿورو زمين کان مٿي رهي ۽ پاڙ جي طرف حصو زمين جي اندر رهي ۽ پوکڻ وقت اهو خيال رکجي جو ٿوم جون ڳڙيون گهڻو هيٺ زمين ۾ نه وڃن، وڌيڪ اونهائي جي ڪري ٻوٽن جي واڌ تي اثر پوي ٿو، ٿوم جي پوکي کانپوءِ يڪدم پاڻي ڏيڻ گهرجي.
    ڀاڻ جو استعمال: ٿوم جي سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ 30 کان 40 ڳريل سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ جون ڍڳي گاڏيون پوکي کان هڪ مهينو اڳ زمين ۾ استعمال ڪرڻ گهرجن، هڪ ٻوري ڊي اي پي ٿوم پوکڻ کان اڳ ڇٽي، ديسي هر هلائي مٿان سانهر ڏجي، ان بعد ڳڙيون پوکڻ گهرجن، يوريا ڏيڍ ٻوري في ايڪڙ استعمال ڪجي، ان مان اڌ ٻوري پهرين گڏ کانپوءِ اڌ ٻوري پاڙ ٺهڻ مهل ۽ اڌ ٻوري فصل پچڻ مهل ڏيڻ گهرجي.
    پاڻي ڏيڻ: ٿوم پوکڻ بعد پهريان ٻه ٽي پاڻي جلدي ڏيڻ گهرجن ته جيئن ڳڙيون ڦٽن ۽ واڌ ويجهه ڪن، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ هفتي وار پاڻي ڏيڻ گهرجي ۽ سياري ۾ 15 ڏينهن جي وقفي سان پاڻي ڏيڻ گهرجي ۽ جڏهن پن مرجهائڻ شروع ڪن ته ان مهل پاڻي بند ڪرڻ گهرجي.
    گندگاهه ڪڍڻ: ٿوم جي پوکائي بعد ڳڙين جي ڦٽڻ دوران گندگاهه تي مڪمل ضابطو رکيو وڃي، ٻي صورت ۾ پيداوار تي تمام خراب اثر پوندو، ٿوم جي فصل ۾ ٻه کان ٽي دفعا رنبي جي مدد سان گــُڏ ڪڍجي، گڏ ڪڍڻ ڪري هڪ ته گندگاهه کان نجات ملندي ۽ ٻيو زمين کلي نرم ٿي پوندي، جنهن ڪري زمين جي پاڻي جذب ڪرڻ واري خاصيت ۾ اضافو ٿيندو ان ڪري پيداوار وڌيڪ لهندي.
    مٽي چاڙهڻ: ڳنڍ جي سٺي سائيز حاصل ڪرڻ لاءِ مٽي چاڙهڻ ضروري آهي.
    جيت: ٿوم جي فصل تي خاص ڪري ٿرڙي، جونئن، آمريڪي ڪينئي ۽ لشڪي ڪينئي جو حملو ٿئي ٿو، پر ٿورڙو وڌيڪ نقصان پهچائي ٿو.
    ٿرڙو: هي ٿوم ۽ بصر کي شديد نقصان رسائيندو آهي، هي پڻ ٻين فصلن جهڙوڪ گوبي، پٽاٽو، ٽماٽو ۽ ونگي وغيره کي به نقصان پهچائي ٿو، فصل کي بالغ توڙي ٻچا ٻئي نقصان رسائيندا آهن، هن جا بالغ سنهڙا پيلي ڀوري رنگ جا هوندا آهن ۽ انهن جي ڊيگهه هڪ ملي ميٽر هوندي آهي، نر بغير پرن وارا هوندا آهن، جڏهن ته مادين کي جهالودار پر هوندا آهن، ٻچا شڪل ۽ رنگ ۾ بالغ سان مشابهت رکندا آهن، پر اهي بغير پرن جي ۽ ننڍا هوندا آهن، ٿرڙو سڄو سال چست هوندو آهي پر ٿوم ۽ بصر تي نومبر کان مئي تائين نسل وڌائيندو آهي ۽ پوءِ ٻين فصلن تي منتقل ٿي ويندو آهي، هن جي حملي جي ڪري ٿيل ٻوٽن جا پن گهٽجي ويندا آهن ۽ پوءِ آهستي آهستي سڪي ويندا آهن، شديد حملي جي صورت ۾ نه ئي ٻوٽن جي ڳنڍ ٺهندي آهي ۽ نه ئي وري گلن ۾ ٻج ٺهندا آهن.
    ڪنٽرول: جيڪڏهن ٿوم جي فصل ۾ مٿي ذڪر ڪيل جيت نظر اچن ته زرعي ماهر جي مشوري سان ڦوهارو ڪرائڻ گهرجي.
    ٿوم جو لابارو يا ڪڍائي: ٿوم جو فصل مارچ جي آخري هفتي ۽ اپريل مهيني ۾ ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ۾ ٿوم جو آڳاٽو فصل جنوري کانپوءِ مارڪيٽ ۾ اچي ٿو، ٿوم جي لاباري لاءِ جڏهن ان جا پن پيلا يا ڦڪا ٿي سڪڻ شروع ڪن ته ڳنڍين کي زمين مان کوٽي ڪڍجي، ڳنڍين کي ڪڍڻ بعد سڪائي مارڪيٽ ۾ موڪلڻ گهرجي.
    پيداوار: ٿوم جي في ايڪڙ پيداوار 100 کان 125 مڻ لهي ٿي.[/justify]
    ماخذ: فورشيئرڊ ڊاٽ ڪام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو