[JUSTIFY]ٿوم جا انساني صحت لاءِ فائدا ڊاڪٽر علي محمد خشڪ ٿوم انسان ذات لاءِ قدرت جي طرفان هڪ انمول تحفو آهي، ٿوم کي انگريزي ۾ گارلڪ (Garlic) ۽ اردو ۾ لهسن چوندا آهن، هن جو اصل وطن اولهه ايشيا ۽ ڏکڻ يورپ آهي، ٿوم جي اندر حڪمت جي لحاظ کان تمام گهڻيون خوبيون ۽ خاصيتون موجود آهن، ٿوم ۾ هڪڙو تيل اليل (Allyl) هوندو آهي، جيڪو سلفر سان ڀرپور هوندو آهي، هي تيل ايترو ته تيز آهي جو جيڪڏهن ٿوم کي پير جي تري سان گسجي ته هن جي خوشبو ڦڦڙن مان نڪرندي آهي، دل جي بيماري هڪ عام مرض ٿي ويو آهي، شريانن ۾ چرٻي جمع ٿيڻ ڪري شريانيون سوڙهيون ٿي وينديون آهن ۽ انهن مان رت آساني سان گذري نه سگهندو آهي، ان ڪري ڪنهن مهل به دل جو دورو پئجي سگهي ٿو، جيڪڏهن انهن چرٻي ڀريل شريانن کي کولڻ جو ڪو رستو هٿ ڪجي ته دل جي ڪيترن ئي موتمار بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، ٿوم اهو ڪم ڪري سگهي ٿي، جنيوا يونيورسٽي ۾ ڪيل ريسرچ مطابق بلڊ پريشر جي مريضن کي ٿوم کارائڻ سان انهن جو بلڊ پريشر گهٽجي ويو، ٿوم جسم ۾ ڪوليسٽرول ٺهڻ جي عمل کي روڪي ٿي ۽ ڪوليسٽرول جي گهٽجڻ ڪري شريانيون ويڪريون ٿين ٿيون، ان ڪري دل کي رت صحيح طريقي سان پهچي ٿو، انڊيا ۾ ٻن ڊاڪٽرن 10 صحتمند ماڻهن کي چونڊيو جن جي سراسري سيرم ڪوليسٽرول ليول 21 هئي، ڊاڪٽرن انهن کي چرٻي وارو کاڌو، جنهن ۾ چوٿائي پائونڊ مکڻ کارايو و، ٽن ڪلاڪن کانپوءِ انهن جي ڪوليسٽرول ليول 237 ٿي وئي، پر وري جڏهن انهن کي وڌيڪ چرٻي وارو کاڌو کارايو جنهن ۾ ٿوم جو جوس هو کارائڻ سان تن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ انهن جو ڪوليسٽرول 237 مان 213 ٿي ويو، انهيءَ سان گڏ انهن جو رت جو ڪلائنگ ٽائيم به وڌي ويو، هڪ ريسرچ ۾ ڪوئن کي اهڙو کاڌو ڏنو ويو جنهن ۾ ڪوليسٽرول ته جهجهي مقدار ۾ هو پر انهيءَ ۾ 2 سيڪڙو ٿوم به هئي، ڪوئن جو ڪوليسٽرول ليول 4 سيڪڙو ته وڌيو پر نارمل جي ويجهو هو، ٿوم ڪوليسٽرول کي وڌڻ نه ڏنو، ٻر ٻيا ڪوئا جن کي ساڳيو کاڌو بغير ٿوم جي ڏنو ويو انهن جو ڪوليسٽرول 23 سيڪڙو وڌي ويو. ٿوم پيشاب ۽ پگهر جي نيڪالي کي وڌائي ٿي، ٿوم ۾ (Antimicrobial) جيوڙن کي مارڻ جي طاقت پڻ آهي، آمريڪا ۾ ڪيل ريسرچ مطابق ٿوم ۾ پينسلن جي هڪ سيڪڙو برابر طاقت آهي، هڪ ريسرچ مطابق هڪڙي گروپ جي ڪوئن ۾ ڪينسر جا گهرڙا داخل ڪيا ويا پر انهن کي ٿوم جو جوس ڏيڻ سان انهن ۾ ڪينسر پيدا نه ٿي ۽ جن ڪوئن کي ٿوم نه ڏني وئي انهن ۾ڪينسر ٿي پئي. ٿوم پڻ انسان کي نزلي، زڪام کان بچائي ٿي، ٿوم ڇاتي ۾ ڄميل بلغم کي نيڪال ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪري ٿي، ٿوم استعمال ڪرڻ سان انسان جو تنتي سرشتو بحال ٿئي ٿو، جنهن ڪري انسان نه صرف تازو توانو رهي ٿو پر صحتمند به رهي ٿو، ٿوم جي استعمال سان اکين ۾ تازگي اچي ٿي ۽ طاقت به بحال ٿئي ٿي، ٿوم فالج، دمه، کنگهه ۽ ڦڦڙن جي زخمن کان علاوه پراڻي بخار لاءِ پڻ مفيد ثابت ٿي آهي، ٿوم ۾ هڪڙو جزو جارمانيم هوندو آهي جيڪو جسم ۾ آڪسيجن جي سپلاءِ تيز ڪندو آهي، ٿوم پڻ قدرتي آيوڊين سان ڀرپور آهي، مٿين ڳالهين مان خبر پوي ٿي ته ٿوم مان ڪيترا فائدا حاصل ٿين ٿا۔[/JUSTIFY]ماخذ: فورشيئرڊ ڊاٽ ڪام