اچو ته شاهه لطيف کي آزاد ڪرايون امان الله شيخ [JUSTIFY]ارنيمسٽ ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي جي سنڌ ٿورائتي آهي جنهن لطيف سرڪار جي شاعريءَ مٿان ماضيءَ جي دَز کي ڇنڊي ڦوڪي کيس عالمي سطح تي مڃتا لائق بڻائي ڇڏيو، انهيءَ سلسلي کي ڳنڍيندي/اڳتي وڌائيندي شاهه کي جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، عبدالستار پيرزادي جهڙا قدر دان مليا جن صاحبن شاهه جي حب الوطني کي سياسي کيتر ۾ نروار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سيد صاحب ”پيغام لطيف“ جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو، ايئن سياسي عالم ۽ اڪابر ڀٽائي جا پانڌيئڙا ٿيا ۽ ميلن ۽ ملاکڙن ۾ سندن آمد ٿي، ان کان سواءِ شاهه جي ورسي ۽ بين گڏجاڻين ۾ سياسي عالمن ۽ آفيسرن جو عمل دخل وڌڻ لڳو، مطلب ته انهيءَ پيش رفت جو هڪ پاسي مثبت رد عمل ٿيو ته شاهه جي ڏيٺ ويٺ ۽ احترام سفيد پوش، اڀرندڙ وچولي طبقي ۾ اُسرڻ لڳو، هوڏانهن منفي نتيجو سامهون آيو ته شاهه جنهن جي ڪلام ۽ سوچ ۽ فڪر جو مرڪز پنهوار، سخي ڏاتار ۽ پيرين اگهاڙا هئا انهن جي وچ ۾ هڪ نئون طبقو حائل ٿي بيٺو. اهو طبقو گهڻي ڀاڱي شاهه جي فڪر ۽ فهم کان اڻ ڄاڻ، ڇسو ظاهري ڏيک ويک، نمود ۽ نمائش جو طرفدار هو، اهي محض شاهه کي صوفي لاڪوفي يا منهن مونن ۾ وجهي غربت منجهه گذار جو عڪس ڪري پيش ڪرڻ لڳا، ايئن ڏسندي وائسندي شاهه کي ساراهه ۽ ثنا خواني جي اهڙي بنديخاني ۾ بند ڪيو ويو، جنهن جون چاٻيون انهيءَ ڇسي طبقي پنهنجي کيسي ۾ وجهي قابو ڪري ڇڏيون، مختصر طور ته شاهه سائين سرڪاري تحويل ۾ اچي ويو، ايئن شاهه جي ورسي کان وٺي لطيف جو ڏهاڙو مورڳو تخت نشين ۽ اقتدار پرستن جي قبضي ۾ اچي ويا، ايئن شاهه جي مناسبت سان جيڪي محفلون يا ورسي هجي ان جو افتتاح مهورت وقت جو حڪمران پوءِ اهو جمهوري ڊڪٽيٽر هجي يا فوجي ڊڪٽيٽر، سي ڪرڻ لڳا، ايئن شاهه جي ڪلام ۽ فڪر تي اُهي ماڻهو ڊگها وعظ ۽ نصيحتون ڪرڻ لاءِ جن کي پکن ۽ پنهوارن، سنڌ ۽ سنڌيت جي بونءِ ۽ بڙانس به ڪانه هئي، شاهه جي چوڌاري سياسي ڪارندن ۽ ڪامورن جو گهيرو تنگ ٿيڻ لڳو ۽ لاشڪ ته شاهه جو بي قرار روح ڀٽ کان ڪوهين ڏور وراڪا ڏيندو هوندو. ان ڪري اسان سڀني جي مٿان فرض ۽ ذميواري اچي ٿي ته سياسي ڪارندن، سرڪاري سالن جي قيد مان لطيف کي آزاد ڪرايون، ان لاءِ تجويز آهي ته جيڪڏهن سرڪاري، تقريبن ۾ محض نمائش طور اقتدار جي مسند تي وي ٺل ماڻهن کي گهرايو وڃي ته ان کان پاسو ڪيو وڃي، ان لاءِ سرڪاري پرستي کان آزاد شاهه ميلو ۽ مهورت ڪيو وڃي، ان جو افتتاح لطيف جو سجاده نشين ڪري ۽ سنڌ جا اديب، دانشور ۽ لطيف جا فقير ۽ محبتي هڪ اهڙي گڏجاڻي جي پيڙهه جو پٿر رکن جنهن ۾ لطيف جي مسڪين، ماروئڙن جي وچ ۾ پوليس جا دستا، ڏنڊا، باٺا، نمائشي ماڻهو حائل نه هجن. اچو ته اڄ کان لطيف کي آزاد ڪرڻ جو عهد ڪريون ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. ڇا اسين هڪ آزاد ۽ خود مختيار سنڌ جو سپنو ساڀيان ٿيڻ کان اڳ لطيف ۽ سنڌ جي اڪثريت کي هڪ ٻئي سان سنئون سڌو ڳانڍاپي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟. aman_lark@yahoo.com[/JUSTIFY] روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: اچو ته شاهه لطيف کي آزاد ڪرايون دوست وساڻ، سائين امان الله شيخ، اسانجي اديب ۽ ڏاهي دوست انعام شيخ جي وڏي ڀا جو سهڻو ليک ونڊ ڪري لک لائق ڪيا اٿوَ ۔۔۔ دوستو! هي هڪ دنيا جي ڏکوئيندڙ حقيقت آهي ته اسانجا مفڪر، پيغمبر يا ولي الله جنهن طبقي کي ساڻ ڪري هلندا هئا ۽ جنهن غريب کي پنهنجو دوست ۽ ساٿي سمجهندا هئا ۔۔۔۔ انهن ولين ۽ پيغمبرن جي برقعي مٽائڻ سان امير طبقو انهن تي قبضا ڪري ويا آهن، هت رسول اڪرم جي مزار جي چوڌاري جيڪي غريب ماڻهون رهندا هئا انهن کي لڏائي ميلن ۾ 5 تارن وارا هوٽل ٺاهي امير طبقو اڳ کان وڌيڪ پئسا ڪمائي رهيو آهي ۽ رسول جي روزي جي ارد گرد رهڻ لا به ڪو امير ئي هوندو، باقي غريب ڪوهين ڏور رهي سگهي ٿو ۔۔۔ هت مڪي ۾ به الله جي گهر جي چوڌاري غريبن کي لڏائي، ترقي جي نانوَ تي شهزادن قبضا ڪري وڏا وڏا هوٽل ٺهرائي پنهنجا بئنڪ بيلنس پر ڪيا آهن ۔۔۔۔ ساڳي طرح لطيف سڳوري جي مزار تي ۽ ان جي فڪر تي پڻ رياست قبضو ڪري ورتو آهي، ۽ پنهنجي من پسند تشريحن سان مزا وٺي رهيا آهن ۔۔۔ انهن مفڪرن، ولين ۽ رسولن جا پيغام، پيغام الاهي جنهن مقصد لا آيل هو سو هن وقت وڏين وڏين گادين لا منافعي جو ڪارڻ آهي ۔۔۔ انکي چوندا آهن مذهبن ۾ دڪانداري ۔۔۔ رب انسان کي سڌي راهه طرف رهنمائي ڪري ۔۔۔۔ آمين
جواب: اچو ته شاهه لطيف کي آزاد ڪرايون منهنجا محترم دوستو جيڪڏهن اسان منجهان هر ڪو پنهنجو جوڳو ڪردار ادا ڪري ته ڪنهن جو به دين تي دڪانداري ڪرڻ جو سپنو ساڀيان نه ٿي سگهندو تنهن ڪري ضرورت ان ڳاله جي آهي ته عمومي افڪار کي بيدار ڪرڻ لا هر ڏاهو سمجهو ۽ ذميوار شخص علم ۽ قلم جي ذريعي عمومي افڪار کي بيدار ڪرڻ لا پاڻ پتوڙي