دوستو هي جيڪي منهنجي پوسٽ آهي هِن جو مطلب آهي ته توهان سڀئي پنهنجا فوٽو هتي پوسٽ ڪجو ڇو ته مان سنڌ سلامت لاءِ هڪ خوبصورت فوٽو بنائڻ وارو آهيان توهان سڀيئي پنهنجا فوٽو مونکي هتي ضرور پوسٽ ڪجو ۽ ها توهان وڏي ۾ وڏي سائيز موڪلجو ننڍو سائيز نه هُجي توهان جو البم تيار مان ڪندس جلدي ڪجو پوسٽ ڪجو سڀ دوست پنهنجا فوٽو hatt-pare سڀني جا فوٽو گڏ سڀ فوٽو بڻجندا فيملي وانگر سڀني کا پهرين توهان جي ڪنگ جو فوٽو جلدي ڪجو پنهنجو فوٽو هتي پيسٽ ڪجو البم جي تياري آهي جلدي
ادا جهانداد يار، سياڻو ٿي جي اسانجي فوٽن سان به اهڙي حالت ڪري هٿيار هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندي ته وڃي ٿيا ست خئير، اصل ايئرپورٽ تي لهندي ئي ... پوليس پياري وٺي وڃي باندي بڻائيندي ... ۽ پوءِ نه داد نه فرياد ... مفت ۾ دهشتگرد ٿي وينداسون ... الله امان ... الله امان
ادا جهانداد توهان ٿريڊ ته سٺو شروع ڪيو آهي پر يار جيڪڏهن نه مان پنهنجو ڦوٽو شيئر ڪيم ته ادا يقين ڪر ته حال فلحال ته هفتو کن ته سنڌ سلامت جي ميمبرن جون ننڊون اُڏامي وينديون ڇو ادا توهان غريبن جو ڊيڄارڻ جي چڪر ۾ آهيو مان ته پنهنجو ڦوٽو هتي شيئر نه ٿو ڪري سگهان ڇو جو مان نه ٿو چاهيان ته ڪو دوست مون کي ڏسي ڊڄي وڃي (اڃا جيڪڏهن يقين نه اچي ته ادي وهاب کان پڇي ڏسجا۽ هڪ دفعي مون کي ان ڏٺو هو ويب ڪيم تي اصلي مولائي ڏَندڙجي ويو هو ) shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
واهه فقير سائين واهه، جڏهن توهان کي ڏٺو آهي تڏهن کان موسان ٽوني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واري حالت آهي۔ مٺا هاڻي خال جي خبر ته توکي آهي، ۽ ٻيو ته توهان جي باري ۾ ڇا ٻڌايان توهان جي تصوير جي باري ۾ ٻڌايان يا توهان جي مصروفيات جي باري ۾ ٻڌايان۔ باقي توهان جو ڦوٽو شيئر ڪري سنڌ سلامت جي ميمبرن جون ننڊون حرام ڪرڻيون آهن ڇا۔ suhnan saan khil sahi shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
يار وحيد ڦلپوٽا ۽ ادا وهاب توهان پيا هڪ ٻئي کي ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون ڪريو ادا جهانداد سمون ڪيڏي نه خلوص سان پيو توهان سڀني دوستن کي چئي ته پنهنجي وڏي ۾ وڏي تصوير هتي شيئر ڪريو ته هُو ان کي هڪ نئون لُڪ ڏيندو بس يار توهان ڀلي ديرون ڪريو اسان حاضر ٿا ٿيون اداجهانداد سمون جي آڏو ڏسون ٿا مٺو جهانداد هن جهوني کي ڇا مان ڇا ٿو بنائي۔ ٺيڪ آهي ادا جهانداد سمان۔ ته با ادب با مُلاحائضه هوشيار، سنڌ سلامت جو جهونو ادا جهانداد جي سامهون آهي جهانداد ادا هاڻي ته خوش اسين حاضر آهيون تُنهنجي سامهون مُنهنجي خيال ۾ ادا جهانداد هاڻي مان هي پنهنجو ٽيون فوٽو پيو ڏيان ڪافي آهن يا بس رُڳو حُڪم ڪر مٺا۔
ادا اوهان تصويرون شئيرڪريو يا نه پر وچ ۾ وري اها خال واري ڳالهه ڪيئن ڪئي اٿو۔ منهنجي خيال ۾ جڏهن اوهان فقير سائين کي ڏٺو هوندو ته اوهان کي ٽوني بليئر ياد ايندو هوندو۔۔۔۔ هاڻي سمجهي ويس ته انهي خال ۾ بليئر لفظ ايندو وڌيڪ ماهر هن فورم تي موجود آهن دوستن کي التجا آهي ته ادا وهاب واري ڏنل خال کي پُر ڪن۔۔۔۔ shal judy hujeen
مان سند سلامت لائي هڪ ياد گار فوٽو بنائڻ جي پيو سوچا ۽ ڪجهه اسان جا سندي ڀاء هڪ ٻئي که ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون ڪريو اسان کان پيار پيا گهٽائين
ادا ڪنگ، شال خوش هجو، اڃان ٿورڙو وقت انتظار ڪريو، ڇاڪاڻ ته ادو وهاب فورم تي هڪڙو نئون سلسلو شروع ڪرڻ وارو آهي. انهيءَ سلسلي جو نالو هوندو ”ڦوٽو سڃاڻيو“. انهيءَ ۾ فورم جي سمورن دوستن جون تصويرون ڏنيون وينديون. ادي وهاب کي به گذارش آهي ته هي سلسلو جلد کان جلد شروع ڪن.
سنڌ سلامت جا ڀائرو، مون ته ٻڌو هو ته ادو جهانداد پڻ پوڙهو مڙس آهي، پر فوٽن ۾ ته اصل جوانڙو پيو لڳو ... نه فقط جوانڙو پر يار ته اصل سهڻو من مهڻو پيو لڳي ... دوستو کيس نظر نه هڻجو ... مٿان وري ادي نثار ناز جا فوٽا به پنهنجي مٽ پاڻ آهن ... مقابلو ڪري بيٺا آهن ... هاڻ ڏسون ته ٻيا دوست ڪيئن ٿا ديدار ڪرائن ... يار رشيد ته اصل پير پيڳاري جيئان ماڙيءُ تي چڙهي ديدار ڪرائيندو... شايد ... ادي علي عليءَ جو هڪ فوٽو نظر ته ايندو آهي پوءِ الائي پٽ جو اٿس يا پنهنجو ، ادي زاهد مخدومي جا به ڏسون ته ڪهڙا وکر آهن ... ابو زين کي به ڏسڻ جو اتساه آهي ... ادو وهاب ته اڳ ڪجه وڏڙو ٿيو هو پر هاڻ وري ننڍڙو ٿي ويو آهي يا وري ڪو نئون ننڍڙو سندس گهر آيو آهي ... فقير سائين ته الائجي ڪهڙن خيالن ۾ آهي ... ادي وهاب کي ته ڏسندي ئي ڏندڻ پئجي ويا ، اسانجو الائي ڇا ٿيندو ... مطلب ته سڀ دوست، ڪيئن ٿا ديدار ڪرائن ... سو ته وقت ٻڌائيندو ۽ انتظار رهندو