• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجو پاڻ کان ڀڳل آهيون

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
پنهنجو پاڻ کان ڀڳل آهيون

اسان ته جيئري ئي ڄڻ مئل آهيون

حق کان ڀڄون ٿا ضمير ستل آهيون

ساھ اسان جو آهي ڄڻ هنن جي وس

ماري نه وجهي ايڏا ته ڊنل آهيون

ظلم کي ظلم چوڻ لاء ڪٿان اچي همت

گُنگَ لڳل آهن زبان ڪٽيل آهيون

شرم لاء به ته آهي همٿ جي ضرورت

اسان ڀاڙيا بزدل هٿ پير ٻڌل آهيون

ڏاڏل سو ڇو ٿو چوين جو پڻ نه ڪرين

هتي سڀ پنهنجو پاڻ کان ڀڳل آهيون[/justify
]​
 
جواب: پنهنجو پاڻ کان ڀڳل آهيون

ادا ڏاڏل، يار! ڏاڍي ڏکوئيندڙ حالت بيان ڪيئ اٿوَ ۔۔۔ سماج جي ڪيترن ئي رخن ۽ ڀوائتن بيمارين طرف آڱريون کينون اٿوَ جو سوچي به حيانءُ ٿو لرزي ۔۔۔۔

مونکي، مون پرينِ، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا! ايئن چون، متان پانـد پسـائيين۔

هڪ خوشيءَ جي ڳالهه ته اوهانجي فڪر کان ته اڳ ئي واقف آهيون پر هاڻ اوهان سنڌي ساده لفظ، رديف ۽ ڪافئي ۾ چڱيءَ طرح استعمال ڪيا آهن ۔۔۔

فڪري نظم ونڊ ڪرڻ جا لک ٿورا ۔۔۔ سمجهو ڪي سمجهن ۔۔۔
 
سائين ابڙا صاحب اوهان جي مهرباني آءُ ته هن معاشري جي مفتين کان ڊڳل آهيان ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪا اهڙي اعترازي ڳالھ فورم تي کڻي نه اچان ۔ واهان جي همت افزائي جي مهرباني ۔وسلام
 
جواب: پنهنجو پاڻ کان ڀڳل آهيون

ادا ڏاڏل تمام بهترين ونڊ آهي اوهان جي ماشاء الله
 
Back
Top