بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    منهنجا ڪافي دوست اهي شڪايتون عام ڪندا آهن ته ليٽيسٽ ڪمپيوٽر هئڻ باوجود ونڊوز جي ڊيسڪٽاپ تائين پهچندي پهچندي بجلي هليو وڃي۔۔۔۔ اهڙا دوست اڪثر ڪمپيوٽر ميموري ۽ پروسيسر وڌائڻ جي چڪر ۾ رهندا آهن۔۔۔
    دوستو اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪمپيوٽر ميموري (ريم) کي هارڊويئر ڪامبينيشن مطابق رکيو وڃي ته توهان جي سسٽم جو بوٽنگ اسٽارٽ اپ تڪڙو ٿي سگهي ٿو ۔۔۔ پر ان باوجود جو ڪيترائي دوست ونڊوز 7 استعمال ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي ڪمپيوٽر ۾ هڪ گيگا بائيٽ يا پلس ميموري آهي ۔۔۔ اسٽارٽ اپ جي سست هجڻ جو ذڪر ڪندا رهندا آهن۔۔۔ اهڙن دوستن لاءِ خاص طور ۽ عام طور لاءِ سمورن رڪنن لاءِ هڪ اهڙي ٽپ حاضر آهي جنهن ذريعي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جو اسٽارٽ اپ تيز بڻائي سگهو ٿا۔۔۔۔
    سڀ کان پهريان اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري رن پروگرام کوليو جتي msconfig لکي ڪيبورڊ تان انٽر ڪي پريس ڪريو۔۔۔ توهان جي اڳيان سسٽم ڪنفگريشن ونڊو کلي ويندي۔۔۔۔

    [​IMG]

    هتان ٻيون نمبر ٽيب Boot کوليو ۽ No GUI boot آپشن ان چيڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    جنهن کان پوءِ ان ئي ٽيب ۾ موجود Advanced options بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ته هڪ وڌيڪ ونڊو کلندي۔۔۔ جتي Number of processors تي چيڪ لڳائي هيٺان موجود ڊراپ ڊائون لسٽ منجهان وڌ ۾ وڌ وارو انگ چونڊيو۔۔۔۔ ۽ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي اسٽارٽ اپ ٽيب کوليو ۽ هيٺ موجود سمورن پروگرامن تان چيڪ هٽائي ڇڏيو۔۔۔ ياد رهي ته هي اهي پروگرام هوندا جيڪي توهان وقت سر انسٽال ڪندا رهندا آهيو ۔۔۔ اڪثر اهي پروگرام تڪڙا کلڻ ڪري اسٽارٽ اپ ۾ ويهندا آهن جن کي هتان هٽائڻ سان انهن تي ڪو خاص فرق نه پوندو آهي۔۔۔۔

    [​IMG]

    جنهن کان پوءِ Apply ۽ پوءِ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔ ۽ ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪريو۔۔۔ توهان واضح طور نوٽ ڪندو ته توهان جي ڪمپيوٽر جو اسٽارٽ اپ تڪڙو هوندو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    زبردست ادا
    بهترين ٽپ ڏني اٿو
    لک مهربانيون
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    ٽپ ته اصل صفا ٺاهوڪي آهي پر مون وٽ وري اسڪرين پيو ظاهر ٿئي هاڻي ڇا ڪجي

    [​IMG][/CENTER][/IMG]


    يعني ڪي بوٽ وارو آپشن ئي نه آهي :>:>:>

    سدائين گڏ
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    ادا رشيد بهترين ڏس ڏنو اٿوَ، مون جهڙن ڪيترن ئي گهٽ علم وارن دوستن جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو ۽ انهن جي ڪمپيوٽر جي رفتار ۾ پڻ واضح فرق نظر ايندو۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    فقير سائين۔۔۔ مٿئين پوسٽ ۾ واضح ڄاڻايل آهي ته اهو ڏس رڳو ونڊوز سيون لاءِ‌آهي، پر توهان پريشان نه ڪريو، اجهو جادوگر سائين ونڊوز ايڪس پي لاءِ به ڪو ڏس ڏيڻ‌لاءِ حاضر ٿيندو
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔


    مهرباني جاني
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    فقير سائين ، پاڻ واري جادوگر سائين فقط تصوير ۾ ئي اها ڳالهه سمجهائي آهي ته ونڊوز سيون ۾ هي آپشن موجود آهي۔۔
    [​IMG]
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    جي دوستو سڪرين شاٽس ته ونڊوز 7 جون آهن پر توهان چاهيو ته اهو ساڳيو عمل ونڊوز ايڪس پي ۾ به ڪري سگهو ٿا۔۔۔ Boot مينو جي جاءِ تي Boot.ini ٽيب کوليو جتي ايڊوانس آپشنس موجود آهي۔۔۔ ساڳي طرح پروسيسر کي وڌائڻ لاءِ ٻيو نمبر آپشن موجود آهي۔۔۔ ڏسو هيٺين تصوير۔۔۔۔

    [​IMG]
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    يار اصل قرب ڪري ڇڏيئي هڪ جي بي ريم ته آهي پر وري به ڪوشش اها هوندي آهي ته جيڪر ٿورو سسٽم اڃا فاسٽ هجي

    مهرباني ادا

    بهترين ڪوشش آهي مون جي :x
    سدائين گڏ
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    ادا رشيد مهرباني

    تمام ڀلي ٽپ اصل اڄ ته واه واه ٿي وئي

    مون واري ڪمپيوٽر جو به ڪم لٿو پيو هو پر ڪجه بهتر ٿيو ۔۔۔۔

    لک لائق اوهان جا ۔۔۔۔
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔


    سائين هتي اسان وٽ وري چڳن ڀلن جا ڪم لٿا پيا آهن جي توهان جي ڪمپيوٽر جو ڪم لٿو ته مڙيئي خيئر آهي
    ان جي لا۽ ادا رشيد آهي نه باقي هت ته اسان وڏي ويل ۾ آهيون :)):)):)):))
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    يار فقير اڄ ڪجه پريشان پيو لڳين ۔۔۔۔

    ٻيلي ايئن نه ڪري جي فقير به خوش ناهي ته پوء اسان جو ڇا ٿيندو
     
  13. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    ادا رشيد واه واه تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿو هڪ نئون درس مليو اڄ۔۔۔۔
     
  14. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    بهترين سائين ياهو کان جان چٽي ونڊو اسٽارٽ ٿيڻ کان اڳ ۾ ڊسڪ ٽاپ تي اچي ويندو هو
     
  15. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: بغير سافٽويئر جي پنهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز کي تڪڙو کوليو۔۔۔

    واه بهترين ٽپ سائين
    مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو