[justify]پپنُو لاڳيتو ٻه ٽي ڀيرا ڪلاس ۾ فيل ٿيو ته ڪاڪي آچار سڏ ڪري ڪاوڙ ۾ چيس: جيڪڏهن مٿئين ڀيري تون پاس نه ٿئين ته مون کي پيءُ ڪري نه سڏجان۔۔۔ وري ٻئي ڀيري نتيجو آيو ته ڪاڪي آچار سڏ ڪري پپنُو کان نتيجي بابت پڇيو پپنُو چيوۡ: بس يار ڪاڪا آچار ڳالهه نه پڇ۔۔۔۔۔ ماسترن جي ساڙ جي ڪري هن ڀيري به پاس نه ٿيو آهيان۔۔۔[/justify]
جواب: بس يار ڪاڪا آچار ڳالهه نه پڇ۔۔۔۔ مطلب پپن اڃان پاس ناهي ٿيو ۽ لڳي ٿو ته پاس ٿيندو به ڪون ۔۔۔ ان نڀاڳي جو اسڪول بدلائڻو پوندو، ڇاڪاڻ هڪ ته گهر جي ڀر ۾ اسڪول اٿس سو هر هر گهر ڀڳو بيٺو هوندو ۔۔۔انڪري ڪاڪو آچار به تنگ ٿيو اٿس ۔۔۔ ٻيو وري سامهون گرلس اسڪول اٿس سو هميشه وار ٺاهيندي ٻاهر نڪري اچي گرلس اسڪول تي نظرون کپائي بيهي ٿو رهي ۔۔۔ نڀاڳو پاس ڪيئن ٿيندو ۔۔۔؟
جواب: بس يار ڪاڪا آچار ڳالهه نه پڇ۔۔۔۔ [justify] لڳي ٿو اوهان جي ڪاڪا آچار اينڊ ڪمپنيءَ سان پراڻي سڃاڻپ آهي، ڪاٿي ساڳئي اسڪول مان ساڳئي طرح ته پڙهي ڪونه نڪتا آهيو۔۔۔؟؟ [/justify]
جواب: بس يار ڪاڪا آچار ڳالهه نه پڇ۔۔۔۔ [justify] سائين سڀاڳو هجي يا نڀاڳو۔۔ پر ڇا ڪجي ڪاڪي آچار جي نصيب ۾ اهو ئي ڪِڪو لکيل هو۔[/justify]