جواد رضا
سينيئر رڪن
ماحوليات کاتي به سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي انتهائي گدلو قرار ڏئي ڇڏيو، انساني حياتين لاءِ هاڃيڪار
سنڌو درياهه جو پاڻي زهريلو ٿيڻ بابت سکر ۾ جهنگلي جيوت، ماحوليات کاتي ۽ فشريز کاتي جي عملدارن ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو، ماحوليات کاتي گڊو کان سکر بئراج وچ ۾ پاڻيءَ کي انتهائي گدلو ظاهر ڪندي نه رڳو آبي جيوت پر انساني حياتين لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته جهنگلي جيوت کاتي (وائلڊ لائيف) 5ٻلهڻن ۽ فشريز کاتي هزارين مڇين جي زهر سبب مرڻ واري واقعي جي تصديق ڪئي آهي، ان ڏس ۾ پاڻي جا نمونا چيڪ ڪندڙ روهڙي ڪيميڪل ليبارٽري پاران ڏنل رپورٽ ۾ پاڻيءَ کي صاف ۽ مڇين ۾ ڪو به زهر ظاهر نه ٿيڻ جي رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت پاران سنجيده نوٽس نه ورتو ويو ته آبي جيوت سان گڏ انساني حياتيون به متاثر ٿي سگهن ٿيون، سکر جي وائلڊ لائف کاتي جي آفيس ۾ ٿيل اجلاس ۾ وائلڊ لائيف جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام محمد گڏاڻي، ماحوليات کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر منير احمد عباسي، فشريز کاتي سکر جي ضلعي آفيسر غلام مصطفيٰ گوپانگ ۽ ڊبليو ڊبليو ايف جي محمد عمران شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سنڌ سرڪار لاءِ مختلف تجويزون ڏيندي رپورٽ ترتيب ڏني وئي، اجلاس ۾ اتفاق سان سفارش جوڙي وئي ته گڊو کان سکر تائين سنڌو درياءَ ۾ ڪنهن به شخص کي مڇي مارڻ جو لائسنس نه ڏنو وڃي، جيڪڏهن مڇيءَ جو نسل ختم ٿي ويو ته دنيا جي ناياب نسل انڌي ٻلهڻ تاريخ جو حصو بڻجي ويندي، ان ڏس ۾ جهنگلي جيوت کاتي سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام محمد گڏاڻي اعليٰ اختيارين ڏانهن پنهنجي رپورٽ ۾ ٻن انڌي ٻلهڻن جو موت مهاڻن جي ڄار ۽ ٽن انڌي ٻلهڻن جو زهريلي مادي کي قرار ڏنو آهي، اطلاع آهن ته پاڻي جا نمونا روهڙي بعد ڪراچي ڪيميل ليبارٽري ڏانهن اماڻيا ويا آهن، اجلاس ۾ فشريز کاتي پاران هزارين مڇين جي مرڻ جو ذميوار انهن مهاڻن کي قرار ڏنو ويو آهي جيڪي مڇين جي شڪار لاءِ زرعي دوائون ۽ ٻيو زهر استعمال ڪندا آهن، کاتن جي سيڪريٽرين ڏانهن اماڻيل رپورٽن بعد هاڻي ڏسڻو آهي ته سنڌ سرڪار پاران انساني حياتين ۽ آبي جيوت جي بچاءِ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا پيا وڃن،آبي جيوت جي مري وڃڻ واري انڪشاف بعد مٿين ٽنهي کاتن پاران پنهنجون ذميواريون هڪ ٻئي ڏانهن ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون، پر ڪو به کاتو پنهنجي ذميواري قبولڻ لاءِ نه تيار آهي ۽ نه ئي آبي جيوت ۽ دنيا جي ناياب نسل انڌي ٻلهڻ(انڊس ڊولفن) جي بچاءِ لاءِ ڪي اهڙا اپاءَ ورتا پيا وڃن جنهن سان ڪو بهتر نتيجو سامهون آيو هجي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي جهنگلي جيوت کاتي سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام محمد گڏاڻي ٻڌايو ته گڊو بئراج کان سکر بئراج وچ ۾ سنڌو درياهه اندر شڪار جي منع آهي، ذريعن موجب گڊو کان سکر تائين سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه رڳو زهر سبب گدلو ۽ هاڃيڪار ٿئي ٿو پر پنجاب ۽ سنڌ جي دنگ تي به فئڪٽرين مان زهريلو پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿو ڪيو وڃي.
روزاني عوامي آواز