پاڪستان ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻوليون بڻائڻ جو سوال اياز علي سنڌي ٻوليءَ سان تعصب: در اصل پاڪستان ۾ ون يونٽ بنگالين جي قومي سياسي شعور خلاف ۽ ان جي اڀار سان مقابلو ڪرڻ لاءِ جوابي حڪمت عملي طور مڙهيو ويو هو. جنهن تحت اوڀر پاڪستان (بنگال) جي عددي اڪثريت کي چئلينج ڪرڻ لاءِ اولهه پاڪستان وارن صوبن، سنڌ، بلوچستان، سرحد (هاڻوڪو خيبر پختون خواهه) جي سياسي، قومي، صوبائي ۽ رياستي جائز حيثيت ۽ سڃاڻپ کي ختم ڪري انهن کي ون يونٽ يعني رڳو هڪ نام نهاد اولهه پاڪستان جي صوبي ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد ئي بنگالين جي ٻولي جي مسئلي تان شروع ٿيل قومي تحريڪ ۽ ان جي مزاحمتي سگهه آڏو ناجائز رياستي طاقت جي بنياد تي بند ٻڌڻ هو. بهرحال بنگالين ته پنهنجي ڀرپور عوامي مزاحمتي تحريڪ ۽ جدوجهد ذريعي ان مان جان ڇڏائي ورتي، جو اهي 1971ع ۾ پنهنجي ڌار حيثيت ماڻي ويهي رهيا پر اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ ننڍن مظلوم قومن سنڌين، بلوچن، سرائيڪين ۽ پٺاڻن لاءِ ڊگهي وقت تائين ڳچي جو ڳارو بڻجي ويو. سنڌ ۾ ون يونٽ جو عملي تضاد 1956ع ڌاري تنهن وقت جي وزيراعليٰ ايوب کهڙي جي صحيح ڪرڻ کان پوءِ ٿيو، جنهن ڪري کيس ”غدار سنڌ“ به سڏيو ويندو آهي، ڏٺو وڃي ته ايوب کهڙي جو سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري جدوجهد ۾ وڏو ڪردار هو، جنهن کي ڪنهن به طرح سان نظر انداز نٿو ڪري سگهجي پر پاڪستان ٺهڻ بعد هن پنهنجي وڏ وزارت ۾ ون يونٽ جي بل تي صحيح ڪري پنهنجي سڄي پورهيي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو هاڻ کيس سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ چڱن لفظن ۾ ياد نه ٿو ڪيو وڃي. بهرحال ون يونٽ جي قيام سنڌ کي سياسي، ثقافتي ۽ قومي لحاظ کان گهڻو نقصان پهچايو، سنڌ جي قومي سڃاڻپ ۽ تشخص کي ختم ڪيو ويو، صورت حال اها هئي جو شيخ اياز چواڻي ”سنڌ جو نانءُ ورتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو“ ايئن سنڌ جي نالي وٺڻ کي به ڪبيرا گناهه قرار ڏنو ويو. سنڌ لاءِ ”سابق سنڌ“ جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا، ان سڄي عرصي دوران سنڌين لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪري ڌارين کي نوڪريون ڏنيون ويون، پنجابين ۽ مهاجرن کي هر طرح سان اڳتي آندو ويو، ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ منظم رٿابندي سان ڌارين جي آبادڪاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ جون سازشون ڪيون ويون ۽ سنڌين جي نوڪرين، ڪاروبارن، شهرن ۽ واپار تي قبضا ڪرايا ويا، ايئن ون يونٽ جي سڄي عرصي دوران جتي سنڌ جون زمينون ڀڳڙن جي مٺ عيوض رٽائرڊ جرنلن ۽ ڪرنلن جي حوالي ڪري سنڌ جي معاشي طرح ڀينگ ۽ تباهي ڪئي وئي، اتي وري سنڌ جي ٻولي ۽ ادب خلاف به ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا ويا، انهي دور ۾ سوين سنڌي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن تي بندش وڌي وئي، سنڌ ٻولي کان ختم ڪرڻ جو مڪمل بندوبست ڪيو ويو، هڪ اندازي مطابق انهي عرصي دوران ڪراچي مان 1300 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي بند ڪيو ويو، جڏهن ته 1956ع جي آئين مطابق سنڌ ۾ سنڌي شاگردن لاءِ اردو ۽ اردو شاگردن لاءِ سنڌي ٻولي کي لازمي قرار ڏنو ويو پر ان تي قانوني طرح عمل ڪرڻ بدران رڳو سنڌي شاگردن لاءِ اردو کي لازمي قرار ڏنو ويو، جيڪا در اصل وڏي نا انصافي ۽ غير آئيني حرڪت هئي، جنهن خلاف سنڌي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن احتجاج ڪيو ته کين جيل موڪليو ويو. ان ڏس ۾ رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي، يوسف لغاري، مسعود نوراني ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جن سياسي ثقافتي ۽ قومي حقن ۽ مفادن جي حاصلات واري جدوجهد ۾ سياسي توڙي ادبي سطح تي وڏو ڪم ڪيو ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي آندي. در اصل ان سڄي عرصي دوران ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، نيلام بند ڪريو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، صحافين جي تحريڪ ۽ 4 مارچ شاگردن جي تحريڪ آپي شاهي خلاف شديد مزاحمت ۽ ڪاوڙ جو اظهار هيون. ان سڄي مزاحمت ۽ ڪاوڙ جو ئي اهو نتيجو هو، جو 1972ع ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٻولي جو بل پاس ڪرايو ويو، بل ته پاس ڪرايو ويو پر ان تي نام نهاد قومي ميڊيا جهڙي نموني ”اردو ڪا جنازه هي زرا ڌوم سي نڪلي“ جهڙيون معتصب ۽ لساني جهيڙن کي هوا ڏيندڙ ڳالهيون ڪري سنڌي ٻولي خلاف دٻاءَ واري صورت حال پيدا ڪرائي ان جي ئي نتيجي ۾ سنڌ اندر ٻولي جا وڏا فساد ٿيا، سنڌ الاجي کي باهه ڏني وئي، سوين ڪتاب ساڙي رک ڪيا ويا، ماڻهن کي ماريو ويو، ياد رهي ته تنهن وقت (۽ هاڻي به) پاڪستان جي آئين ۾ اڳواٽ ئي اردو کي قومي ٻولي جو درجو مليل هو، پر ان جي باوجود رياست تي قابض پنجابي، مهاجر بالادست قوتن سنڌي ٻولي جي بل واري مسئلي تي انتهائي سياسي تعصب، ساڙ ۽ نفرت جو اظهار ڪرايو ۽ سنڌي ٻولي کي هر طرح سان پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي. جيتوڻيڪ ٻولي وارن فسادن کي روڪڻ لاءِ حڪومت پاران سنڌ کي ٻن ٻولين يعني اردو سنڌي ٻولي وارو صوبو ته قرار ڏنو ويو پر سنڌي ٻولي جي حوالي سان عملي طور ڪا به پيش رفت ناهي ٿي ۽ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي طور ڪا به حيثيت ناهي ڏني وئي. صورت حال اها آهي جو اڄ به ريلوي اسٽيشن ۽ هاءِ ويز تي سنڌي ۾ نالا نٿا لکيا وڃن، سرڪاري آفيسن توڙي کاتن جي لک پڙهه ۾ سنڌي کي گهربل اهميت نٿي ڏني وڃي، نه رڳو ايترو پر سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد مان سنڌي ٻولي کي ڄڻ ته نيڪالي ڏني وئي آهي، اتي جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ تي بندش آهي، سنڌي ميڊيم اسڪولن کي بند ڪيو پيو وڃي ۽ ايئن سنڌي ٻولي بدستور چوطرف اڪيچار خطرن ۾ گهيريل آهي. مادري ٻولين کي قومي ٻولين واري درجي نه ڏيڻ جا سبب: اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۽ ان جي رياست تي پنجابي، مهاجر قوتن جو قبضو ۽ بالادستي قائم آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هتي ملڪ جي ننڍين مظلوم قومن کي نه رڳو سياسي، قومي، ثقافتي ۽ رياستي حقن سان نوازيو نه ٿو وڃي پر سندن ٻولين ڏانهن به نفرت ۽ سياسي متڀيد وارو رويو روان رکيو ويو آهي، جيڪو هيستائين بدستور برقرار آهي. جيتوڻيڪ موجوده پ پ حڪومت ۾ ارڙهين آئيني ترميم ذريعي ملڪ جي ننڍين مظلوم قومن ۽ صوبن کي ڪجهه اڌوگابرا حق ۽ اختيار ته ڏنا ويا آهن پر بهرحال پاڪستان ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻولين واري درجي ڏيارڻ وارو سوال وري به شدت سان ڪر کنيو بيٺو آهي، جنهن سان ملڪ جي ننڍين قومن ۾ وڏي بي چيني واري صورت حال پڻ ڏٺي وڃي ٿي. در اصل پاڪستان ۾ ننڍين مظلوم قومن يعني سنڌين، بلوچن، سرائيڪين ۽ پٺاڻن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولين واري درجي نه ڏيارڻ جو بنيادي سبب ئي اهو آهي ته جيڪڏهن هتي ايئن ڪيو ويو، يعني سنڌي، بلوچي، سرائيڪي ۽ پشتو کي قومي ٻولي واري حيثيت ڏني وئي ته پوءِ هتي پاڪستان ۽ ان جي رياست هي جيڪا گذريل 64 سالن کان بالادستي قوتن جي ناجائز بالادستي ۽ اسٽيٽسڪو آهي، ان جي نه رڳو ٽٽي وڃڻ جو خطرو آهي پر هتي ننڍين مظلوم قومن جي مها پاڪستاني قوميت جي نالي تي جيڪو ڦر لٽ جو ڌنڌو شروع ڪيو ويو آهي ان جي به ختم ٿي وڃڻ جا وڏا امڪان آهن. ظاهر آهي ته هتي جيڪڏهن ننڍين مظلوم قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي واري سرڪاري حيثيت ڏني وڃي ٿي ته ان سان نه رڳو انهن جي قومي ۽ سياسي سگهه ۾ اضافو ايندو پر ان جي منطقي نتيجي طور لاڳاپيل قومن جي رياستي اختيار ۽ خود مختياري ۾ به واڌ اچي ويندي ۽ ايئن جيڪڏهن اهي ننڍيون مظلوم قومون پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ رهندي مڪمل طور تي خود اختيار ۽ خود مختيار بڻجي وڃن ٿيون ته پوءِ ڇا هتي رياست تي پنجابي، مهاجر قومن جو جائز قبضو ۽ اسٽيٽسڪو هڪ ڏينهن لاءِ به برقرار رهي سگهندو؟ در اصل اهو امڪاني خوف ۽ ڊپ آهي، جنهن ڪري ملڪ جون بالادست قوتون ننڍين مظلوم قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولين وارو درجو ڏيارڻ نه ٿيون چاهين ۽ اهو ئي سبب آهي جو هاڻي جڏهن قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ ماروي ميمڻ پاران مادري ٻولين کي قومي ٻولين واري درجي ڏيارڻ وارو بل آندو ويو ته ان کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي رد ڪيو ويو. ڇا ڪرڻ گهرجي؟: بهرحال قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي مادري ٻولين کي قومي ٻولين جي درجي ڏيارڻ وارو بل رد ٿيڻ کان پوءِ هتي اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪو احتجاج ٿيڻ گهرجي ها، اهو نه ٿي سگهيو، جيڪا نهايت افسوس ناڪ ڳالهه آهي، بهرحال هاڻي به اڃا وقت ناهي ويو. جيتوڻيڪ سنڌي ادبي سنگت ۽ ڪجهه ٻين پليٽ فارمن تان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي وارو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي گهڻ گهرن جي جدوجهد ٿيندي رهي آهي پر بهرحال هاڻي ان ڏس ۾ ڪجهه وڌيڪ سنجيدگي سان اثرائتي جدوجهد هلائڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ سنڌ جي سمورن ادبين، صحافين، دانشورن، سول سوسائٽي جي فردن، سياسي ڪارڪنن ۽ مجموعي طور سنڌ جي ٻولي، ادب، ڌرتي ۽ قومي حقن بابت سوچيندڙ طبقن کي اٿي کڙو ٿيڻ گهرجي ۽ منظم جدوجهد هلائي وڃي، ٻيو ته ٻولي وارو مسئلو اسان جي قومي سوال سان ئي ڳنڍيل هڪ معاملو آهي، ان ڪري اسان جيڪڏهن پنهنجي مادري سنڌي ٻولي کي قومي يا سرڪاري ٻولي واري درجي ڏيارڻ لاءِ ڪا اثرائتي جدوجهد ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ ان سڄي جدوجهد ۽ مزاحمت کي پنهنجي قومي تحريڪ سان ئي ڳنڍي ڇڏڻ گهرجي ۽ ان کي ئي سڀ طرفي نموني سگهارو ۽ مضبوط بڻائڻ گهرجي، تڏهن ئي در اصل پاڻ پنهنجا گهربل مقصد ماڻي سگهون ٿا.