شروع الله پا ڪ جي مقدس نالي سان،جيڪو ڏاڍو مهربان ۽ وڏو رحم وارو آهي۔ اسلام عليڪم سنڌ سلامت جي سڀني باشعور ميمبرن کي جس هجي جو هنن سنڌي ٻولي جي خدمت لا۽ قدم کنيان آهن۔ آميد ڪيون ٿا ته سٺا ۽ بامعني آرٽيڪل هن پليٽ فارم تي موڪلي پڙهندڙن جي ناليج ۾ بهترين اضافو ڪندا ۔ “““ ““““ غلام مصطفئ ميمڻ””””””””” اسان جو تفصيلي تعارف هن ريت آهي۔ تعليم : لاء گريجوئيٽ ۔ (فرسٽ ڪلاس ،سيڪنڊ پو زيشن،حيدرآباد لا ڪاليج)۔ پروفيشن : گورنمنٽ جاب۔۔۔۔ ڳوٺ : دادو۔۔۔۔پر ڪافي وقت کان ڪراچي ۾ ڪلفٽن واري علائقي ۾ رهائش پذير ۔ ابتدائي تعليم : اسڪول ۽ ڪاليج مختلف شهرن جا۔( اسان جو بابا سائين گورنمنٽ جاب ۾ هئڻ ڪري مختلف شهرن ۾ پوسٽيڊ رهيا)۔ فارغ ٽائيم ۾ ادب،شاعري (سنڌي،اردو ۽ انگلش) پڙهڻ،صوفياڻا ۽ غزل ٻڌڻ۔
جواب: ش ادا السلام عليڪم ادا سڀ کان پهريائين ته اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا ادا توهان جو تعارف ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ادا غلام مصطفي تعارف پيش ڪرڻ ۾ ايتري ڪنجوسي ، ادا توهان جي تعليم ڪيتري آهي ڪٿان جو رهاڪو آهيو ته جيئن کيڪارڻ ۾ آساني ٿئي پئي توهان جي تفصيلي تعارف جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: ش ادا غلام مصطفى ميمڻ صاحب اوهان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي، توهان جي خيالن جي جيتري ساراهه ڪجي گهٽ آهي۔۔۔ پر دوست اوهان پنهنجو تعارف ڪرائڻ۾ ڪجهه ڪنجوسي ڪئي آهي۔۔۔ براءِ مهرباني جلد دوستن کي تعارف ڪرايو۔۔
جواب: شروع الله پاڪ جي نالي سان ادا غلام مصطفى ميمڻ اوهان کي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران ڀليڪار خوشي آهي جو اوهان اسان جي هن اطاق جا ساٿي ٿيا آهيو۔ مون سميت سڀني دوستن جو اهو اسرار آهي ته اوهان پنهنجو مڪمل تعارف به ڪرايو جيئن اوهان سان مڪمل ڄاڻ سڃاڻ ٿئي۔ سنڌ سلامت جي هن سهڻي سنڌي فورم تي اوهان کي دوستن جون انيڪ بهترين تحريرون پڙهڻ لاء ملنديون ۽ اسان اوهان به اها اميد رکنداسون ته اسان سان سهڻا ليک ونڊ ڪيو۔ اوهان کي ٻيهر ڀليڪار
جواب: شروع الله پاڪ جي نالي سان اڄ جڏهن مون دوست غلام مصطفي جي هن اڱڻ تي رڪنيت جي تاريخ ڏٺي ته خبر پئي ته هي دوست 2010 جي آڪٽوبر مهيني ۾ اچي رڪن ٿي هليو ۽ اڄ وري لڳ ڀڳ 4 مهينن کان پو ڀيرو ڪيو اٿس ۽ سنڌ سلامت جي ڪم جي تعريف ڪئي اٿس ۔۔۔ دوست غلام مصطفي ميمڻ صاحب، اوهان جا لک ٿورا جو اوهان هن اوطاق تي ايندا رهو ٿا ۽ هن اوطاق تي هلندڙ گهماگهمي پسند به ڪيو ٿا ۔۔۔ اوهانجي صلاح اکين تي ۔۔۔ اسين حت الامڪان ڪوشش ڪندا آهيون ته هن اڱڻ تي بااخلاق ۽ مقصد واريون لکڻيون ونڊ ٿين ۔۔۔ پر جيئن ته اوطاق آهي ته ڪنهن وقت ڀوڳ ٽڪا، ته ڪڏهن دنيا جا حال احوال ته ڪڏهن دوستن جا چرچا گهپا پيا هلندا آهن ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي وندرائڻ ۽ خوش رکڻ به ضروري هوندو اهي ۔۔۔ نه ته ٻسو ماحول سٺو نه لڳندو ۔۔۔ خئير اوهان اوطاق گهمي ته ڏٺي هوندي ۔۔۔ هن اوطاق جي اڱڻ جي آس پاس ڪيترائي ڪمرا آهن جن ۾ تمام سهڻا ڪتاب ۽ ليک محفوظ ٿيل آهن ۔۔۔ اوهان پنهنجي پسند آهر اهي ليک پڙهي سگهو ٿا ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اوهان وٽ به ڪا اهڙي ناياب ۽ پڙهڻ، ڏسڻ يا ٻڌڻ جهڙي شئي هجي ته ونڊ ضرور ڪندا ۔۔۔ لک ٿورا هن اوطاق تي ڀيرا ڪرڻ جا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: شروع الله پاڪ جي نالي سان ادا غلام مصطفى ميمڻ صاحب اوهان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿي۔ پر دوست اوهان پنهنجو تعارف ڪرائڻ۾ ڪجهه ڪنجوسي ڪئي آهي۔۔۔ براءِ مهرباني جلد دوستن کي تعارف ڪرايو، ڪٿا جا رهاڪو آهيو۔ ابتدائي تعليم ڪٿان حاصل ڪيوء ۽ وري اعلا تعليم لاء ڪٿي ويا۔ هاڻي ڪهڙيون مصروفياتون آهن وغيره۔
جواب: شروع الله پاڪ جي نالي سان ادا غلام مصطفى ميمڻ صاحب اوهان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿي۔ پر دوست اوهان پنهنجو تعارف ڪرائڻ۾ ڪجهه ڪنجوسي ڪئي آهي۔۔۔ براءِ مهرباني جلد دوستن کي تعارف ڪرايو، ڪٿا جا رهاڪو آهيو۔ ابتدائي تعليم ڪٿان حاصل ڪيوء ۽ وري اعلا تعليم لاء ڪٿي ويا۔ هاڻي ڪهڙيون مصروفياتون آهن وغيره۔
جواب: شروع الله پاڪ جي نالي سان السلام عليڪم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ورحمت الله وبرڪاته سائين اسان به سنڌ سلامت ۾ رجسٽر ٿيا آهيون ۽ اسان اڃان 30 جنوري 2011 ٽائيم 11 لڳي 40 منٽ ٿيا آهن۔ مهرباني ڪري اسان کي ڪجهه سکيا ڏيندا ته مهرباني ٿيندي۔
جواب: شروع الله پاڪ جي نالي سان علي رضا صاحب کي سنڌ دوست اوطاق تي اچڻ سان دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿي چئجي ۔۔۔ محترم دوست اوهانکي الائجي ڪهڙي مشڪل ٿي آهي هن اڱڻ تي ته انجي تعليم ڇا اسين اوهان سان هر حال ۾ گڏ آهيون ۔۔۔ اوهان هن اوطاق جي هڪ ڪمري، جنهن ۾ پڇڻا نه منجهڻا ۾ وڃي سوال ڪندا ته دوست اوهانکي سٺي موٽ ڏيندا ۔۔۔ ٻي نمبر تي اوهان ” سنڌ سلامت جي سکيا” واري ڪمري ۾ ويندا ته ات کوڙ ساترا ليک آهن جن مان اوهان هن اڱڻ تي نيون تحريرن کي ونڊ ڪرڻ جو طريقو ۽ ٻيون گهڻيون ڳالهيون سکي ويندا ۔۔۔ مطلب گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي ۔۔۔ آهستي آهستي اوهان اسانکان به تيز ترار ٿي ويندا ۔۔۔ بس هن اڱڻ تي ڀيرو ڪندا رهندا ۽ پنهنجن خيالن کان آگاهه ڪندا رهندا ۽ دوستن جي لکڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهندا ۔۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ لک ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: شروع الله پاڪ جي نالي سان ادا والعيڪم اسلام ادا توهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان خوش آمديد .
جواب: شروع الله پاڪ جي نالي سان ڪنهن به ميمبر کي قانوني مشوري جي ضرورت هجي ته اسان جون خدمتون في سبيلآ الله حاضرآهن۔
جواب: شروع الله پاڪ جي نالي سان جزاڪ الله؛ رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ خوشين جا خزانا عطا ڪري ۔۔۔ پر اوهان سان رابطي ڪرڻ جو ڪو هلڪو اشارو به هجي ته دوست اوهان سان صلاح مصلحت ضرورت جي وقت ڪري وٺن ۔۔۔ () دعائن ۾ ياد
جواب: شروع الله پاڪ جي نالي سان ادا علي رضا اوهان کي به ڀليڪار، اوهان سنڌ سلامت سکيا سيڪشن ۾ وڃي ڏسو اوهان کي ڪافي سوالن جا جواب ملي ويندا۔