نثارابڙو
نائب منتظم
اڄ نئـــون اهڙو ته چهـــرو ٿي لڳين، سچ پڇيـــن جي، چاٻــــو حلـوو ٿي لڳين،
سانوري ڏس نــور پنهنجـــو، بـــيمثال، مـــان چوان ٿو، روپ رب جو ٿي لڳين،
چهچٽـــو تنهنجــــو نئــــون، نخــــرو نئون، گـــل گلــن تي باغ سهڻو ٿي لڳين،
مست اکين ۾ ڪا لاچاري ڏٺم، ملڪ منهنجي جو ڪو، نقشو ٿي لڳيـن،
جســـم تنهنجو سڀ وکر آهــــن جت، ســـونڊ منهن ۾ روز جهڳـڙو ٿي لڳين،
مون ڏٺا تنهنجا به ڪرتب ڪيترا، ڏس مڙيا ماڻهون، ڪو ميلو ٿي لڳيــن،
چنــــڊ چــــوڏس جـــو کڙيو ”ٺارو“ مگـــر، تون وساميل ڄڻ ته چهرو ٿي لڳين.
ٺارو گرناڻي ...