دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ سلامت پاران ڪتابي سلسلي جي شروعات ۾ انٽرنيٽ تي ٻين دوستن پاران اپلوڊ ڪيل ڪتاب دوستن سان ونڊ ڪرڻ کانپوء ٻئي مرحلي ۾ اسان سنڌ سلامت جي دوستن پاران ڪمپوز ڪيل ڪتاب سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ شايع ڪري رهيا آهيون۔
ان سلسلي جو هي ڇهون ڪتاب ”هوائن مٿان گهر ۔۔۔۔ “ جيڪو پياري شاعر محترم سيال حيات جي خوبصورت غزلن تي مشتمل آهي، ڪمپوزنگ ۾ اسان جي مانواري ميمبر ۽ دوست اسد علي سيال جي ڪاوشن سان اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون۔ هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ سلامت جي سرپرست اعلى ۽ مشهور شاعر سائين نثار ناز لکيو آهي۔
محترم سيال حيات سنڌ جو بهترين شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار آهي پر وسائل نه هجڻ سبب هو مٿي اڀري ڪونه سگهيو ۽ کيس اها پذيرائي ڪانه ملي۔ جيتوڻيڪ سندس ڊرامه مختلف چينلن تان نشر ٿيا آهن ۽ سندس شاعري به اعلى پائي جي آهي۔ سندس لازوال شاعري خاص ڪري غزل تمام گهڻو وڻندڙ آهن۔ سندس هڪ غزل پيش آهي:
ڪاش گلڙن کي ۽ ڪنڊن کي سڃاڻون
غير کي سمجھون ۽ پنهنجن کي سڃاڻون
ٻين جي عيبن تي ، نظر ڦيرڻ کان اڳ۾
هڪ گھڙي جي ، پنهنجي جيون کي سڃاڻون
جنهن کي ديوانو چئي ٿا ، ٽهڪ ڏيون پيا
اڄ اچو انجي به ، اُڌمن کي سڃاڻون
ظاهري مرڪن تي موهت ٿيڻ کان پهريان
ساهه ۾ سانڍيل ته ، سڏڪن کي سڃاڻون
ڌاڪ ڌاريئي جي ٻڌي ڇو دهلجون ، جي
قرب جي ڪيچين جي ، قدمن کي سڃاڻون
گھاءُ ڏيندڙ کي نه ڳوليوسين ، ڪڏهن ڀي
پاڻ بس ، گھايل جي ، زخمن کي سڃاڻون
هر سفر پنهنجو ، سڻائو ٿي پوي ، جي
سونهن سندرتا جي ، ساٿين کي سڃاڻون
”سيال“ ڇو ڀٽڪون ، اسان ائين دربدر ٿي
جي ڀٽائيءَ رحه جي ته ، بيتن کي سڃاڻون.