
استاد منظور علي خان : سنڌي ڪلاسيڪل راڳ جو شهنشاه (ورسيء تي کيس ڀيٽا)
محمد سليمان وساڻ
جڏهن به سنڌي موسيقي جو ذڪر نڪرندو ته گواليار گهراڻي جي استاد ڳائڻي استاد منظور علي خان جو نالو سڀني کان مٿاهون هوندو. سنڌي ڪلاسيڪي موسيقي جو هي خانصاحب راڳي 1926ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. گواليار گهراڻو پوء شڪارپور کي ڇڏي اچي ٽنڊي آدم ۾ آباد ٿيو. پاڻ موسيقيء جي سکيا پنهنجي والد استاد جمال خان عرف جمالو خان، ان کان پوءِ استاد وسينڌو خان (محمد فقير کٽياڻ تي رکيل) کان ورتي. استاد منظور علي خان پنهنجي دور جي سڀني وڏن ڪلاسيڪي راڳن جي صحبت ۾ رهيو. جنهن ۾ پٽورڌن اوم ڪارناٿ ٺاڪر، ڊي وي پلوسڪه کان علاوه استاد بي بو خان، استاد مبارڪ علي خان، استاد مراد علي خان، استاد عاشق علي خان، استاد الله ڏنو نوناري ۽ استاد بڙي غلام علي خان شامل آهن.
استاد منظور علي خان هميشه عوامي ميڙن خاص ڪري درگاهن ۽ ميلن ۾ وڃي عام ماڻهن جي اڳيان ڳائڻ کي ترجيح ڏيندو هو. سچل سرمست ۽ شاهه لطيف ڀٽائيء جي عرس جي تقريبات سميت استاد منظور علي خان صاحب سنڌ جي هر مشهور ۽ غير مشهور صوفيءَ تي پنهنجي راڳ سان حاضري ضرور ڏني آهي. استاد منظور علي خان سڄي سنڌ ۾ هڪ مقبول ڳائڻي طور سڃاتو وڃي ٿو جنهن سنڌي موسيقيء ۾ ڪلاسيڪي ۽ عام موسيقي کي ملائي نئين انداز سان پيش ڪيو. استاد جڏهن ڳائيندو هو ته سندس سُر ۽ لئي سان گڏ سندس سرگم تي ماڻهو جهومندي نظر ايندا هئا. هن ڀٽائي سرڪار جي ڪلام، سچل جي ڪلام سان گڏ سنڌ جي صوفي شاعرن کي ڳائي گهني مقبوليت ماڻي.
استاد منظور علي خان پنهنجي راڳ ذريعي سنڌي ثقافت، تهذيب، تمندن، راڳ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو. استاد منظور علي خان لطيف سائين جي وائي کي ”ڪافي ٺاٺ“ ۾ ڳائي، سنڌي راڳ جو نئون انداز ۽ تصور پيش ڪيو. استاد هر رنگ ۾ ڳائيندو هو جنهن ۾ ڪلاسيڪل، ڪافي، غزل، ٺمري ۽ آخر ۾ خيال ۽ ترانو به استاد منظور علي خان نه رڳو شاگردن کي پاڻ گڏ ڳارائي انهن جو نالو مشهور ڪرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هو. استاد منظور علي خان موسيقيء جي دنيا ۾ پاڻ ته ملهايو پر ان سان گڏ سنڌي موسيقيء ۾ پنهنجي شاگردن استاد محمد يوسف، وحيد علي، قمر سومرو، انور حسين وسطڙو، عابده پروين، گلزار علي، دين محمد دمساز، محمد عرس ۽ محمد اڪرم، ذوالفقار علي ۽ مظهر علي جهڙا انمول موتي ارپيا. سندس باري ۾ ممتاز مرزا لکي ٿو ته :
يارن جو يار ۽ ڪچھريءِ ۾ پنھنجو وکر ساوڻ جي درياءَ وانگر نھايت فراخدليءَ سان وھائيندو ھو اھو ئي سبب ھو جو ھن جي رھاڻ ۾ ھڪ خاص قسم جو لطف ھوندو ھو. سندس آواز کان گھڻو سندس علم ھو ھو راڳ جي علم جي چئن پڳن جو اڳواڻ ھو وٽس پڪي راڳ جون اھڙيون رمزون ھيون، جو ھن ننڍي کنڊجي ڪيترن ڳائڪن وٽ نه ھيون ھو ڪافي به ان روشن سان ڳائيندو ھو، تانون،مينڍون، مرڪون ۽ پلٽا سندس ڪافي ڳائڻ وقت نمايان ھوندا ھئا شھري ٻڌندڙ ھجن توڙي ٻھراڙي جا ماڻھو راڳداري جا ڄاڻو ھجن يا بنھه اڻ ڄاڻ ھر ٻڌندڙ کائنس متاثر ٿيندو ھو.
سندس مشهور ڪلام ته اڻ کُٽ آهن پر انهن مان ڪجهه مشهور ڳايل ڪلام آهن :
1. آهيون عبديت جي اولي وو يار
2. سُڌ نه سورن جي ڪل ڪا
3. پرچن شال پنهنوار ڍوليا مارو مونسان
4. محبت لڏي وئي ملڪ مان ياراڻي يارن مان وئي
5. ڇڏ رسان مان آءُ تون يار مون کي تنهنجي سار سنڀار
6. ويندس يار مري تان مري او مٺڙا
7. آء ڪه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو
8. سڪندي ٿيڙم سال
9. انت بحر دي خبر نه ڪائي
استاد منظور علي خان کي سنڌي موسيقيء جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا ۽ حڪومت پاڪستان پڻ سال 1979ع ۾ کيس پرائيڊ آف پرفارمنس جو صدارتي ايوارڊ ڏنو. 9 سيپٽمبر 1980 ع م وفات ڪيائين ۽ ٽنڊو آدم جي قبرستان ۾ سندس مزار آهي.
